ڪڏهن ڪڏهن مختصر ۽ ساديون ڪمپيوٽنگ ٽپس ڄاڻڻ جي باوجود انهن کي شيئر ڪرڻ لاءِالڳ موضوع جوڙڻ ٽپس جي مختصر هجڻ ڪري عجيب لڳندو آهي... ان ڪري هتي هڪ الڳ موضوع جوڙي سمورن سنڌ سلامت جي رڪنن کي مختصر پر اهم ڪمپيوٽنگ ٽپس شيئر ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي ته جيئن ساٿي هڪ ئي موضوع ۾ رهندي مختلف ڪمپيوٽنگ ٽپس پڙهي ڄاڻ ۽ فائدو حاصل ڪري سگهن... ان سلسلي ۾ شروعات مان پنهنجي طرفان ڪري رهيو آهيان... *********مائڪروسافٽ ورڊ ۾ تيزيءَ سان ﷺ لکڻ ڇا توهان کي خبر آهي ته مائڪروسافٽ ورڊ ۾ رسول پاڪ صلي الله عليه والسلم جن جو نالو لکڻ کان پوءِ جيڪڏهن انگريزي اکرَ fdfa لکي ڪيبورڊ تان الٽر+ايڪس (Alt+x) پريس ڪرڻ سان پاڻمرادو ﷺ لکجي ويندو آهي.. ان ڪري آئنده مختصر لکائي saw يا pbuh لکڻ بجاءِ توهان کي گهرجي ته ڏسيل مٿئين ٽپ تي عمل ڪريو جنهن سان مختصر وقت ۾ مڪمل ﷺ لکي سگهبو... نوٽ: ياد رهي ته هي ٽپ مائڪروسافٽ آفيس 2007 يا مٿي واري ورجن تي آزمايل آهي..
پنهنجو پاسورڊ اهڙو چونڊيو جو لکندي جيڪڏهن ڪو ڏسندو هجي ته به معلوم ڪري نه سگهي.. دوستن طرفان اڪثر شڪايتون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن ته سندن فيس بوڪ کاتو هيڪ ٿي ويو آهي.. يا وري لڳي ٿو سندن اي ميل ڪو ٻيو به استعمال ڪري سگهي ٿو... اهڙي صورتحال ۾ حساس دوست ته هر وقت پنهنجو پاسورڊ تبديل ڪندا رهندا آهن ... رڳو ايترو ئي نه پر ڪي ته پنهنجي ساٿي دوستن سان گڏ ويهندي به ڪمپيوٽر تي لاگ ان ان ڪري نه ٿيندا آهن ته متان سندن دوستن ڪمپيوٽر تي پاسورڊ لکندي ڏسي معلوم نه ڪري وٺي.... اهڙن حساس دوستن لاءِ مون وٽ هڪ بهترين ٽپ موجود آهي جنهن ذريعي هو اهڙو پاسورڊ رکي سگهن ٿا جيڪو لکندي جيڪڏهن ڪو ڏسندو به رهي ته معلوم نه ڪري سگهندو... جي ها.. توهان کي رڳو ڪرڻو اهو پوندو جو پنهنجي پسند جي پاسورڊ جي اڳيان ۽ پويان ڪيبورڊ تان اسپيس Space بٽڻ پريس ڪري به شامل ڪريو ايئن توهان جي پاسورڊ جي اڳيان ۽ پويان اسپيس (بظاهر خالي جڳهه جڏهن ته پاسورڊ واري جاءِ تي اضافي ٽٻڪا) شامل ٿي ويندا.. ۽ پاسورڊ لکندي ڏسندڙ معلوم نه ڪري سگهندا ته پاسورڊ ۾ ڪهڙا اکر شامل ڪيا ويا آهن..
مان ٽپس موڪليا ها پر ڪجه مسئلن جي ڪري نيٽ صفا گهٽ هلائيندو آ خير پيپر ختم ٿين پوء موضوعن جا وسڪارا هوندا
ادا مون وٽ ته ڪم ڪري پيو. سنڌسلامت ايڊيٽر ۾ ايم.بي سنڌي کي فعال ڪريو ۽ سنڌسلامت ايڊيٽر کي غير فعال ڪريو پوءِ ئي لکجندو.
پر مون مٿي نه سنڌ سلامت ايڊيٽر جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نه وري ايم بي سنڌي جو.. هي ٽپ صرف آفيس 2007 ۽ مٿي جي ورجنس ۾ ڪم ڪندي ... ان جو نوٽ مون هيٺ به لکيو آهي...!
پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ هيٺ ڏنل ٽيڪسٽ کي ڪاپي ڪري ان نالي جو فولڊر ٺاهيو... ۽ ڪمپيوٽر جي سيٽنگ سميت هر ڪا شيءَ ان فولڊر مان ڪنٽرول ڪريو... GodMode.{ED7BA470-8E54-465E-825C-99712043E01C}
ڪڏهن ڪڏهن اهڙين ويب سائيٽس تي لاگ ان ٿيڻ يا رجسٽرڊ ٿيڻ ضروري ٿي پوندو آهي .. جنهن ۾ عارضي ڪم هجي ۽ انهن تي توهان ٽرسٽ به نه ڪندا هجو... اهڙي صورت ۾ پنهنجي اي ميل ڏيڻ معنا اسپيمرز کي دعوت ڏيڻ هوندو.. ڇو ته اهڙيون ويب سائيٽس توهان جي اي ميل کي کپائي پيسا ڪمائينديون آهن ۽ اي ميل خريد ڪندڙ توهان جي اي ميل ايڊريس تي ڀانت ڀانت جون سپيم اي ميلز موڪليندا رهندا آهن... جنهن کي پڙهي ڊيليٽ ڪرڻ به هڪ وڏو ڏچو هوندو آهي... اڄ مون توهان لاءِ ان جو حل آندو آهي.. هيٺ مفت ۾ عارضي اي ميل ٺاهڻ جي سهولت ڏيندڙ ڪمپنين جي فهرست ڏجي ٿي.. جتي عارضي اي ميل ٺاهڻ بلڪل آسان آهي... توهان اها عارضي اي ميل اعتماد نه رکندڙ سائيٽ تي موڪلي سگهو ٿا.. ايسيتائين جو اها عارضي اي ميل اهڙين ويب سائيٽس تي رجسٽريشن لاءِ پڻ ڏئي سگهو ٿا.. جتان ويريفيڪشن طور موڪليل لنڪس پڻ حاصل ڪري سگهجن ٿا.. اهڙيون عارضي اي ميل هڪ هفتي تائين موجود رهڻ کان پوءِ پاڻمرادو ختم ٿي وينديون آهن... MailDrop Spamgourmet 10 Minute Mail Fake Mail Generator Guerrilla Mail ThrowAwayMail Mailinator
توهان ڪڏهن ڪڏهن نيٽ گردي ڪندي مختلف ويب سائيٽس تي پنهنجو ڪو کاتو بڻايو هجي ۽ پوءِ توهان کي اهڙي کاتي کي هلائڻو نه هجي... ته توهان کي گهرجي ته اهڙو تيار ڪيل کاتو ڊيليٽ ڪري ڇڏيو... پر ٿيندو ائين آهي ته توهان کي کوڙ سارا کاتا بڻائيندا هوندو جيڪي هڪ ئي وقت ڊيليٽ ڪرڻ آسان به ناهن هوندا ته ان سلسلي ۾ هتي هڪ ويب سائيٽ پيش ڪجي ٿي .. جتي اچي توهان مشهور سائيٽس تي ٺاهيل پنهنجا کاتا ڊيليٽ ڪري سگهو ٿا... هتي ڪلڪ ڪري ويب سائيٽ تي اچو...
ڪجهه وقت مون ساٿين کي آگاهي ڏني هئي ته ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن جون لڳ ڀڳ 50 لک اي ميل آئي ڊيز بشمول سندن پاسورڊ ليڪ ٿي چڪيون آهن.. ڇا انهن مان هڪ توهان جي به آهي.. چيڪ ڪرڻ لاءِ هن سائيٽ جو ڦيرو ڀريو...
ڪڏهن ڪڏهن ويب سائيٽ تي نيٽ گردي ڪندي توهان کي ڪا تصوير وڻي ويندي هجي ۽ توهان ان ۾ معمولي ترميم ڪري پنهنجي طرفان فيس بوڪ يا سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ چاهيندا آهيو.. ان لاءِ هميشه تصوير ڊائونلوڊ ڪري پينٽ ۾ ترميم خاطر کوليندا آهيو.. پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ان تصوير جو يو آر ايل ڪاپي ڪري پينٽ پروگرام ۾ اوپن فائيل ۾ ڏئي اها تصوير ڊائريڪٽ پينٽ پروگرام ۾ پڻ کولي سگهجي ٿي جنهن ۾ ترميم ڪري پنهنجي پي سي ۾ محفوظ ڪري سگهجي ٿي...