• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت سيد رکيل شاه صوفي القادري رحه جا واقعه ڪربلا بابت چيل بيت

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
سيد رکيل شاه بادشاه صوفي القادري رحه جا واقعه ڪربلا بابت چيل بيت.
____________________________

لکيو روز ميثاق جو ائين قلم اڙھي
علي جو اولاد سان اچي جنگ جڙي
سختي شھزادن تان وڃي ڪيئن مڙي
هيا اهي امتي آيا سڀ مِڙي
اها مصلحت وين لڙھي رکيل ڪيائون حملو مير حسين تي.

ڪري حملو مير حسين تي ڪوفين قصد ڪيو
لکيو هو اڳ جو پسڻ پوءِ ٿيو
پاڻ وڻنديون ٿو ڪري ناهي ڪونه ٻيو
اچي اوڏانهن پاڻ ٿيو نه ته ڪوفي اهي ڪير هئا.

هي هي مير حسين کي ڪوفين ڪوٺايو
ويسه به ڏيئي وچ تي تن ڊوھ اهو ٺاهيو
ڪربلا جي ميدان ۾ اچي ويرين ورايو
رکيل رب سندو رايو مڃي بيٺا ميدان ۾.

ڪربلا ۾ ڪارڻي آيا اڄ امام
سختي صبر تن جو ٻيو کڻي ڪير ڪمام
هي نظارو نينهن جو آ سمجهڻ مشڪل هام
رکيل اعليٰ تن جا شان جيڪي شائق شير شھيد ٿيا.

ڪربلا جي پڙ ۾ آل نبي آيا
توڙئون جي تقدير هئي رب سندي رايا
هلي آيو حر جنهن اڳيان ملهايا
رکيل سچي بي بي سندا ڄايا مِير پيا هن مامري.

ڪربلا ۾ ڪارڻي آيا اڄ امام
ٿيو آواز عرش تي هي ٻڌي جنگ جهان
روئڻ ٿيو راڄن ۾ مَلڪن ڪيا ماتام
رکيل موٽ مديني جا ڄام ٿيا سچا تنهنجا سپرين.

قضيو ڪربلا جو ٻُڌو جڳ جهان
زمين ٿي زاريون ڪيون رنو ڀي آسمان
اهڙو شوق رک شھيدن سان جو اعلي ٰ تن جا شان
رکيل اهي لاهي شڪ گمان وڃي سچو سڃاتم سپرين.

علي جي اولاد سان هو جوٺا ٿا جهيڙين
ڪري جلوو جنگ جو سي ويري ٿا ويڙهين
ڇڏي پاسو بهشت جو اهي دوزخ ڏي دوڙين
اهي ڦڪائي ڦيرين شاه رکيل وڃي ٿيا جماعتي يزيد جا.

فرزند علي شير جا اهي پُٺي ڏيندا ڪين
حسن مير حسين جي جنگ ٻُڌي روءِ زمين
لرزو ٿيو اڀن کي اهي تپي ٿيڙا تين
مَلڪن ۾ ماتام پيو هئي هئي حسن حسين
قادر رب ڪريم شاه رکيل پنهنجن جون پَرکان لهي.

قضيو ڪربلا جو ڪي رند سڃاڻن راز
پيالو شرابن طهورا شهيدن پيتو هي نينهن نسورو ناز
“الست بربڪم“ قالو بلي ٰ اهي ڪنين پين آواز
سي سر ڏيئي ٿيا ساز ته رکيل وڃي رسيا رب سان.

سر مبارڪ سچن جا مٿئون نيزن جا ته نشان
سڃاتائون امر رب جو اهي آل نبي اسلام
بي ادبن بي ايمان يزيدن جا جهڳا ٿيا ويران
شاه رکيل وڏا اٿم ارمان مونکي علي جي اولاد جا.

جن کي حُب حسنين جي اهو سچو ٿيندو سچ
لهندو رستو رب جو ٻيو ڪوڙ وڃائي ڪچ
جلڻ جاڳڻ جوش سان پتنگ وانگي پچ
رکيل اهو من ۾ ٻارج مچ ته ٿئين رسيلو راه سان.

_________________________
M1UxgkZ.jpg

حضرت سيد رکيل شاه بادشاه صوفي القادري رحه فتحپور گنداواه بلوچستان
( 1845_1939)
 
Back
Top