تون ۽ مان

ڪاشف علي مري

سينيئر رڪن
اجنبين وانگي ملياسين تون ۽ مان
نه رناسين نه کلياسين تون ۽ مان

ساٿيا جو ڪوئي نه روپ مليو
سپنا سپنا ئي رھياسين تون ۽ مان

زندگئ ھئ جوئا به ھارائي
آخري داء ُ ھياسين تون ۽ مان

جيئن افسانو ڪو عنوان بنا
تيئن اي دوست ٿياسين تون ۽ مان

لڙڪ ته کوڙ وھيا وھندا ئي رھيا
صرف مرڪي نه سگھياسين تون ۽ مان

ڪيئن ھڪٻئي کي سھارو ڏيون ھا
ھڪئي وقت ڪرياسين تون ۽ مان
 
ڪيئن ھڪٻئي کي سھارو ڏيون ھا
ھڪئي وقت ڪرياسين تون ۽ مان

واهه ... بهترين غزل
 
Back
Top