• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاله ڪلاچي منجهان ڪنهن ڪوڪاريو....

ڪاله ڪلاچي منجهان ڪنهن ڪوڪاريو
______________________________
ڪاله ڪلاچي منجهان، ڪنهن ڪوڪاريو
يار ڪجه ته ٻاريو، يار ڪجه ته ٻاريو

هو هندستاني صرف فتنو آ فساد
تنهن کي لوڌي هتان، ادا للڪاريو ڪجه ته يار ٻاريو

غير سنڌي ڇو هتي اچي ويا سنڌ ۾
پيسو معيشت، جنهن آ ٻهاريو ڪجه ته يار ٻاريو

پنهنجي هستي مٽجي ٿو پيو هي وجود
ڪجه سوچ ساريو ،ڪجه ڌيان ڌاريو ڪجه ته يار ٻاريو

ڇو هن هتي رستا ويران شهر جهنگل مثل ؟
هن جي دهشت، ۽ وهشت کي ماريو ڪجه ته يار ٻاريو

سنڌ جو شهر پيو ٿو ٻاڪاري وڏو
درد جي دانهن، سورن کي ساريو ڪجه ته يار ٻاريو

مورڙي جو ماڳ مهڻا موڪلي ٿو ادا
هن جي ڪيون مالڪي، ڇو هتي ڌاريو؟ ڪجه ته يار ٻاريو

رسول بخش دائودپوٽه
 
مورڙي جو ماڳ مهڻا موڪلي ٿو ادا
هن جي ڪيون مالڪي، ڇو هتي ڌاريو؟ ڪجه ته يار ٻاريو

تمام سهڻا خيال .... اسان کي ملي مالڪي ڪرڻي پوندي پنهنجي ڀونءِ، پنهنجي ڌرتي جي
 
Back
Top