• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبلنڪ، يوفون، وارد، زونگ ۽ ٽيلينار تان بيلنس شيئر ڪرڻ جو طريقي ڪار...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
منهنجي ننڍڙي شيراز کي ضرورت هئي پنهنجي ٽيوشن ٽيچر سان ڳالهائڻ جي جيڪو دادو شهر ڪنهن ڪم سان ويل هو.. شيراز چاهي رهيوهو ته کيس ياد ڏياري ته واپسي تي سندس لاءِ اليڪٽرانڪ ڊائري به وٺيون اچي... پر منهنجي ڪال ڪرڻ تي ٻڌايائين ته اها ڳالهه ٽيچر کي پيغام بجاءِ ڪال جي صورت ۾ ئي ٻڌائڻ بهتر رهندي... ۽ ڪال لاءِ سندس جي موبائيل ۾ مطلوبا رقم موجود نه هئي...
جيئن ته شيراز کي گهربل اليڪٽرانڪ ڊائري جي تفصيلن جي ڄاڻ مون وٽ به نه هئي ۽ هوُ وڌيڪ بهتر طريقي سان پنهنجي ٽيوشن ٽيچر کي ڏَسَي سگهيو ٿي ان لاءِ مون بجاءِ سندس کي ئي ڳالهائڻ مناسب هيو ۽ ڳوٺ ۾ ايزي لوڊ شاپ به موجود نه هئي.. ان ڪري سندس موبائيل ۾ لوڊ موڪلڻ جو ڪو ٻيو طريقو گهربل هيو...
مان پنهنجي ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ واري ڪنهن دوست کي فون ڪري چئي سگهيس ٿي.. پر سوچيم ته ڪنهن کي چوڻ بجاءِ ڇو نه پنهنجي ئي موبائيل ۾ موجود بيلنس کي شيئر ڪجي... ۽ ٿوري گوگلنگ سان معلومات به حاصل ٿي چڪي.. سوچيم سموري سگنت سان معلومات کي شيئر ڪرڻ گهرجي .. متان ڪنهن سان ڪا اهڙي قسم جي صورتحال ٿي پوي...

********​

موبلنڪ (جيز) تان بيلنس شيئر ڪرڻ
پنهنجي موبلنڪ نمبر تان هيٺيون ڪوڊ ملايو
#رقم*وصول ڪندڙ جو نمبر*100*
مثال:
50#*923001234567*100*
جنهن کان پوءِ توهان کي تصديق ڪرڻ لاءِ پڇيو ويندو .. جيڪا 1 عدد کي پريس ڪرڻ سان مڪمل ٿيندي.

يوفون تان بيلنس شيئر ڪرڻ
پنهنجي يوفون نمبر تان هيٺيون ڪوڊ ملايو
#رقم*وصول ڪندڙ جو نمبر*828*
مثال:
50#*03331234567*828*
جنهن کان پوءِ توهان کي تصديق ڪرڻ لاءِ پڇيو ويندو .. جيڪا 1 عدد کي پريس ڪرڻ سان مڪمل ٿيندي..


وارد تان بيلنس شيئر ڪرڻ
پنهنجي وارد نمبر تان هيٺيون ايس ايم ايس لکي 1414 تي موڪليو
B<Space>Number<Space>Amount
مثال:
B 03211234567 50

اهڙي طرح توهان جي وارد نمبر جي بيلنس مان 50 روپيه رقم 03211234567 ڏانهن موڪلي ويندي...

زونگ تان بيلنس شيئر ڪرڻ
پنهنجي زنونگ نمبر تان ياري لوڊ تحت بيلنس شيئر ڪري سگهجي ٿو ان سلسلي ۾ هيٺيون ايس ايم ايس لکي 999 تي موڪليو
Number<dot>Amount
مثال:
03131234567.50

اهڙي طرح توهان جي زونگ نمبر جي بيلنس مان 50 روپيه رقم 03131234567 ڏانهن موڪلي ويندي...


ٽيلينار تان بيلنس شيئر ڪرڻ
پنهنجي ٽيلينار نمبر تان هيٺيون ڪوڊ ملايو
#رقم*وصول ڪندڙ جو نمبر*1*1*
مثال:
50#*03451234567*1*1*
جنهن کان پوءِ توهان کي تصديق ڪرڻ لاءِ پڇيو ويندو .. جيڪا 1 عدد کي پريس ڪرڻ سان مڪمل ٿيندي..
 
Back
Top