فتويى يا تمثيل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪجه دوستن کي اها به خبر نه آهي ته فتوىٰ ڇا ٿيندي آ ۽ تمثيل ڇا ٿيندي آ ...جڏهن ڪو ماڻهو لکندو آ ته هو لکندي ڪن شين کي تمثيل ۾ آڻي ان لکت جو پورائو ڪندو آهي ...۽ ڪافر صرف مذهب جو انڪاري نه پر شين ،حقيقتن ۽ فطرتن جي انڪاري کي به چيو وڃي ٿو جنهن جي معنىٰ آهي انڪار ڪندڙ منڪر ...سو هن ۾ ڪهڙي قباحت آ جو دوستن کي گران ٿو لڳي ..ڪجه ته خبر پئي ته هتي اسان جا دوست هنن هندستانين جا اندروني همدرد پڻ آهن ۽ پنهنجي وجود تي وار ڪندڙن لاءِ همدردي پڻ اٿن ...هي ڪو اڄ جو نه پر هر وقت جو وير آ جيڪو پنهنجي قوم جا ترا ڪڍندڙ پيدا ٿيندا رهن ٿا....جن اسان جي ٻولي کان نفرت ڪئي جن اسان جي ڌرتي کي وڍڻ جا اعلان ڪيا جن سنڌين سان پهرين ڏينهن کا نفرت ۽ گڏهن گهوڙن جي تهذيب چيو تن کي وري به اسان جي ماڻهن جيءَ ۾ جايون ڏنيون جن هتي هندستان کان سفر صرف قبضي ڪرڻ جي ارادي سان ڪيو جن پنهنجي لاءِ اڙدو اسڪول جدا ٺاهي هن سنڌ جي يڪسانيت ۾ ڏار وڌا تن تي دوستن کي اڃان به نرمي آ پيار پاٻوه پيو اچي افسوس صد افسوس ....هي سنڌ سلامت مڪمل هڪ سنڌي ويب سائيٽ آ جنهن ۾ سنڌ جي سورن سنڌ جي تاريخ سنڌ متعلق سڀ ڪجه لکي پڙهي سگهجي ٿو جنهن ۾ اهي اصول اهي قدر اهي طريقا سڀ آڻڻ لاءِ اڻ تڻ رکڻي جنهن سان هي سنڌ سلامت ...سنڌي جي ازلي سلامتي ...دور انديشي ثابت ٿي .....باقي وس جا مالڪ آهيو ..... فقط

    هڪ سنڌ ۾ ويساه رکندڙ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو