امر فياض جي فيس بوڪ وال تان ورتل (هڪ لائق عزت ۽ مان وارو ڪم) ------------------------------------ نوي جي ڳاله آهي، نواز شريف جي تازي تازي حڪومت ٿي هئي، مغل پوره ۾ هڪ ايس ڊي ايم پنهنجي عملي سميت دڪاندارن ۽ هوٽل وارن کي هٿ ٻڌي چئي رهيو هئو ته خدا جي واسطي دڪان ڀرسان روڊ تي گندگي نه ڦهلايو، اسان هي ڊٻا رکيا آهن اوهان پنهنجو ڪچرو انهن ۾ اڇلائيندا وڃو، علي الصبح ميٽروپوليٽن جون گاڏيون اهو ڪچرو پاڻ ئي کڻي وينديون. ۽ اڄ ايڏن سالن کان پوءِ قاسم آباد جي ”پڪوڙا چونڪ“ تي ٻن ٽن عمليدارن ۽ دڪاندارن جي يونين جي وڏي حاجي صاحب کي ساڻ ڪري مختيارڪار صاحب جيڪو منهن مهانڊي ۾ ڏاڍو ڀلو لڳي رهيو هئو اهو ساڳي نموني سان حيدري هوٽل جي مالڪ کي ايلاز ڪندي ساڳي لهجي ۾ ساڳي ڳاله ڪري رهيو هئو. الائي ڇو مونکي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي. ڪاش سنڌ جو هر ننڍو وڏو شهر اهڙن افسرن سان ڀرجي وڃي ۽ ائين صفائي ٿيندي رهي... مان پڪ سان چوان ٿو ته سنڌي ان ڏينهن کان سڌاري جي طرف پهرين وک کڻندا جڏهن اهي گھر جي دروازي کان ٻاهر به فهم ۽ فضيلت وارا شهري ٿيڻ شروع ٿي ويندا.
امر فياض جون سٺيون ڳالهيون .... ڪاش ايئن ٿي پوي عبدالرحيم گجراڻي صاحب جڏهن به ڪي سٽون ڪنهن ٻئي دوست جون سٺيون لڳن ته ڀلي وڌ کان وڌ شيئر ڪجن .... پر يار ان دوست جو حوالو ۽ نالو ضرور ڏيو. مهرباني ڪري هميشه لاء اها ڳالهه نوٽ ڪيو.