نئين سنڌ جو مجدد: سائين جي ايم سيد ۽ اڄوڪي سنڌ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    خدابخش جويو

    25 اپريل 2015 ورسيجي مناسبت سان

    نئين سنڌ جو مجدد: سائين جي ايم سيد ۽اڄوڪي سنڌ





    مٽياري سيدن منجهان ٽن شخصيتن جا سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي وڏا اثر رهيا آهن. هڪ سيد حيدر شاههسنائي، جنهن سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ مخدوم بلاول جي رهبري هيٺ ميران شاهه جونپوري سان درياهي جنگ ڪري کيس ڪابل ڀڄڻ تي مجبور ڪيو هو. ٻيو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ۽ ٽيون بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو جيڪو سنڌ جي صدين جي ساڃاهه جو اهڄاڻ سنڌ جي جديد قومي تشڪيل جي علامت ۽ سنڌ جو قومي شاعر آهي. جي ايم سيد، (سيد غلام مرتضيٰ شاه) سيد حيدر شاهه سنائي جو چوڏهون نمبر سجاد نشين هو. سندس جنم تاريخي شهر سن ۾ 17 جنوري 1904ع ۾ ٿيو. ۽ پنهنجي والد سيد محمد شاهه جو ٻيو نمبر فرزند هو. اڃا 16 مهينن جو مس ٿيو ته سندس والد کي سازش جي ذريعي خانداني جهيڙي جو رنگ ڏئي ، پهرين نومبر 1905ع تي شهيد ڪرايو ويو. سندس وڏي ڀاءُ احمد شاهه 11 مهينن کان پوءِ 29 نومبر 1906 تي وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ هن ننڍڙي سيد کان سواءِ سڄي ڪٽنب م ڪو به مرد ماڻهو نه بچيو هو. سندس سنڀال ٽن پڦين ٻن مائرن ۽ ڏاڏِي ڪئي. جن کيس لاڏ ڪوڏ جي نالي “الهه بچايو” سان سڏيو ٿي.سائين جي ايم سيد 25، اپريل 1995ع تي صبح جو چئين وڳي ڌاري جناح اسپتال (ڪراچي) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 92 سال هئي.سائين جي ايم سيد اٽڪل 35 سالن تائين قيد ۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪيون. سندس قيد جو عرصو نيلسن منڊيلا کان به ڊگهو آهي. کيس ‘ انساني حقن جي وڪيلن جي ڪميٽي’ انٽر نيشنل فورم تان “ضمير جو قيدي” قرار ڏياريو.سائين جي ايم سيد هڪ ئي وقت، آدرشي انسان، مفڪر، دانشورسياستدان، فلاسافر ۽ تاريخدان هو.سندس زندگيءَ جا ڪيترائي سياسي، فڪري ۽ نظرياتي پهلو آهن. هتي انهن جومختصر ذڪر ڪرڻ مقصود آهي، اچو ته ان تي نظر وجهون:

    پيغام سنڌ : جيئن شاهه لطيف جي شاعري، سنڌي سماج جي تاريخي شعور جي “اعليٰ ثقافتي شڪل” آهي، اهڙيءَ طرح سائين جي ايم سيد جو قومي ۽ عالمي فڪر “پيغام سنڌ” جي حوالي سان شاه لطيف جي فڪر جو تسلسل آهي.جيئن هر قوم وٽ سوچ ۽ فڪر جي حوالي سان پنهنجي، پنهنجي شناخت آهي، تيئن سنڌ جي سوڄ جي حوالي سان سنڌي قوم جي شناخت سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ نظريو آهي سنڌ جو لافاني پيغام، جيڪو هڪ تسلسل سان سائين جي ايم سيد وٽ پهتو ۽ پوءِ هن ان کي امانت سمجهي نه فقط سنڌ واسين پر دنيا تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

    [​IMG]
    آدرشي انسان: سائين جي ايم سيد پنهنجي سموري سياسي ۽ شعوري زندگيءَ ۾ مختلف مرحلن مان گذريو. مختلف سياسي جماعتن ۾ رهيو، مختلف پليٽ فارمن تي رهيو، انسان هو غلطيون ڪيائين، قبول ڪيائين. هونئن به انسان خامين کان آجو ناهي پر پنهنجي بنيادي جوهر ۽ پنهنجي بنيادي ڪردار ۾ هڪ آدرشي انسان هو.

    مفڪر: مفڪر، رڳو ڪنهن به مخصوص وقت ۽ حالتن ۾سڃاتا ۽ ياد نه ڪيا ويندا آهن. جنهن جي تخليق دائمي حيثيت اختيار ڪري سو مفڪر آهي.جڪڏهن چئجي ته فلاڻو ماڻهو شاعري ڪري ٿو، ڪو گيت لکي ٿو، سياسي مضمون لکي ٿو، فڪر ڪري ٿو، سائنسي تحقيقات ڪري ٿو، پر سندس اهڙيون ڪار گذاريون رڳو هڪ مخصوص وقت آهر آهن ته پوءِ هو مفڪر واري حيثيت ماڻي نه سگهندو. مفڪر اهو آهي، جنهن جي ڳالهه ٻولهه ، فڪر، تحقيق، علم سالن ،صدين تائين سچ وانگر نروار هجي، ايندر نسل ان مان فيضياب ٿيندا رهن ۽ روشني ۽ رهنمائي حآصل ڪن. سائين جي ايم سيد انهن عظيم ماڻهن مان هو.

    سياستدان: سياستدان ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪ عملي سياستدان ٻيو نظرياتي سياستدان. پهرين قسم جا سياستدان عارضي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري راءِ عامه جو اثر قبول ڪندا آهن. جنهن ۾ کين سٺي شهريت ملي ٿي ۽ کين نه هجڻ برابر مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهن کي ملندڙ شهريت ٿوري وقت لاءِ هوندي آهي جيڪا اڳتي هلي فنا ٿئي ٿي. ٻئي قسم جا سياستدان نظرياتي دائمي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ نظرياتي بنيادن تي جدوجهد ڪري راءِ عامه تي پنهنجو اثر ڇڏيندا آهن ۽ وقتي ڪاميابين کي قربان ڪري ڇڏيندا آهن. هو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻين مشڪلاتن ۾ گذاريندا آهن ۽ کين بعد ۾ ڪي ڪاميابيءَ جا ترورا نظر ايندا آهن، سائين جي ايم سيد جو انهن نظرياتي سياستدانن ۾ شمار ٿئي ٿو.

    سڄ ۽ حق جي جستجو: جديد سنڌ جيڪي چند وڏا ماڻهو پيدا ڪيا انهن ۾ سائين جي ايم سيد تمام اهم جاءِ ولاري ٿو. هونئن ته سندس تمام گهڻا پاسا آهن، پر سندس سياست جا محور هميشه سنڌ، سڄ ۽ حق جي جستو پئي رهيا. تاريخ ۾ هي پهريون شخص آهي جنهن نه رڳو سنڌ جي شعور سازي ڪئي پر سنڌ کي هڪ قوم هجڻ جي بشارت ڏني. هن ڄتي ڳالهه ڪئي ته “سنڌ هڪ وطن آهي، سنڌي هڪ قوم آهي”

    سائين، جي ايم سيد ماڻهن ۽ پارٽين کان مٿاهون : سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي درجي تي پهتل هو، جنهن ۾ هن جو خيال هو ته مون کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻي آهي پوءِ اها ڳالهه ڪو ٻڌي يا نه ٻڌي اهو انهن جو ڪم آهي. ماڻهو مون سان متفق ٿين يا نه ٿين پارٽي مون سان هلي يا نه هلي. سائين انهيءَ ڳالهه کان گهڻو مٿاهون هو. ان سان پارٽي گڏ هلي ها تڏهن به ٺيڪ جي نه هلي ها ته به سائين جي اها ڳالهه جاري رهي ها. سائين رڳو پارٽي جي ڪري ڪو نه ٿي هليو پر اسان جيڪي سندن پيغام ۾ يقين رکندا هئاسين، انهن کي سندن ضرورت هئي. انهيءَ ضرورت تحت اسان ٽوٽل پنهنجو لڏو سائينءَ تي لاهي رکيو هو ۽ ڪجهه نه ڪيو سين. سائين آزاد هوندو هو ته سياسي سرگرميون به ٿينديون هيون جي گرفتار ٿيندو هو ته سياسي سرگرميون به گرفتار ٿينديون هيون. جڏهن سائين هلندو هو ته تحريڪ به هلندي هئي. جنهن ڪري حڪمرانن سائينءَ کي سدائين نظربند رکيو. هاڻ جيئن ته سائين اسان ۾ ڪو نه آهي، ان ڪري اهو اسان جي امتحان جو وقت آهي ته اسان پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکون.

