قاسم راڄپر ناٽڪ اسان جي حقيقي زندگيءَ جي گهڻو ويجهو آهي. انساني زندگي ۽ سماج سان ان جو گهرو ناتو آهي. ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ناٽڪ جو اثر تيز ۽ دير تائين رهڻ وارو آهي. شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول پڙهندڙن جي ذهنن ۾ هڪ تصور پيش ڪندا آهن. پر ناٽڪ لفظن، ڪردارن پوشاڪ، ٺاهه ٺوهه ۽ منظر ڪشيءَ سان ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگيءَ جي ويجهو آڻي ڇڏي ٿو. سنڌيءَ جديد ناٽڪ نويسيءَ جي شروعات انگريزن جي دؤر کان ٿي. 1879ع ۾ امام بخش خادم پهرئين سنڌي ناٽڪ ’هير رانجهو‘ جو مسودو (Script)لکيو. جيڪو نه اسٽيج تي اچي ڊرامي جي صورت اختيار ڪري سگهيو ۽ نه وري شايع ٿي مطالعاتي ناٽڪ بڻجي سگهيو. سنڌيءَ ۾ جيڪو پهريون ناٽڪ شايع ٿي سگهيو، اهو مرزا قليچ بيگ جو لکيل ’ ليليٰ مجنون‘ هو ۽ سکر واري ماستر هري سنگهه شايع ڪرائي پڌرو ڪيو. اهو ناٽڪ هندستاني ناٽڪ ’ليلي مجنون‘ جو ترجمو هو. مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڏا ناٽڪ لکي، سنڌي وڏي ناٽڪ پختو بنياد فراهم ڪري چڏيو. مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ بي شمار وڏا توڙي ننڍا ناٽڪ تخليق، اُلٿو ۽ ترجمو ڪري، سنڌي ادب جي هن اهم ترين صنف کي مالا مال ڪيو. مرزا قليچ بيگ کانپوءِ هن ميدان ۾ ڪوڙي مل چندن مل پير پاتو، سندس پهريون ناٽڪ ’ رتنا ولي‘ سنسڪرت ناٽڪ جو ترجمو هو. جيڪو 1888ع تي رتن ساهت منڊل پاران شايع ڪرايو ويو. ايستائين سنڌ ۾ ڪابه ناٽڪ منڊلي برپا نه ٿي هئي. سنڌيءَ ۾ اسٽيج تي پهريون ناٽڪ ماستر ڄيٺانند کلڻداس ڀريائيءَ جو ’ نل دمينتي‘ آيو. جيڪو ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچيءَ پاران 1894ع ۾ پيش ڪيو ويو. سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪو ناٽڪ مرزا قليچ بيگ جو لکيل ’ بڪاولي‘ هو، جيڪو ساڳئي سال ماستر هري سنگهه سکر مان شايع ڪيو. اهو به صرف مطالعاتي ناٽڪ هو، جو اسٽيج تي نه اچي سگهيو. سنڌيءَ م ننڍي ناٽڪ يا ايڪانڪي (One Act Play) جو باني به مرزا قليچ بيگ آهي. جنهن 1895ع ’ لوڀي ۽ ٺوڳي‘ لکيو. سندس اهو پهريون ناٽڪ هو، جيڪو رنگ منچ تي آيو ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ پاران ڏيکاريو ويو. سنڌ ۾ 1880ع کان 1920ع تائين وڏن ناٽڪن جو عروج رهيو. چاليهن سالن جي ان مدي دوران جتي ٻين ٻولين جي ناٽڪن جي ترجمي، اُلٿي جو زور رهيو اتي 1920ع کان سنڌيءَ ۾ اصلوڪن ناٽڪن جو زور وڌيو. اهو دؤر حقيقت نگاريءَ وارن ناٽڪن جو هو. جنهن ۾ تنهن دؤر جي سماجي خرابين ۽ ڏاڍاين کي وائکو ڪيو ويو، پر انهنجي خلاف وڙهڻ، منهن مقابل ٿيڻ سان گڏ بنيادي انساني حقن جي حفاظت لاءِ ڪردار خلقيا ويا.