• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگي

رميش ڪمار ڪراچي

سينيئر رڪن
اڄ کان ٺيڪ 2 سال اڳ مون کي زندگي چيو ڇا خيال آ مان توڏي هلي آئي آهيان، مون چيو پهريان سنڌ امڙ جو قرض آهي اهو لاهي وٺان تـ پوءِ توسان مڌ ٻـ پيالا ڪيان ٿو.

تنهن تي زندگي مون کي چيو سنڌ امڙ جي آزادي ۽ خوشحالي وارو رستو ڪڏهن بـ نـ ڇڌجان پوءِ ڀلي ان ۾ جان هلي وڃي تـ هلي وڃي،جتي بـ ڪهاڙي وارو ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪندو نظر ايندو،جتي بـ سنڌ جي آزادي جي ڳالھ ٿيندي،جتي بـ وطن سان محبت جي ڳالھ ٿيندي،جتي بـ قرباني جي ڳاله هلندي،جتي بـ ڪو ڏيئو ٻرندي نظر ايندو،جتي بـ حق ۽ سچ جي صدا بلند ٿيندي اتي تون مونکي ياد ايندي،هاڻ پاڻ آزاد وطن جي آزاد فضا ۾ ملنداسين.



ايئن زندگي هڪ حقيقي منزل جو ڏس ڏئي مون ۾ پختگي پيدا ڪري وئي هلي ۽ مان زندگي جي ڏسيل واٽ آزاد وطن جي آزاد فضا طرف گامزن آهيان.
 
Back
Top