    [​IMG]
    سائين جي ايم سيد جو فلسفو: سيد جي فلسفي جا ٻه بنيادي نقطا آهن، (1) قوم جو تصور (2) قوم جي وصف. پهرين عظيم جنگ کان پوءِ دنيا ۾، جيڪو قوم جو تصور ڏنو ويو، نه رڳو ان کي سائين جي ايم سيد روشناس ڪرايو پر سنڌي قوم جي وصف بيان ڪري، “سنڌي قوم ” جي حيثيت کي ثابت ڪيو. قومي جوڙ جڪ لاءِ جيڪي به رستا ۽ منزلون طئه ڪرڻيون هنيون ، ان لاءِ پنهنجو سياسي نظريو تخليق ڪري، ڪتاب لکي ڏنا. پنهنجي علميت ۽ فڪر سان قوم هجڻ جا معيارن ۽ اصولن کي ثابت ڪيو. سندس لکيل ڪتاب ‘سنڌو جي ساڃاه ’ جديد سنڌ جي سياسي فڪر تي مبني آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جي حيثيت کي مختلف دورن جي ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريائين ته سنڌ ڪهڙن مرحلن مان گذري، تاريخي قوم ۽ تاريخي وطن طور زنده رهي آهي. سندس لکيل ڪتاب ‘ سنڌو جي ساڃاه ’ سنڌ جي تاريخي وجود جو اهڄاڻ آهي. مثال طور : ڪا به قوم ٻولي کان سواءِ ٿئي، اهو ممڪن ناهي. ٻولي قوم جو هڪ محور آهي. بي وطن قوم ٿي سگهي ٿي بي زبان قوم نٿي ٿي سگهي.

    [​IMG]
    سائين جي ايم سيد ڪتاب لکيو ‘ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر’ جنهن ۾ هن سمجهايو آهي ته سنڌي قوم کي تاريخ به آهي، وطن به آهي، ٻولي به آهي ۽ ڪلچر به آهي. قومن جي تاريخ رڳو اقتصادي نه پر ذهني، فطري، احساساتي تاريخ هوندي آهي. قومن وٽ اجتماعي ڏاهپ به هوندي آهي جيڪا سفر جاري رکندي آهي.

    سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ‘ پيغام لطيف’ پهريون ڪتاب آهي جيڪو لطيف سائين جي سياسي شرح آهي. جيتوڻيڪ لطيف سائينءَ جي ٻين پاسن تي ٻين ماڻهن به ڪم ڪيو آهي پر سندس سياسي شرح تي پهريون ڪم سائين جي ايم سيد ڪيو‘ پيغام لطيف’ در اصل لطيف شناسي جي حوالي سان سياسي ۽ قومي تناظر ۾ پيش ڪرڻ جو وڏو قدم آهي. جنهن مان خبر پئي ٿي ته نه رڳو سنڌ وطن آهي پر قومي تاريخ، ٻولي، ڪلچر ۽ سنڌ وٽ پنهنجو قومي شاعر پڻ آهي.

    سائين جي ايم سيد ڪتاب ‘ سنڌ جا سورما’ لکي ثابت ڪيو ته مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، دودو سومرو، سنڌ جا هيرو آهن. پاڻ نه رڳو انهن سمورين ڪوششن ۽ دليلن سان سنڌ جي شعور سازي ۽ سنڌ جي قومي وجود ۽ تشخص کي اڀارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائون پر انهن سمورن بنيادن تي قومي ڪارڪنن جي هڪ مزاحمتي قوت ٺاهيائون، جن سنڌ جي قومي مسئلن ۽ ڏکئي وقت تي روڊن تي نڪري، مزاحمتي سگهه هجڻ ثابت ڪيو. اها حقيقت آهي ته قوم جي وجود لاءِ جيڪو تاريخي عمل هوندو آهي، اهو پاڪستان ۾ شروع نه ڪيو ويو. جنهن جي ڪري قومي ٻڌي ۽ هڪ جهڙائي جو بنياد نه پيو. پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ چار قوميتون آهن. جن جي زبان، تهذيب، ثقافت ، نسلي هڪ جهڙائي ۽ جاگرافيائي حدن جي بنياد تي پنهنجي شناخت برقرار آهي. هتي شروع کان ڪوشش ڪئي وئي ته مذهب جي بنياد تي هڪ قوم جو تصور پيدا ڪيو وڃي. پر معاشي ۽ سياسي مفادن ڪري، اهي سموريون ڪوششون ناڪام رهيون آهن. پاڪستان جي پنهنجي ڪا به زبان ڪانهي، جيڪا چئني قومن کي ملائي.