نه ته ان کان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ننڍا ناٽڪ شايع ٿيا يا منچ تي آيا نه ته سڀ وڏا ناٽڪ ڏيکاريا ويا يا شايع ٿيا. ان زماني ۾ ننڍا ناٽڪ ليلا رام سنگهه، ڪوڙي مل چندن مل، ڏيئو مل گاگن سنگهه آڏواڻي،لعل چند امر ڏنو مل، ڪشنچند بيوس، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، چانڊو مل کتري، ديوان ٺاڪرداس، خانچند درياڻي ۽ ليلا رام ماکيجاڻي ۽ ٻين ناٽڪ نويسن جا لکيل هئا، سندن لکيل ننڍا ناٽڪ مقبول ٿيا ته وڏي ناٽڪ جو زور ٽٽندو ويو. پر تنهن هوندي به مرزا قليچ بيگ اصلوڪا وڏا ناٽڪ تخليق ڪندو رهيو. حقيقت پسنديءَ واري دؤر جي شروعات ته ڪشنچند بيوس لاڙڪاڻي کان ڪئي، پر پوءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ خانچند درياڻيءَ جا لکيل حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ وڌيڪ مقبول ٿيا. 1930ع ۾ سنڌي ننڍي ناٽڪ به نئين روپ ۾ سامهون آيو. جنهن کي يڪ فصلو يا ايڪانڪي طور سڃاتو ويو. سنڌي ننڍي ناٽڪ جو اهو روپ هنديءَ جي يڪبابي ۽ انگريزيءَ جي (One Act Play)جهڙو ئي هو. فني توڙي عملي حوالي سان حقيقت جي گهڻو ويجهو هو. ان نئين انداز جو باني منگها رام ملڪاڻي هو. هن سنڌي ننڍي ناٽڪ کي جيڪو عروج ڏنو، اهو ڪنهن ٻئي جي حصي نه آيو. پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ جو جنم 24 ڊسمبر 1896ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ اُڌارام شيوڪرام خدا آبادي عامل زميندار هو. حيدرآباد جا خدا آبادي عامل هن شهر جو پايو وجهندڙن مان هئا. سنڌ جي هندن جي تاريخ لکندڙ ڀير مل مهر چند آڏواڻي سندس حسب نسب بابت لکي ٿو ته” حيدرآباد ۾ ملڪاڻين جون ٻه آڪهيون آهن. هڪڙن ملڪاڻين جي نک اروڙا آهي. جي رائچند ملڪاڻيءَ جو اولاد آهن. ٻي نک درڙي آهي. حيدرآباد ۾ سندن علائقو ملڪاڻي گهٽي سڏجي ٿو. درڙي نک، وارن ملڪاڻين جو وڏو ڏاڏو ’ملڪ مل‘ هو“. منگها رام ملڪاڻيءَ جي ڏاڏاڻي خاندان مان ديوان صاحبراءِ جو پٽ منشي آواتراءِ ملڪاڻي، مير صوبدار خان جو مالياتي وزير هو. 1843ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي. تنهن وقت ميرن جو خزانو حيدرآباد واري قلعي ۾ هو ۽ خزاني جون چاٻيون منشي آوتراءِ وٽ هيون. انهيءَ سبب سر چارلس نيپيئر ملڪاڻي گهٽيءَ به ويو هو. هن منشي آوتراءِ کان ڪنجيون گهريون پر هن انڪار ڪيو ته هو ميرن جي حڪمن کانسواءِ چاٻيون سندس حوالي نه ڪندو. جنهن تي هو واپس هليو ويو. آواتراءِ ميرن کي ايترو ته ويجهو هو ، جو کيس ميرن جي گهرن جي ڏيڍيءَ وٽ بيهڻ جي اجازت هوندي هئي. منشي آواتراءِ ميرن جي صاحبيءَ کانپوءِ چارلس جي زور ڀرڻ تي کيس حڪومتي معاملن ۾ صلاحون ڏنيون هيون. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي اڳتي هلي لکي ٿو ته ” انهيءَ خاندان جي گدو مل جو فرزند ديوان مولچند آهي.مولچند کي ٻه پٽ ديوان هر راءِ ۽ ديوان ميارام، جنهن جو فرزند ديوان ڪشنچند هو. ان جو پٽ ديوان شيوڪ رام ڪشنچند هو. ديوان شيوڪ رام جو مربي فرزند ديوان اڌارام 1869ع ڌاري ڄائو هو. مئٽرڪ پاس ڪري، ميڊيڪل ۾ گهڙيو، مگر تندرستي نه هئڻ سبب سگهو ئي پڙهڻ ڇڏي ڏنائين.