شمون جو ٻانگو..!!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نجيب جروار طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2015۔

  1. نجيب جروار

    نجيب جروار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2014
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    استاد دادن جي لاري ماڻهن سان ائين سٿي پئي جيئن ماناري تي ماکي جا مڻ چمبڙيا پيا هجن بس جون اندريون سيٽون رڳو ماين سان ئي ڀريل هيون فقط پڇاڙي واري سيٽ تي ڪجھ پريسن ۽ بيمار مريض ويٺا هئي، ڪجھ ٻار ۽ عمر رسيده ماڻهو بس ۾ بيٺا هئا باقي سڄي خلق خدا جي ڇت تي ڪمند جي اڙن وانگي سٿي پئي هئي، شمن به پنهنجي ٽيپو سان گڏ بس جي انتظار ۾ بيٺو هو، ٽيپو شمن جو کڙپيل قسم جو ٻانگو آهي جنهن وقت جي پهلوان پهلوان ٻانگن کي ميدان ماري مڃايو آهي ٽيپو سان شمن جو ازلي عشق هيو دنيا جي هر شئي کان وڌيڪ عزيز هيو، جڏهن گھر ۾ ان کٽي پوندو هيو ته پنهنجي پتي جو ان ٽيپو لاءِ بچائي رکندو هيو، گھر ۾ ايڏي عزت ڌن ٻائي ۽ سندس پٽن رشيد ۽ خدن کي به نه ملندي هئي جيترو خيال ٽيپو جو رکيو ويندو هيو ڇو ته ٽيپو هيو ئي ڪمال جو ويڙهيو ٻانگو، تکيون ۽ نوڪدار کڙاهون هيون جن سان هن ڪيترن ئي ٻانگن جا دوڏا ڪڍيا هيا، شير شاه جي پڙ تي ته وڏيري فقير محمد جي ٻانگي کي ٻنهي اکين سان انڌو ڪري ڇڏيو هئس، ڊگھي ۽ سهڻي چهنب، ڳاڙها ڊگھا ڊگھا کنڀ، قد بت ۾ به صفا ڳجھ ٿي لڳو، ٽيپو جي هوندي مجال آهي جو ڪو ڪتو به شمن جي ٿلي تي پير پائي. شمن روزگار ۽ ڪمن ڪارن کان صفا واندو هيو، ڌن ٻائي ۽ شمن جا ٻئي پٽ رئيس صاحب ڏني وٽ چار ايڪڙ ٻني هارپي تي پوکيندا هيا، شمون سڄو ڏينهن ميل ملاکڙن جي ڪڍ هوندو هيو، ڪٿي ڪنهن ملاکڙي جي خبر رڳو شمون جي ڪنن تي پوي پوءِ ته ٻڌندي ئي توائي ٿي ويندو هو، ماڻهو اڪثر غلط اخبرون ڏئي ماڻهو ويٺا شمن جو مذاق اڏائيندا هئا.

    بس اچي لڏندي لامندي شمون وٽ بريڪ هنيو ڪلينڊر به ٽپو ڏيندي بس جي گيٽ تان لٿو ۽ شمن کي ڇت تي چڙهڻ لاءِ چيو، شمون ٻڌندي ئي تپي باه ٿي ويو "ائي آئون ڇت تي ويهان ته گھوريو پر پنهنجي ٽيپو کي ڪيئن مٿي ڇڏيان" ڪلينڊر جان ڇڏائڻ جي ڪئي ته "چاچا نيا ٺهيو کڻي ڀلا اند چڙه"

    شمون بس جي اندر چڙهيو، اندر به ماڻهن جي وڏي ڀيڙ هئي شمن بيٺل ماڻهن کي ٺيلهيندو اندر وڃي بيٺو ئي مس ته پٺيان بيٺل وڏين شهپرن سان همراه وڏي رڙ ڪندي چيو "ڀائو شمن آهين ڇا؟" شمن اوچتو رڙ ٻڌي منجھي ويو ۽ بس جي لوڏن ۾ پنهنجي پڳڙي سنڀاليندي چيو "بروبر ڀائو شمن آهيان پر تون کي مون ڪين سنجاتو؟" همراه حيرت ۾ چيو "يار شابس ٿئي تو مون کي ڪين سنجاتو؟ سوڍل فقير جي ميلي ۾ تون واري ٻانگي مون جي ٻانگي کي دسيو هو ڀڻيان تو وارو ٻانگو شينهن مڙس هو هڪل تي وڙهيو هو"

    شمن جي چپن تي هلڪي مرڪ آئي پر وري غم ٿي وئي ۽ همراه اڳيان هٿ ٻڌندي "هائو هائو ڀائو درمحمد معاف ڪجان هڪ ته هاڻ جواڻي رهي ڪينين ٻيو وري بيمارين اچي ورايو آهي هاڻ اسان جو هافجو صفا چٽ ٿي ويو آهي"

    درمحمد بس جي جھانڪن ۾ پاڻ سنڀاليندي " نه ڀائو تنهنجو ڏوه ڪيني پنهنجي به اٺين مهيني ٻني ڪنڌي تي يا ميلي ملاکڙي ۾ ملاقات ٿي ٿئي سو پريشانين ۾ ياد نه ٿي رهي پر تون هينئر شهر ڪيئن سنبري پيو آن"

    شمن ٿڌو ساه کڻندي "يار تون کان ڪوڙ ڪيني ماڙهو ڪڏهن ڀري ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾، جواڻي ملاکڙن جي شوق ۾ گذاري ڇڏي هاڻ وڃي پيري پاڇي بچي آهي ۽ بيمارين صفا ورچائي ڇڏيو آهي ۽ ٻارن به گھر کڻي تپايو آهي ٽيپو جي پويان، مون واري ڇوري رشيد ڀڻيان صفا سير ٿي واهي مس وڃي بچايومانس سو آچر تي شهر ۾ خفتي خفتي جي ذات اچي لهندي آهي سوچيو ته ڪنهن کي ڏئي اچان ته ٽيپو ڪنهن ڪاسائي جي ور نه چڙهي"

    جيئين جيئن دادن جي لاري شهر کي ويجھي پئي ٿي تئين رش به وئي پي وڌندي بس جي اندر ته ايتري رش ٿي پئي جو تر ڇٽڻ جيتري جاءِ به نه بچي، مٿان وري گرمي جي هاءِ هئي سو هيڏي ڀيڙ ۾ شمن ٽيپو کي کڻِي بغل ۾ هنيو ته لوڏن لامن کان بچائي سگھيس.

    درمحمد شمن جي ويجھو ٿيندي ڀائو شمن ڳاله ٻڌ تون وارو ٻانگو مون ڏٺو، بروبر ويڙهو آهي رپيا پنج سئو وٺ ٻانگو ڏي مون کي.
    شمن صفا ڪاوڙجي پيو"ائي تون ڳاله ڪهڙي ٿو ڪرين پنج ۾ ته آئون ٻانگي جو کنڀ به نه ڏيان، هي ڳاله تون جي واري جا ناهي."
    درمحمد ٿورو جھڪو ٿي ويو "پوءِ آخر ڀائو شمن تون ڪيترا ٿو گھرين."

    شمن ڪجھ ڪاوڙيل لهجي ۾ "ڀائو آئون پندرنهن سئن کان رپيو گھٽ ڪين وٺندس."

    ڪجھ دير ٻئي خاموش ٿي ويا ڄڻ بس جي لوڏن ۾ ٻنهي جون زبانون ڏندن وچان ڪترجي ويون هجن ٻنهي هڪ ٻئي کي کن پل لاءِ ڏٺو ٿي وري منهن ڦيرائي ٿي ڇڏيو، درمحمد کان رهيو نه ٿيو هن وري ٽيپو جي ڳاله ڇيڙي ڇڏي، هنن جو تڪرار سڄو رستو هلندو رهيو نه درمحمد مٿي چڙهي نه وري شمن ڪجھ هيٺ لهي تان جو بس اچي شهر ۾ پهتي.... درمحمد بيقراري مان "ڀائو هاڻ تون به گھيل ڇڏ هزار وٺ ۽ ٽيپو مون کي ڏي"... شمن پنهنجي رواجي لهجي ۾ "نه ڀائو تون لاءِ ٻه سئو گھٽ ڪيا هاڻ صفا ڪونه لهندس."

    بس پنهنجي اسٽاپ تي اچي بيٺي شمن به پنهنجي ٽيپو سان هيٺ لٿو ڪجھ قدم هلندي هن ٽيپو کي پنهنجي بغل ماڻ ڪڍيو ته ٽيپو جو ڪنڌ لڙڪي پيو، شمن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي هن بيچيني مان هن کي چقاص ڪيو، جسم ٿڌو ٿي ويو ۽ ساه واري رڳ بلڪل حرڪت بند ڪري ڇڏي هئي، بس جي اندر جي ڀيڙ ۾ شمن کي پاڻ سنڀاليندي ٽيپو جو خيال نه رهيو شهر پهچڻ کان اڳ ئي هن جو ساه پرواز ڪري چڪو هو.

    درمحمد بس مان لهندي تڪڙا قدم کڻندي شمن جو پيڇو ڪيو ۽ ويجھو پهچي هڪل ڪئي "ڀائو شمن هاڻ ڪاوڙ ڇڏ ٻارنهن سئو وٺ ۽ ٻانو مون کي ڏي"

    شمن شهر وچ ۾ پنهنجا لڙڪ لڪائيندي ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو "نه ڀائو هاڻ هي ٻانگو نه وڪامندو، ٽيپو امله آهي، هن کي ڪير به خريدي نه ٿو سگھي، هي امر ٿي ويو آهي، مون لاءِ هن جي قيمت ڪارون جي خزاني کان به وڌيڪ آهي پر دنيا جي لاءِ هن جي ڪا به قيمت ناهي رهي ڇو ته اسان هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي جانورن جي قيمت حياتي ۾ ۽ ماڻهو جي مرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿي، هن ٻانگي شايد مون سان محبت ڪئي ۽ ڪنهن ٻئي جي هٿن ۾ وڃڻ کان اڳ خودڪشي ڪري ڇڏي، منهنجا ٽيپو مون کي تنهنجي وفا تي ناز آهي، ڪاش اهڙي محبت ماڻهن جي من کي به پنهنجو آکيرو بڻائي ته جيڪر هي دنيا گلدستو بڻجي پوي."

    شمن ڳورن قدمن سان آهستا آهستا هلندو ويو ۽ درمحمد ات ئي بت ٿي بيٺو رهيو ۽ گھري سوچ جي سمنڊ ۾ گوتا کائيندو رهيو ۽ شمن هن جي نظرن کان دور هليو ويو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو