هن ڀيري پاڪستان جو ٽيليفون سسٽم ڪافي ماڊرن نظر آيو. هر شيءَ ڪمپيوٽرائزڊ ۽ ٿُرو سيٽلائيٽ هئي. سنڌ جا ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ ڊئريڪٽ ڊائلانگ ذريعي ڳنڍيل هئا. بهرحال پاڪستان ۾ هاڻ جتي هڪ شهر کان ٻئي ۾ فون ڪرڻ جي سهولت ٿي پيئي آهي. اتي فون جا مالڪ پنهنجي فون جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پريشان نظر اچي رهيا هئا ته متان ڪو لوڪل فون جو بهانو ڪري پري جي شهر ڏي Long Distance Call ڪري. يا ڪو اهڙو دوست مائٽ ــــــ جنهن کي جھلي نه سگھجي، پري جو فون ڪري اجائي چٽي نه وجھي. ڳوٺن ۾ رهندڙن کان وڌيڪ شهري، ٽيليفون جي ان مصيبت کان، بيزار نظر آيا ٿي ــــ خاص ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جا اهي همراه جن جا مٽ مائٽ ڳوٺن ۾ رهن ٿا. ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ سنڌي آفيسر ٻڌايو ته سندس ڳوٺ جو هڪ چڱو مڙس مهيني اڌ پنهنجن ڪمن ڪارين سان جڏهن ڪراچي ايندو آهي ته منهن ڏسڻ/ ديدار ڪرڻ/ يا حاضري ڀرڻ جي بهاني سان مانيءَ جي چٽي وجھندو آهي ته وقت جو زيان الڳ ڪندو آهي. پر سڀ کان وڌيڪ سورن ۾ وجھندڙ سندس ڳالهه اها آهي ته جيترو وقت وهندو آهي رکي رکي فون کي پيو دٻيندو آهي. فون ڏسي پوءِ سندس آڱريون هڪ هنڌ نٿيون بيهن. ضرورت هجي يا نه پر ڪراچيءَ جي مڙني واقفڪارن کي پنهنجي آمد جو اطلاع پيو ڪندو. واقفڪار وري ڪهڙا. ڪنهن حجام کان وار لهرائين ته ان جو به فون نمبر ڊائريءَ تي لکي ڇڏيندو. ڪنهن دڪاندار کان ڪا شيءِ ورتائين يا بس ۾ ڪو ڪراچيءَ جو همراه مليس ۽ ساڻس عليڪ سليڪ ٿي معنى ٻي دفعي ڪراچي پهچي ان کي به فون ڪرڻو آهي. ۽ انهن ڪراچيءَ جي فونن جي وچ ۾ ــــــــ يعني لوڪل ڪالس جي وچ ۾ هڪ ٻه سکر روهڙي (سندس ڳوٺ) به فون ڪري رهندو آهي. ”ان وقت مونسان حالت هوندي آهي“، سرڪاري آفيس ۾ سڪي پگھار تي نوڪري ڪندڙ هن آفيسر ٻڌايو، ”دل چوندي آهي ته هٿ مان فون کڻي ڦرائجيس پر اکين جو شرم ماريندو آهي. دل ئي دل ۾ پيو دعائون گھرندو آهيان ته ڳالهه جھٽ ختم ڪري جئين ميٽر تي گھڻو بل نه چڙهي. پر چوندا آهن جيڪو فون تي پيو ڳالهائيندو آهي ان کي وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيندو آهي. اڌ ڪلاڪ ڳالهائڻ بعد به لڳندو ڄڻ منٽ ٻه لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي. سو هي همراه به ڳالهائڻ بعد هر وقت چوندو آهي: ’ادا معاف ڪجانءِ. مڙيئي منٽ ٻه لاءِ خبر چار ٿي لڌم‘. ۽ وري خبر چار به ڪا اهم هجي ته به ٺهيو. ’ابا فلاڻا خوش آهين؟ ڪهڙو حال آهي سکر جو؟ گرمي ڀلا ڪئين آهي؟ صبح جو نڪرڻ مهل ته اهڙي ڪانه هئي. هتي ڪراچيءَ ۾ ته لئه لڳي پيئي آهي . . . . ڀلا من! هڪ ته قرب ڪر . . . . . اسان واري نينگر کي سڏ ڪجانءِ ته آئون ساڻس ڳالهايان . . . . .‘ ۽ پوءِ جيسين سندس پاڙي وارو سندس گھر ڪڙا هڻي پٽينس کي وٺي اچي تيسين رکي رکي مونکي چوندو رهندو آهي: ’سائين دل ۾ ته ڪونه ٿا ڪريو نه؟ مهرباني. بس اهي ئي ته توهان جا قرب آهن جيڪي ڇڪين ٿا.‘ وغيره وغيره. ۽ پوءِ، آئون ڪهڙو ڪارو منهن ڪريانس ته مون غريب جو اڌ پگھار ته ائين ئي ناس ٿي ويو. ۽ فون مون هڻايو آهي پنهنجي سک ۽ مجبوري لاءِ نه پاڻ کي ڪنگال بنائڻ لاءِ. اندر ئي اندر پيو وٽ کائيندو آهيان ته آئون پاڻ ته ’ڪراچي جو ڪراچي‘ فون به مجبوريءَ جي حالتن ۾ سوچي سمجھي ڪريان ۽ هي منهنجا ڪهڙا سڄڻ آهن جيڪي پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي. ۽ پوءِ پٽ جي پهچڻ تي ڪهڙو ”اهم“ نياپو هوندو آهي: ’فلاڻا خوش آهين نه. گھر ۾ سڀ خير آهي نه.‘ ۽ پوءِ ٻه ٽي منٽ خير عافيت وٺڻ بعد نياپو اهو هوندو آهي ته: ’آئون خير سان ڪراچيءَ بلو لائين ۾ پهچي ويو آهيان. منجھس هيڪاندي گرمي هئي جو ڀيڻانس جو ايئر ڪنڊيشنڊ خراب هو. آئون ناس جي دٻلي لٿل پهراڻ ۾ وساري آيو آهيان. اها ڪڍي هٿيڪي ڪري رکجو. پهراڻ ۽ ٻيا ميرا ڪپڙا اڄ ئي علو کٽيءَ کي ڏيئي ڇڏجو. فلاڻو فلاڻو پڇي ته چئجوس ته ڪراچيءَ آهيان. . . . .‘ ڊئريڪٽ ڊائلانگ جي شڪايت هڪ ٻئي همراه به ڪئي جنهن مڙسي ڪري فون جي خرچ کان پاڻ ته بچائي ورتو آهي پر البت سندس ڳوٺ جا دوست ۽ مائٽ ناراض ٿي پيا اٿس. ”ادا ٿيو هيئن،“ هن ٻڌايو. ”جو هڪ ڳوٺائي فون جي ڳالهه تان رسي ويو.“ ”ڪئين ــــــــــ ؟“ مون پڇيومانس. ”اسانجي ڳوٺ جو هڪ واپاري پنهنجي هٽ لاءِ سيڌو سامان وٺڻ لاءِ هونءَ جڏهن به ڪراچيءَ ايندو هو ته منهن به نه ڏيکاريندو هو. جئين ئي فون هڻايم ته اچي نازل ٿيو. ’سائين منهنجا! مبارڪون هجن فون جون. ڀلا اسان کي به ڪرڻ ڏيندا يا نه؟ ڀلي ڪر. مون وراڻيومانس. سوچيم ته اتي جو اتي ڪراچيءَ ئي ٿو ڪري. پر هن نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم. 0224 نمبر ملائي ڳوٺ ــــ ٽنڊو محمد خان جو نمبر ملايو. جتان کيس ڪراچي پهتي ٽي چار ڪلاڪ ڪي مس ٿيا هئا. سندس دڪان تي ڪم ڪندڙ ڇوڪري يا منشيءَ فون کڻيو جنهن سان شروع ٿي ويو: ’ابا گھوڙي پهتي ـــــــــــ ؟‘ ان بعد ڊگھي ماٺ. ٻي پاسي کان ڪو سندس گھوڙيءَ جو ڊگھو قصو ٻڌائي رهيو هو. ان بعد: ’ڀلا گھوڙيءَ جو گاهه پهتو ــــــ ؟‘ مون يڪدم کائنس فون ڦريندي چيو: ابا گھوڙي جو گاهه پهچي يا نه، پر ڏورانهون فون ڪري مونکي ڏوڪڙن جي هيڪاندي چٽي ته نه وجھه. منهنجو اهو چوڻ ۽ همراه سونڍجي اٿي کڙو ٿيو. مون به دل ۾ چيو ته ادا ڪاوڙجين ته ڀلي پيو ڪاوڙج. اهو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇني. ڪراچي ٿيو وڏو شهر جتي ڳوٺ کان ڪونه ڪو خريد وڪري لاءِ يا نوڪري ۽ دوا درمل لاءِ روز پيو اچي. پوءِ اچن پنهنجن ڪمن لاءِ ٿڌو ٿورو اسان تي ته ملڻ لاءِ آيا آهيون. مٿان فون جي چٽي به وجھيو وڃن ــــــــ هاڻ ’گھوڙي پهتي. گهوڙيءَ جو گاهه پهتو‘ لاءِ ڪراچيءَ کان فون پيو ٿئي. مٿين همراه وانگر رکو جواب ڏيڻ بدران ڪيترن وري ڪجھه اهڙيون اٽڪلون سٽڪلون ڪيون آهن جو نانگ به مري ته لٺ به نه ڀڄي. لعل به لڀي ته پريت به رهجي اچي. يعني ڌاريون ڪو Long Distance فون ڪري ته ٿئي ئي نه. ان لاءِ هنن فون جي تار ۾ سئچ هڻي ڇڏيو آهي جئين ان کي آف ڪرڻ سان سڄو فون ئي ڊيڊ رهي. يا فون ۾ چاٻي گھمائي زيرو ۽ نوَن جي انگن کي ڪئنسل ڪري ڇڏيو آهي جئين اهي انگ وچ ۾ ته ڊائل ٿي سگھن. پر نمبر جي شروعات ۾ نه. ياد رهي ته ٻئي شهر ۾ فون ڪرڻ لاءِ جيڪو Area-code نمبر ملائجي ٿو ان جو شروعاتي انگ ٻڙي يا نو ٿئي ٿو. جئين ته ٺٽي لاءِ 029 آهي حيدرآباد لاءِ 0221 يا 91 آهي. نتيجي ۾ شهر جو شهر ۾ فون ته ٿي سگھي پر ٻاهر نه. ڪيترن ئي ان کِٽ کِٽ کان بچڻ لاءِ فون کي ماڳهين Non-std ڪرائي ڇڏيو آهي. يعني ٻئي شهر ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڊائريڪٽ ڊائلانگ بدران ٽرنڪ ڪال لاءِ آپريٽر کي چوڻو پوي. اسان جي ملڪ جو ٽيليفون سسٽم ته ڪمپيوٽرائزڊ ٿي ويو آهي، پر الله جي فضل سان ان جو عملو ساڳيو آهي. چوڏهين چنڊ ڪو توهان کي جلد نمبر ملي وڃي نه ته ويٺا ٻاٿون کائو ۽ ڪانگ اڏايو. حرام جو نمبر ملنوَ. ”پر ان حالت ۾ به ڪي مهمان مٿي جا سور اهڙا آهن،“ لاڙڪاڻي جي هڪ دوست ٻڌايو، ”جو تيسين نٿا چرن جيسين فون نه ٿئي.“ شايد اهوئي سبب آهي جو ڪراچي حيدرآباد سکر جھڙن شهرن جي ڪيترن ئي همراهن اهو ٻڌايو ته هنن ماڳهين فون ئي پٽرائي ڇڏيا آهن ــــــ نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري. سڄي جھيڙي ۽ مصيبت جي پاڙ ئي فون آهي. دوست ناراض ٿين. وقت ضايع ٿئي، بل الڳ اچن، ان کان علاوه اهو سور ته هر وقت غلط نمبرن جي گھنٽيءَ پٺيان اٿ ويهه. نه ڏينهن جو آرام نه وري رات جو ننڊ. الطاف شيخ