هو 1928ع ۾ ديهانت ڪري ويو“. شوڪت حسين شوري موجب، منگهارام جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ هو ته کيس ناٽڪن ۾ ڳائڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو. هو بمبئي يونيورسٽي پاران ورتل مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي سنڌ اندر چوٿون نمبر آيو ۽ پنهنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر بيٺو، جنهن تي کيس 25 رپيا انعام مليو. انهن پئسن مان هن 17 ڪتاب خريد ڪري اچي پنهنجي گهر ۾ لائبريري ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. منگهارام ڪراچيءَ ۾ اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هو ڪاليج ۾ تعليم سان گڏ ڊبيٽنگ، راڳ، ناٽڪ، ادب ۽ راندين ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو. ملڪاڻي صاحب، مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ ۾ زنانو ڪردار ادا ڪيو هو. سندس شادي ڪاليج ۾ پڙهائي دوران پيءُ جي زور ڀرڻ تي ٿي. هن 1919ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو. سندس خانداني زمينداري ٽنڊي محمد خان ۾ هئي. پنهنجي پيءُ جي ضعيف عمر سبب هن زمينداري سنڀالي. هن چار پنج سال زمينداري ڪئي. منگهارام ملڪاڻيءَ جي علمي، ادبي ۽ خاص طور تي ناٽڪن سان دلچسپيءَ سبب کيس پهريائين ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ انگريزي فيلو ڪري رکيو ويو.پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ جو مضمون انگريزي هو. جيڪو ڊي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندو به هو. تڏهن اُتي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ لعل چند امر ڏنو مل سنڌيءَ جا استاد هئا. پر ”سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءَ ۽ سندس ادبي پورهئي کي ڏسي ڊي جي ڪاليج جي پرنسپال بٽاڻيءَ کيس انگر يزيءَ سان گڏ سنڌيءَ جو نائب پروفيسر مقرر ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ پروفيسر ملڪاڻي پنهنجن ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ بمبئي لڏي آيو. اتي جئه هند ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ۽ شعبي جو اڳواڻ مقرر ٿيو. ادب سان هن جي دلچسپيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن ورهاڱي وقت ماڻهو جان بچائڻ ۾ پورا هئا ته هن کي پنهنجي گهر، ملڪيت يا ڪنهن ٻي شي جو فڪر نه هو، پر هو پنهنجي ڪتابن ۽ ادبي پورهئي جي حفاظت لاءِ فڪرمند هو. هن کي ڪتاب ايترا ته عزيز هئا جو هو ، ڳوڻيون ڀرائي هندستان کڻي ويو. سنڌ ۾ ناٽڪ رڳو تفريح لاءِ نه پر تعليمي ۽ اصلاحي مقصدن لاءِ رچايا ويندا هئا، انهن جي سرپرستي تڏهوڪا وڏا عالم، اديب، ڊاڪٽر، پروفيسر، جج، استاد ۽ واپاري ڪندا هئا. جڏهن ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ جي شاگردن لاءِ هاسٽل جي ضرورت محسوس ٿي ته تڏهن هاسٽل ٺهرائي ڏيڻ وارو ڪير به نه هو. پوءِ ڊي جي ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن گڏجي اها رٿ رٿي ته جيڪڏهن ان مقصد لاءِ ناٽڪ ڏيکاري سرنديءَ وارن کان رقم ڪٺي ڪئي وڃي ته ان سان هاسٽل لاءِ چڱو موچارو چندو جمع ٿي سگهي ٿو. ان رٿا هيٺ 1894ع ۾ ” ڏيا رام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي“ قائم ڪئي وئي. جنهن جي سرپرستي تنهن وقت جي پرنسپال ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پارسي وائيس پرنسپال بادشاهه جي اُدم ڪئي. اها ناٽڪ منڊلي بعد ۾ ” ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ“ جي نالي سان مشهو ٿي.تڏهن ملڪاڻي صاحب جي عمر اڃا ٻه سال مس هئي. منگهارام ملڪاڻيءَ ناٽڪن جي شروعات شوقيه اداڪار جي حيثيت سان حيدرآبادمان ڪئي. تنهن دؤر ۾ مرزا قليچ بيگ، ماستر ڄيٺانند کلڻداس ڀريائي، ڪوڙو مل چندن مل، ليلا رام سنگهه وطڻ مل، ڏيئو مل گاگن مل، گاگنداس آڏواڻي، ديوان ٺاڪر داس، لعل چند امر ڏنو مل، موٽو مل گدواڻي، ڪشنچند بيوس، جهمٽ مل ٿڌاڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، چانڊو مل کتري، ليلا رام ماکيجاڻي، نانڪرام ڌرمداس ۽ ٻيا وڏي ناٽڪ (Full length drama) جا وڏا نالا هئا، اهو زمانو 1880ع کان 1905ع تائين جو هو. ننڍي ناٽڪ جي پيڙهه به مرزا قليچ بيگ رکي. سندس پهريون ننڍو ناٽڪ ” لوڀي ۽ ٺوڳي“ هو، جيڪو 1895ع ۾” ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي“ پاران رچايو ويو هو. ان بعد ڪجهه ٻين ناٽڪ نويسن ننڍا ناٽڪ (ايڪانڪي) لکيا. پر سڀ کان وڌيڪ ننڍا ناٽڪ خانچند شامداس درياڻيءَ جا مشهور ٿيا. هن 1919ع ۾ پهريون ناٽڪ ” گلاب جو گل“ لکيو. جيڪو ڏيتي ليتيءَ جي خلاف هو. سندس ناٽڪن جا موضوع سماجي هئا. هو منگهارام سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهيو هو. درياڻي صاحب جي گهڻن ناٽڪن ۾ منگهارام هيرو جا ڪردار ادا ڪيا هئا. خانچند ۽ منگهارام، بزرگ اديبن لعلچند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ هيرانند آڏواڻيءَ جي ساٿ ۽ سهڪار سان 1923ع ۾ ”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئمٽڪ ڪلب“ حيدرآباد ۾ برپا ڪئي. جنهن جو مهورت رابندر ناٿ ٽئگور پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪيو. منگهارام ملڪاڻي ان تقريب کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي. ٽئگور جي شاعري ۽ سندس ناٽڪ ”چترا“ مان انگريزيءَ ۾ هڪ ڏيک سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جو سواد وٺائڻ لاءِ هڪ مذاقي چهچٽو (مزاحيه ايڪانڪي) به شامل ڪيو ويو. رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئمٽڪ ڪلب، اهو پروگرام اڪيڊمي اسڪول جي جيڪب هال حيدرآباد ۾ ٽئگور جي آڏو پيش ڪيو. منگهارام ملڪاڻيءَ جي چوڻ موجب ٽئگور جهڙي اعليٰ هستيءَ جي اڳيان ڪلچرل پروگرام ڏيکارڻ لاءِ جگر کپندو هو. پردو مٿي کڄو ته پوءِ ڇا ٿيو، ان جي منگهارام کي ڪا خبر نه پئي. اسم پٺيان اسم ٿيندو رهيو ۽ هال ۾ تاڙين جو ڦهڪو پوندو رهيو. ٻئي ڏينهن ڄيٺمل پرسرام، منگهارام کي نياپو موڪليو ته ٽئگور توسان ۽ ٽهلرام آڏواڻيءَ سان ملڻ چاهي ٿو. ٽهلرام ناٽڪ ۾ زنانو ڪردار ادا ڪيو هو. ٽئگور ٻنهي جي ڪم جي ساراهه ڪئي ۽ کين پاڻ سان گڏ نيرن به ڪرائي. ڪچهري ڪندي گرديو کين چيو ته، ’ اوهان جو سنڌيءَ ۾ کلائيندڙ نقل به پسند پيم. ٻوليءَ سمجهڻ کانسواءِ به مطلب سمجهي ويس ۽ خوب کليم‘. جنهن تي کيس ڄيٺمل پرسرام ٻڌايو ته؛ ’اهو ٽُڪرو اسان جي برک ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ’ نيڪي ۽ بدي‘ مان ورتل هو‘. نيرن ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽئگور هنن سان هٿ هٿ ۾ ڏئي ٻاهر تائين ڇڏڻ آيو، ۽ حيدرآباد جي ماڻهن کان موڪلاڻي ڪندي چيائين؛ ’شال ناٽڪ منڊلي وڌي ويجهي، منهنجي آسيس اٿوَ. دنيا جي عظيم مفڪر جي واتان چيل اهي لفظ يقينن منگهارام ملڪاڻي جي اعليٰ فن لاءِ سند جو درجو رکن ٿا. ٽئگور جي هٿن سان مهورت ڪيل هيءَ ناٽڪ منڊلي، تنهن دؤر ۾ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکندي هئي. جنهن 15 سالن جي عرصي ۾ ٽيهارو کن جديد حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ پيش ڪيا. منگهارام ملڪاڻي انهن مان ڪيترن ۾ اداڪاري به ڪئي ته ڪن جي هدايتڪاري به. خانچند درياڻيءَ جي ناٽڪن جهڙوڪ ”ملڪ جا مدبر“، ”بک جو شڪار“ ۽ ”زماني جي لهر“ ۾ هن يادگار ڪردار ادا ڪيا.”درياڻيءَ جي اصلوڪي ۽ اهم ناٽڪ’ زمينداري ظلم‘ (1928ع) ۾ منگهارام هڪ پير مرد مظلوم هاريءَ، دلمراد جو ڪردار ڪماليت سان ادا ڪيو. خانچند درياڻي، بعد ۾ سنڌ ڇڏي بمبئي ۾ وڃي فلمي دنيا ۾ گهڙيو. خانچند درياڻي جي بمبئي وڃڻ سبب رابندر ناٿ ناٽڪ منڊلي کي وڏو نقصان رسيو. البته منگهارام کي فلمي دنيا پسند نه آئي، ان ڪري موٽي آيو. منگهارام ملڪاڻيءَ کي ننڍي ناٽڪ سان دلچسپي خانچند درياڻيءَ جي صحبت ۾ وڌي، اڳتي هلي هن سنڌي ننڍي ناٽڪ کي حقيقت نگاري وارو جديد ايڪانڪي (One Act Play) بڻايو. هن پهريون ناٽڪ ” قسمت“ 1927ع ۾ لکيو، جيڪو نابلاڪ جي ناٽڪ جو ترجمو هو. اهو ناٽڪ رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي پاران ڏيکاريو ويو. ان بعد 1929ع ۾ هن زئنگول جي ناٽڪ ’Melting Pot‘ جو الٿو’ايڪتا جو آلاپ‘ نالي سان ڪيو. ملڪاڻي صاحب پهريون اصلوڪو سماجي ناٽڪ ’کن جي خطا‘ 1930ع ۾ لکيو. هن 4 وڏا ۽ 34 ننڍا ناٽڪ لکيا، جنهن ڪري کيس سنڌي ننڍي ناٽڪ جي باني يا اَبي The Grand Old Man of Sindhi Plays’‘ جو اعزاز مليو هن گهڻي ۾ گهڻا ناٽڪ سنڌ ۾ لکيا، هتي سندس ناٽڪن جا ٻه مجموعا شايع ٿيا. جن مان 1937ع ۾ شايع ٿيل پهرين مجموعي ”پنج ننڍا ناٽڪ“ ۾ سندس پنج ناٽڪ ’پاپ ڪين پڃ‘، ’ ٻه باهيون‘، ’ ٽي پارٽي‘، ’ پريت جي ريت‘ ۽ ’ بٽئي‘ شامل هئا. 1938ع ۾ شايع ٿيل سندس مجموعي ” پنگتي پردا“ ۾ هن جا چار ناٽڪ ’ ليڊيز ڪلب‘، ’ اڪيلي دل‘، ’ ٻي زال‘ ۽ ’ ٻه ڀينر‘ شامل هئا.جڏهن ته ورهاڱي کانپوءِ سندس ناٽڪن جا پنج مجموعا شاعي ٿيا. جيڪي هن ريت آهن. (1). جيون چهچٽا ’ 1957ع‘، (2). پاپ ڪين پڃ ’1960ع‘ (3). کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن ’1967ع‘، (4). آخرين ڀيٽ ’1975ع‘ ۽ (5). سمنڊ جي گجڪار ’1979ع‘ . 1930ع کان 1943ع تائين سنڌ ۾ سندس 24 ناٽڪ شايع ٿيا. جڏهن ته سندس اڪثر ناٽڪ منچ تي ايندا ويا. منگها رام ملڪاڻي شيڪسپيئر جي ان قول جو حامي هو ته ’ ناٽڪ زندگيءَ جي آرسي آهي‘. سندس حقيقت نگاريءَ وارا ننڍا ناٽڪ نه رڳو سندس شخصيت، گهر ڀاتين، مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن جي ذاتي ڪهاڻين تي مشتمل هئا. جن کي هن وڏي دليريءَ سان ڏسندڙن آڏو پيش ڪيو. هن تخليقي معاملي ۾ ڪنهن سان ڪابه رعايت نه ڪئي. سندس ناٽڪن جا گهڻا موضوع سندس ڄاتل سڃاتل هئڻ ڪري حقيقي نظر اچن ٿا. هن ذاتي، گهريلو، سماجي ۽ قومي اوڻاين کي وائکو ڪيو. هن جو ناٽڪ چڪڻ ۾ ڦول (1967ع) هڪ وئشيا جي موضوع تي آهي. جيڪو هن پنهنجي جهوني استاد ۽ دوست آئل مل ٿڌاڻيءَ جي زندگيءَ جي هڪ باب کان متاثر ٿي لکيو آهي. ملڪاڻي صاحب جا ورهاڱي کان اڳ لکيل ناٽڪ گهڻو تڻو سماجي اوڻاين کي وائکو ڪرڻ وارا ۽ ورهاڱي کانپوءِ وارا ناٽڪ انسان جي اندر جي نفسياتي پيچيدگين جي موضوع تي آهن، هن جا ناٽڪ سماجي خرابين کي وائکو ڪرڻ جي حوالي سان وڏي اهميت وارا آهن، جيڪي هندستان ۾ ته ايڪڙ ٻيڪڙ پيش ٿيندا رهن ٿا، پر سنڌ سندس ناٽڪ ’ ٽي پارٽي‘ 1980ع ۾ سنڌي ناٽڪ صديءَ جي موقعي تي ڏيکاريو ويو هو. سنڌ ۾ ٽيلي ويزن ناٽڪن جي مقبوليت سبب اسٽيج ناٽڪن جو زور ٽٽي ويو آهي. جيڪي ناٽڪ پيش به ٿين ٿا، انهن ۾ سنجيدگيءَ جو ڪو پهلو نه هوندو آهي، پر اهي مزاحيه چهچٽا هوندا آهن، جن جو مقصد ڪو اصلاحي پيغام ڏيڻ نه پر ڏسندڙن جي دل وندرائڻ لاءِ کين کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهڻ هوندو آهي.تازو ڪراچيءَ ۾ آرٽس ڪائونسل پاران سنڌي ناٽڪ کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اهو سلسو اڳتي وڌڻ گهرجي. ٻيو ته ملڪاڻي صاحب جا ناٽڪ ٽيلي ويزن تي ڏيکارڻ جي پوري صلاحيت به رکن ٿا. ان طرف ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي.جيئن سنڌ ۾ اسٽيج ناٽڪن جو فن پورو ٿي چڪو آهي، ساڳئي ريت ٽيلي ويزن ڊرامن مان به اصلاحي پهلو ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو آهي، هاڻي ڊراما مڪمل طور ڪمرشل ۽ بي مقصد ٿي چڪا آهن. تنهنڪري ضررت ان ڳالهه جي آهي ته ڊرامن کي وندر بدران سماجي خرابين جي اصلاح جو واهڻ بڻايو وڃي، جيڪو ڊرامي جو اصل مقصد آهي. پروفيسر ملڪاڻي انڊيا ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌيت جي هلچل ۾ هڪ رهبر طور ڪم ڪيو. اها هلچل بمبئي جي ”سنڌي ساهت منڊل“ طرفان 1949ع کان شروع ٿي هئي. سنڌي ساهت منڊل سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي جيئارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. هن جي رهبريءَ هيٺ سنڌي ساهت منڊل سنڌي ناٽڪ کي ٻيهر جيئارڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي ٻين ٻولين جيان سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ شروعاتي جدوجهد به سنڌي ساهت منڊل ڪئي هئي. 1956ع ۾ ايشيا جي ليکڪن جي ڪانفرنس جيڪا دهليءَ ۾ ٿي هئي، ان ۾ سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌي اديبن ۽ عالمن جي وفد ڀارت جي تڏهوڪي صدر ڊاڪٽر راجيندر پرساد سان ملاقات ڪري سنڌيءَ کي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊيول ۾شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. نيٺ 10 اپريل 1976ع تي ڀارت جي سنڌين جو اهو مطالبو تسليم ٿيو ۽ سنڌي ٻولي ڀارت جي آئين جي اٺين شيڊيول جو حصو بڻجي وئي. پروفيسر ملڪاڻي 13 سال ان جو صدر چونڊبو رهيو، جيستائين هو ڪاليج مان رٽائر ڪري پنهنجي پٽ وٽ ڪلڪتي ۾ وڃي رهيو. پروفيسر ملڪاڻي آخري گهڙيءَ تائين سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهيو. هن 84 ورهين جي ڄمار ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو