• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان به ته آهيان رڙ موهن جي...... ‎ثمي ڪي بلوچ‎

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
مان به ته آهيان رڙ موهن جي.
ثمي ڪي بلوچ


ڪڙ ڪڙ ڪڙ ڪا ڪڙ موهن جي،
مان به ته آهيان رڙ موهن جي.

اس جو نجهرو نجهرو پاڇو،
ڇانو نه آهيان بڙ موهن جي.

دل ڌرتيءَ جي ڇاتي بڻجي،
ڌڙڪي پئي ڌڙ ڌڙ موهن جي.

تاريخي قد ڪاٺ وڻي ٿو،
موهي پئي آڪڙ موهن جي.

هر اتهاس ۾ بُوءِ تُرابي،
تو ۾ مون ۾ ڇڙ موهن جي.

جرر تي ڦوٽي وانگر ناهي،
ڇو ته ثمي آ جڙ موهن جي.
 
Back
Top