    سيد جو نقطه نظر : سائين جي ايم سيد جو نقطه نظر عدم تشدد آهي، يعني سياسي جدوجهد جو پر امن طريقيڪار .جڏهن 70ع جي ڏهاڪي ۾ پوري دنيا تشدد جي شڪار ۾ ورتل هئي ۽ ليفٽ جي سياست هئي، انقلابي سياست هئي، جهاز اغوا ٿيندا هئا تڏهن به سائين جي ايم سيد چيو ته تشدد جي سياست غلظ آهي، جيڪا اسان کي پنهنجي منزل کان هٽائي ڇڏيندي. ان ڳالهه کي سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، تشدد سان حاصلات نه ٿيندي ۽ موقعي پرست قوتون جيئن قابض آهن، اهي وڌيڪ قابض ٿي وينديون.

    عدم تشدد جو مطلب آهي ته: “هٿيار بند سگهه کي اخلاقي ۽ سياسي، حڪمت عملي سان شڪست” عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته عدم تشدد بزدليءَ جو ٻيو نالو آهي. پر حقيقت ۾ ايئن ناهي. مهاتما گانڌي چوندو هو ته : “ مون کي جيڪڌهن بزدليءَ ۽ تشدد پسنديءَ ۾ چونڊ جو حق ڏنو وڃي ته آئون پڪ سان عدم تشدد پسند ڪندس. عدم تشدد وسيلي، بي هٿيار عوام زبردست هٿيارن کي شڪست ڏئي سگهي ٿو. عدم تشدد جي نظريي، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، حضرت عيسيٰ، ٽالسٽاءِ، گانڌي، خان غفار خان کان وام مارٽن لوٿرڪنگ، رابرٽ موگا، سائين جي ايم سيد ۽ نيلسن منڊيلا تائين هر هڪ کي متاثر ڪيو. “تشدد ”هميشه حاڪم ڏاڍ محڪوم ۽ هيڻي تي ڪندو آهي. هيڻو ۽ محڪوم پهرين رحم جي اپيل ڪندو آهي. پوءِ مطالبو ڪندو آهي. پر جڏهن حق گهرڻ جا سڀئي رستا بند ٿي ويندا آهن ته هٿيار کڻندو آهي. اهڙو جوابي عمل تشدد آهي. مظلوم ۽ محڪوم جي اهڙي جوابي عمل کي سامراجين “ تشدد” جو نالو ڏنو آهي. آزادي ۽ انقلاب جو حامي ڪارڪن ڪو به هٿيار نه کڻندو آهي پر ذميواري قبول ڪندو آهي، ڇو ته عدم تشدد جي اصول موجب هو چاهيندو آهي ته سندس عمل جي ڪري ٻيا بيگناهه ماڻهو اجايو تشدد جو نشانو نه بنجن..

    سائين جي ايم سيد پر اميد هو: ان جو مثال سندس ان اظهار مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو هن 12 ڊسمبر 1990 تي حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ ڪچهريءَ دوران ڪيو هو. سائين جي ايم سيد چيو ته: “ هڪڙن سياستدانن جو مقصد پئسا ڪمائي لنڊن جي بينڪن ۾ رکڻ آهي پر اسان جي سياست جو مقصد تاريخ جوڙڻ آهي. هننن جو مقصد پئسا ڪمائڻ آهي ۽ منهنجو مقصد شهادت حاصل ڪرڻ آهي. منهنجي سڄي عمر ادب ۽ سنڌي قوم جي خدمت ڪندي گذري آهي. مان پنهنجي زندگي کي درياءَ جي هڪ لهر سمجهان ٿو. ۽ اها لهر بيهي وڃڻ کي موت تصور ڪريان ٿو. چاهي مان ڦاهي جي ڦندي تي ڇو نه هجان، پر سنڌ جي آزادي ۽ ماروپئڙن جي خوشحاليءَ کان منهن نه موڙيندس. منهنجو الله ۾ ويساه آهي. باقي دنيا دوکو آهي. سنڌي قوم کي هر حال ۾ دوکي ۾ رکيو ويو، ڪڏهن اسلام جي آڙ ۾، ڪڏهن ڪميونزم جي ته ڪڏهن جهموريت جي نالي ۾. دنيا سڄو دوکو آهي. پري کان ڏسبو ته پاڻي آهي، ويجهو وڃبو ۽ ڏسبو ته رڃ آهي. عدم تشدد جو پيغام ڏيندڙ حق تي آهي، باقي دنيا ناحق تي آهي. پاڪ ئي پاڻ آهي باقي نا پاڪ آهي. حضرت عيسيٰ کي سنگسار ٿي ڪيائون ۽ چيائون ته : پٿر اهو هڻي ، جنهن گناهه نه ڪيو هجي. خانبهادر کهڙي ون يونٽ جوڙي گناهه ڪيو هو پر مون پاڪستان جوڙي ان کان به وڏو ڏوهه ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ئي نه هجي ها ته ون يونٽ ڪيئن ٺهي ها. گناهه سڀني ڪيا، ڪن ننڍا ڪن وڏا، پر مان مطمئن آهيان ته مون قوم سان هر حال ۾ نڀايو آهي ۽ مون کي قوم معاف ڪري، مون قوم مان اميد نه لاٿي آهي.قوم ضرور پنهنجن ۽ پراون جي شناس ڪندي“. ڪچهري جاري رکندي چيائين ته: 10 ڊسمبر 1990ع تي مون سان پير پاڳارو هتي حيدر منزل تي ملڻ آيوهو ان ڏينهن کيس خبر پئي ته سندس والد پير صبغتالله شاه شهيد 22 جنوري 1908ع تي جنم ورتو ۽ مون 17 جنوري 1904ع تي جنم ورتو. پير پاڳارو بزرگ آهي ۽ سياست پيو ڪري. ويٺي کان وندر ڀلي آهي. پير صاحب شينهن شير خدا آهي، وڻيس ته جي ايڇ ڪيو جو ، وڻيس ته سنڌ ۽ پاڪستان جو ماڻهو ٿئي.مون کي پنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ وس ڪرڻو آهي، ڪاميابي ۽ ناڪامي جو فيصلو تاريخ ڪندي.“خير سان وياسين ۽ خير سان موٽياسين (محاورو) منهنجي ذهن تي هر ڏينهن جو واقعو چٽيل آهي. هوشيار نظر لاءِ اهو دفتر آهي. “برگ سبز در نظر هوشيار هر وقت دفتراست” سمجهه لاءِ ورهين جا ورهيه کپن، جي هر لمحي سمجهه لاءِ مواد مهيا ڪن ٿا.“

    اتي موجود ڪنهن سائين ءَ کان سوال ڪيو ته : اوهان جي هم سفر ساٿي جو موت، اوهان تي ڪهرو تاٿر ڇڏيندو آهي؟ چيائون ته: “اهڙو عمل کيس تاريخ جو هڪ ورق چٽڻ جو دڳ ڏيندو آهي.” وري ڪنهن کانئس کان پڇيو ته: توهان کي پنهنجي مقصد جي ڪاميابي جي اميد ڪيتري آهي؟ تڏهن چيائين ته “ دنيا ۾ ڪا به شيءِ پٺتي نه ويندي، پر تبديلي (انقلاب ) ايندو آهي ۽ ارتقا ٿيندي آهي ۽ اهو عمل جاري رهندو“.

