محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
فيس بوڪ پيج تان....
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
عرفان لُنڊ
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
تاريخ جي ڪتاب جا پنا
ڀرجي چُڪا آھن،
جن ۾ تنهنجي ڳوڙھن جا نوحا درج نه ٿي سگهندا،
بس هڪ جملو لکيو ويندو،
چٻرا، ماڻھوءَ کان ڏاڍا ٿي ويا،
ڌوٻي گهاٽ ذھني مير نٿا ڌوئي سگهن،
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
تنهنجي ڪاهلي جي بدبو
ڪوبه پرفيوم نٿو ڍڪي سگهي،
هي جيڪو وقت الڳ الڳ ٿي وڃڻ جو آھي،
هي وقت جيڪو لُھو کي شربت جيئن واپرائي ٿو،
هي وقت جيڪو آدم خور بڻايو ويو آھي،
تو انهي وقت جي پيرن ۾ گهلجڻ کي چونڊيو آھي،
رڳو افسوس اوڳاچڻ سان
ڏينهن ڪيئن ٿيندو؟
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
جاڳ جاڳ جاڳ
تنهنجي مرده گوشت جي ٽُڪرن
مان ڪي به ڪباب نه ٺھندا!
تنهنجو رت بي رنگ ٿي ويندو!
نا اُميدي جي سُريت بڻيل نسل،
جاڳ،
خدا ناهين جو توکي لاپرواهي سونهين!
جاڳ،
صدين جي ننڊ مان،
رات جي نشي مان،
جاڳ،
نا اميدي کي طلاق ڏي!
سوچن مان سُستي ڪڍ!
سنڌ ماءُ جي مٽي کي ماٿي لائي!
حقيقت جي پيشاني کي چمي جاڳ،
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!.
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
جاڳ جاڳ جاڳ
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
عرفان لُنڊ
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
تاريخ جي ڪتاب جا پنا
ڀرجي چُڪا آھن،
جن ۾ تنهنجي ڳوڙھن جا نوحا درج نه ٿي سگهندا،
بس هڪ جملو لکيو ويندو،
چٻرا، ماڻھوءَ کان ڏاڍا ٿي ويا،
ڌوٻي گهاٽ ذھني مير نٿا ڌوئي سگهن،
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
تنهنجي ڪاهلي جي بدبو
ڪوبه پرفيوم نٿو ڍڪي سگهي،
هي جيڪو وقت الڳ الڳ ٿي وڃڻ جو آھي،
هي وقت جيڪو لُھو کي شربت جيئن واپرائي ٿو،
هي وقت جيڪو آدم خور بڻايو ويو آھي،
تو انهي وقت جي پيرن ۾ گهلجڻ کي چونڊيو آھي،
رڳو افسوس اوڳاچڻ سان
ڏينهن ڪيئن ٿيندو؟
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
جاڳ جاڳ جاڳ
تنهنجي مرده گوشت جي ٽُڪرن
مان ڪي به ڪباب نه ٺھندا!
تنهنجو رت بي رنگ ٿي ويندو!
نا اُميدي جي سُريت بڻيل نسل،
جاڳ،
خدا ناهين جو توکي لاپرواهي سونهين!
جاڳ،
صدين جي ننڊ مان،
رات جي نشي مان،
جاڳ،
نا اميدي کي طلاق ڏي!
سوچن مان سُستي ڪڍ!
سنڌ ماءُ جي مٽي کي ماٿي لائي!
حقيقت جي پيشاني کي چمي جاڳ،
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!.
اي اکيون ٻوٽي روئيندڙ نسل!
جاڳ جاڳ جاڳ