• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حل ٿيل آن لائين سنڌي يونيڪوڊ ڪنورٽر

ايم ايڇ جمالي

سينيئر رڪن
دوستو مان هن سوال ذريعي اسان جي ويب ڊزائيننگ جي ماهرن کان هڪ سوال پڇي رهيو آهيان...جنهن سان اميد ڪريان ٿو ته اسان جهڙن ڪافي سيکڙاٽ دوستن کي مدد ملندي.
مان اهو پيو پڇڻ چاهيان ته مون ڪجهه ڏينهن پهرين ڪجهه اردو جون آن لائين يونيڪوڊ سورس ڪنورٽر ويب سائيٽ ڳوليون....جنهن ۾ توهان مٿين باڪس ۾ جيڪو ڪجهه لکندئو ته اها تحرير هيٺ سورس يونيڪوڊ ۾ ڪنورٽ ٿي ويندي...۽ جڏهن توهان ان کي پنهنجي ڪنهن ويب سائيٽ تي ايڇ ٽي ايم ايل اهو سورس اپلائي ڪندو ته اوهان حيران رهجي ويندو ته ان تحرير ۾ استعمال ٿيندڙ مثال طور اردو نسلتيق فونٽ پنهنجي اصل شڪل ۾ موجود هوندو...۽ سڄي تحرير يونيڪوڊ سورس ڪاپي ڪري اوهان ڪٿي به ايڇ ٽي ايم ايل فارميٽڊ ويب سائيٽ تي رکي سگهو ٿا...
هاڻي مان اهو ئي ساڳيو سوال پنهنجي ماهر دوستن کان هتي پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا...ائين سنڌي جي لا به ڪا آن لائين يونيڪوڊ سورس ويب سائيٽ موجود آهي...جنهن سان پنهنجي مذڪوره تحرير پنهنجي پسند جي فانٽ سان سجائي ۽ ڪنورٽ ڪري پنهنجي ويب سائيٽ يا بلاگ تي رکي سگهجي... ته مان سمجهان ٿو ته پنهنجي مرضي سان سجايل فانٽ رکڻ نهايت ئي آسان عمل ٿي پوندو...
هن موضوع ۾ دوستن کان ان سوال جي جواب جو طلبگار آهيان....
 
ادا مون ته پهريون ڀيرو اوهان جي موضوع ۾ پڙهيو آهي. اڳ ۾ مونکي ان بابت ڪو به علم ناهي. جيڪڏهن توهان ان ويبسائيٽ جو لنڪ موڪليو ته آئون چيڪ ڪري ڏِسان. :)
باقي جيڪڏهن اردو جو ٺهيل آهي ته سنڌي جو به ٺهي سگهي ٿو . :)
 
ادا ان سلسلي ۾ اردوءَ ۾ ويبسائيٽون ۽ سافٽ ويئرس ته بلڪل موجود آهن، باقي سنڌي ۾ ڪم ٿوڙو پوئتي آهي، مون کي جيتري قدر ياد آهي ته سائين ذيشان رشيد جي لسٽ ۾ اهو پراجيڪٽ پڻ موجود آهي..... ڪم گهڻو آهي ماڻهو کپن
 
Back
Top