    سيد جو پيغام:سائين جي ايم سيد جو پيغام بين الاقوامي آهي. پنهنجي ڪتاب ۾ لکن ٿا ته“ سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ، اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جي لاءِ آهي.اها اسان جي بنيادي منزل آهي، اهو اسان جو رستو آهي” يعني جيڪڏهن ڪو انسانيت جو نعرو هڻي، تيستائن ان نعري جو ڪو به مطلب ناهي، جيستائين هو پنهنجي پاڙي جي ڀلائي به نٿو ڪري سگهي. ان ڪري دانش ۽ عقل جي شروعات پهرين پنهنجي پاڙي، قوم ۽ سنڌکان ٿيندي،پاڪستان ۽ پوءِ سڄي عالم جي ٿيندِي. ڇاڪاڻ ته جڏهن کان انسان پيدا ٿيو آهي، ان ڏينهن کان وٺي اڃ تائين نيڪي ۽ بدي جي جنگ جاري آهي، ڀلي سنڌ ۽ پاڪستان جي پس منظر تي بديءَ جون قوتون حاوي هجن ، پر اهو سنڌ جي ماڻهن کي طئه ڪرڻو آهي ته نيڪي جي قوتن سان گڏ بيهڻو آهي يا بديءَ جي قوتن سان.يقنن آخري فتح سنڌ جي ٿيندي ڇاڪاڻ ته ان ۾ رهندڙ ماڻهو هزارين سالن کان پر امن، روادار، صوفي مزاج جا رهندا اچن.هڪ شيءِ واضح آهي ته سنڌ جي ڪيتري به صورتحال خراب رهي آهي ته به سنڌ جي ماڻهن پنهنجي تاريخ کي بچائي رکيو آهي.

    سنڌ جي تعمير ۽ تعبير جو گيان : اڄوڪي سنڌ جا ڪهڙا سوال ۽ تقاضائون آهن؟ڪهڙي قسم جي سياست ۽ رهنمائي کپي؟ ڪهڙي قسم جو ڪارڪن ۽ ڪهڙي قسم جو سياسي اڳواڻ کپي؟ ڪهڙا دانشور ،شاعر، اديب، ڪهڙا باضمير ماڻهو ۽ ڪهڙو باشعور عوام گهرجي؟ جنهن سان سنڌ هن غلامي، ڪسمپرسي ۽ ڪمزور حالت مان نڪري، هڪ آزاد، باوقار قوم ٿي بيهي.بيشڪ سائين جي ايم سيد اسان وٽ جسماني طور تي ناهي، پر سندس فڪر موجود آهي. جنهن ۾ سنڌ جي تعمير ۽ تعبير جو گيان سمايل آهي. جيستائين سنڌ جي تعبير کي يقيني بنائڻ واري قوت اڀري تيستائن جي دور کي عبوري سمجهڻ گهرجي. ان دوران جنهن شيءِ تي ڏيان ڏيڻو آهي سو آهي “ ڪردار” .جيڪڏهن ڪو سياسي ڪارڪن صاحب ڪردار نه هوندو ته قوم ۾ پاڙ نه هڻي سگهندو. جيڪڏهن ڪو سياسي اڳواڻ باڪردار نه هوندو ۽ قوم سندس ڳالهه ٻڌي، ناممڪن آهي.جيڪڏهن ڪنهن دانشور، اديب ۽ صحافي کي پنهنجي قلم جي حرمت نه هوندي ته عوام تي اثر نه ڇڏيندو. هن وقت سنڌ ۾ اهڙي قوت ، طاقت جو توازن موجود ناهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻيو سڀ ڪجهه آهي پر “ ڪردار” جي کوٽ آهي. سائين جي ايم سيد کي ياد ڪرڻ، کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ ،سندس ڪردار کي ساراهڻ جو عملي مطلب اهو آهي ته سندس فڪر مان نتيجا اخذ ڪري، اهڙا ماڻهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون. ڇو ته جيستائين سنڌ جي سماج ۾ سياست،ادب، علمي ۽توڙي فڪري دنيا ۾ ڪردار جي شفافيت نه ايندي، تيستائين قومي سياست ۽ قومي شعور ۾ اها سگهه نه ايندي جيڪا قومن جون تقديرون بدلائيندي آهي.

    سائينءَ نظريو ته ڏنو پر ،اسان قومي وصف تي پورا لهون ٿا يا نه؟ اسان جي سياست يرغمال لڳي پئي آهي، اسان جا حق کسيل آهن. اهي ڪيئن موٽايون؟ موجوده وقت ۾ رڳو مزاحمت سان ڪجهه حاصل ٿيڻو ناهي. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته مزاحمتي طاقت سان گڏ، جهموري قوت کي به سنڌ جي حقن لاءِ استعمال ڪجي.

