اجنبين وانگي ملياسين تون ۽ مان نه رناسين نه کلياسين تون ۽ مان ساٿيا جو ڪوئي نه روپ مليو سپنا سپنا ئي رھياسين تون ۽ مان زندگئ ھئ جوئا به ھارائي آخري داء ُ ھياسين تون ۽ مان جيئن افسانو ڪو عنوان بنا تيئن اي دوست ٿياسين تون ۽ مان لڙڪ ته کوڙ وھيا وھندا ئي رھيا صرف مرڪي نه سگھياسين تون ۽ مان ڪيئن ھڪٻئي کي سھارو ڏيون ھا ھڪئي وقت ڪرياسين تون ۽ مان