چار سٽا ۽ ٽي سٽا

هي اڄ جا چار سٽا
____________________

نه ملڪ ۾ اصول آ
سڀ ڪو بي اصول آ
ڪو قدر نه آ هتي
زندگي فضول آ

غير سنڌ دوکو آ
دولاب هي به اوکو آ
اڃا نه سمجه آ وڌي
اڃا عقل نه سوچو آ...

هو وڃي پئي ڇو پري
آزادي ڏي جو هو سري
ڪو رڻ آ يا واري آ
جو پير ڪين ٿو چري ...


جمهوريت جي جهانسي ۾
پاپ جي هن پاسي ۾
ماڻهو ووٽ ٿو ڪري
دهشتن جي داسي ۾ ...


دوکو هلي پيو ديس ۾
ننگو لڳي پئي ويس ۾
هي فيشني فريب آ
جنهن ۾ سڀ ڪو ريس ۾

رسول بخش دائودپوٽه

هڪ ٽي سٽو
چور چست ۽ چالاڪ آ
ڀاڳيا نه جاڳيا
سنڌ سان ويل ساڳيا.....

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top