    سائين جي ايم سيد انسان ۽ فرد جي حيثيت ۾ ان جي سياست، ڳالهين، نظرئي، سياسي عمل سان ڪو ماڻهو اختلاف ته رکي سگهي ٿو پر ان ۾ هڪڙي ڳالهه آهي جنهن سان سمجهان ٿو ته ڪو به ماڻهو اختلاف نه ڪري سگهندو. اهو اهو آهي ته ا هو موجوده نئين سنڌ جو مجدد هو .اسان ۽ توهان جيڪو سنڌ، سنڌ ڪريون پيا، ان جو بنياد وجهندڙ سائين جي ايم سيد آهي. سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌين جي صدين جي غلامي جي سفر ۾ جيڪو پنهنجو وجود ۽ پنهنجي تاريخي حيثيت ۽ ميراث جيڪا وساريل هئي، ان سموري تاريخ کي، نئون جنم ڏئي، نئين سِرِ سِرِ جي ۽ نسلن جي آڏو جيڪو پيش ڪيو،۽ جنهن ،جنهن سائين جي پيغام کي صحيح ، معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهيو آهي، اهو سنڌ جو ٿي ويو آهي

    هن وقت پاڪستان اندر سنڌ کي ٻه چئلينج آهن (1) سنڌ جا وفاق سان ناتا ڪهڙا هجن؟ (2) پنهنجي صوبي ۾ ٻين آبادين سان ناتا ڪهڙا هجن؟ جنهن سان پنهنجي نظام اندر بهتري آڻي سگهجي؟. عام تاثر اهو آهي ته وفاق اسان جا حق ڦٻايو ويٺو آهي .پر اسان کي ڪنهن جهليو آهي ته پنهنجا اسڪول نه هلايو؟ ڪنهن روڪيو آهي ته پنهنجون اسپتالون نه هلايو؟ ڪنهن چيو آهي ته سنڌ جون زمينون تين وال ڪري ڇڏيو؟ سنڌ جي حقن کي ڦرڻ ۽ تباه ڪرڻ وارا، اسان جا نمائيندا آهن، اسان جون اسيمبليون ۽ وزير اعليٰ سميت اسان جون وزارتون آهن. اسيمبلين ۾ سنڌ جا محافظ هجڻ گهرجن. پر بدقسمتي سان اتي سنڌ جي حقن جا جهڙوڪ دشمن بڻيل ويٺا آهن. جن لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر محمد خان مجيدي چيو ته :

    هو جي ٿلها موٽا آهن

    قوم وطن جي غدارن جا،

    پوٽا ۽ پڙ پوٽا آهن.

    سنڌ جي اسپتالن ۾ وڃي ڏسو ته سڄي سنڌ جا ماڻهو تڙپن پيا. 50 سيڪڙو کان مٿي ماڻهو هيپاٽائيز جي مرض ۾ ورتل آهن. “يا بي ايماني، تيرا آسرا” جا پوئلڳ با اختياريون نقلي دوائون خريد ڪن ٿيون. ڇا ان جون قصوروار سنڌ ۾ مستقل رهندڙ ٻيون آباديون آهن؟ لهاذا وفاق سان ناتا، برابري جي بنياد تي، سياسي طور تي استوار ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ٻيون مستقل آباديون، جن جو مفاد سنڌ سان وابسته آهي، سنڌ جي مفادن کي پنهنجو مفاد سمجهن ٿا. پاڻ کي سنڌي ۽ سنڌ جو حلالي فرزند سمجهي سنڌ جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙڻ چاهين ٿا انهن کي سنڌ ڪاز لاءِ گڏ کڻي هلڻو پوندو ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ڪرڻو پوندو ته اسيمبلين ۾ باڪردار ۽ شفاف ماڻهن کي موڪلجي. اها وقت جي تقاضا آهي ته ڪرپٽ ۽ نااهل نمائيندن مان جان آجي ڪجي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي تاريخ ۾ سائين جي ايم سيد کانسواء شايد ئي ڪنهن اهڙي شخصيت جنم ورتو هجي جنهن پنهنجي سموري عمر سنڌ کي ارپي ڇڏي هجي۔ عالم ، اديب ، ليکڪ ، تنقيد نگار، محقق ۽ مزاحمتي لکڻين کانسواء سنڌ جي علحدگيء جي تحريڪ لاء پاڻ ارپيندڙ سائين جي ايم سيد جي اڄ ورسي آهي۔ سنڌ سلامت جو سمورو سٿ هن موقعي تي سائين جي ايم سيد کي سلام پيش ٿو ڪري۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو