• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جڏهن مان نه هوندس : امر جليل

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jbzgWfDtrPSs5Z.jpg


سنڌ جي نامياري ليکڪ ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار امر جليل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1971ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ شايع ٿيو هو. جڏهن مان نه هوندس ۾ گهڻو ڪري ون يونٽ جي دور جون ڪهاڻيون لکيل آهن، اهو دور جنهن ۾ سنڌ سياسي ۽ شعوري طور اڀري پئي هئي ۽ سياستدانن سان گڏ ليکڪ ۽ اديب به اڳئين مورچي تي موجود رهيا هئا. هي دور آمر فوجي جو دور هو جنهن ۾ سنڌ جي شناخت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. لڇمڻ ڪومل جي ديهانت کانپوء سندس پهرين جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا لاء ڪراچي ۾ ٿيندڙ هڪ پروگرام ۾ امر جليل اهو اقرار ڪيو ته ”جڏهن مان نه هوندس“ اصل ۾ لڇمڻ ڪومل جي هڪ ڊرامي جو نالو هيو جنهن کان متاثر ٿيس ۽ کيس چيم ته مان اهو نالو پنهنجي ڪهاڻي ۽ ڪتاب کي ڏيڻ ٿو چاهيان ۽ ايئن لڇمڻ ڪومل مرڪندي، خوش ٿيندي کيس اجازت ڏئي ڇڏي. هي ڪتاب اسڪين ڪري اوهان سان شيئر ڪجي ٿو.


 
Back
Top