تو کان پوءِ بادل برسيا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نجيب جروار طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2015۔

  1. نجيب جروار

    نجيب جروار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2014
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تو کان پوءِ بادل برسيا،

    نيڻ اڃارا تو لاءِ ترسيا

    شهر سڄو ٿي دشمن بيٺو

    پٿر پٿر لڱ تي برسيا.

    پل پل منهنجون پڪارون تو لاءِ

    شهر سڄي ۾ پڇائون تو لاءِ

    تو لاءِ اندر ۾ شعلا ڀڙڪيا

    تو کان پوءِ بادل برسيا.

    تنهنجو ڇا وڃڻ ٿي ويو

    شهر سڄو ڄڻ ڀسم ٿي ويو

    چئوڪ چئوڪ ۾ مون تي چرچا

    تو کان پوءِ بادل برسيا

    هاڻ حياتي ويراني ۾

    گذري ويندي ڪنهن مئيخاني ۾

    سورن جا هن مون تي سٽڪا

    تو کان پوءِ بادل برسيا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو