• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حجاج بن يوسف جو راجا ڏاھر ڏانھن لکيل خط حقيقت يا ؟


ڪتاب تاريخ سومره سنڌ
مصنف وزير علي
ڪتاب جي باب تيرھون ۾ لکي ٿو
حجاج بن يوسف جوخط ڏاهر جي نالي

حجاج بن يوسف عراق جي گورنر فورن سنڌ جي ڏاهر کي خط لکيو:

خط

توهان جي سردارن بيگناهه مردن، عورتن، ٻارن کي گرفتار ڪيو- ۽ جهازن تي، امير المؤمنين جي واسطي، جيڪي تحفا اچي رهيا هئا، کسي ورتا. هي جهاز سامان سميت اسان ڏانهن جلد موڪلي ڏيو ۽ بيگناهن کي آزاد ڪري، پنهنجي سردارن کي سزا ڏيندا.

سنڌ جي راجا ڏاهر جو جواب

جڏهن حجاج جو هي خط کڻي ڪري، قاصد سنڌ جي تخت گاهه الور پهتو ته: ڏاهر هي معقول ۽ شرافت آموز خط جو جواب نهايت لاپرواهيءَ سان هي ڏنو ته: جهازن کي ڦرڻ وارن تي، اسان جو اختيار نه ٿو هلي. توهان پاڻ اچي ڪري، انهن قيدين کي ڇڏرايو ۽ پنهنجو مال ۽ سامان کڻي وڃو.
 
Back
Top