ڪراچي جو ٽن ڏينهن وارو دورو پورو ڪري مان اسلام آباد هيڊآفيس وڃڻ لاءِ ايئر پورٽ پهتس. ٽيڪسي کي هتي بيهڻ جي اجازت نه هجڻ ڪري هلندڙ ٽيڪسي مان سامان سميت لهڻو پوندو آهي. مان هلندڙ ٽيڪسي مان سامان سميت لهڻ ۾ بنا ڪنهن نقصان جي ڪامياب ٿي ويس ۽ اندرون ملڪ اڏامندڙ جهازن واري دروازي وٽان داخل ٿيندي، حفاظتي چڪاس کان پوءِ بورڊنگ ڪارڊ ٺهرايم. اهي سڀ فارمل مرحلا مان تڪڙ ۾ طئي ڪرڻ جو عادي آهيان ڇو ته اندرون ملڪ اڏامندڙ پروازن جو عملو فقط سفرنامن ۾ ئي موهيندڙ هوندو آهي باقي حقيقت ان کان ڀيانڪ حد تائين مختلف آهي. گذريل ڀيري جڏهن مان جمن جھانگي کي سکر لاءِ ڇڏڻ آيس ته هو هتان جوعملو ڏسي ڇرڪي پيو، چيائين، ”نڀاڳا! ڪٿي تون مون کي ايڌي سينٽر جي لاوارث پوڙهين واري وارڊ ۾ ته نه وٺي آيو آهين !؟“ جمن جھانگي ڪتابن جو ڪيڙو آهي سياست ۽ سفرناما پڙهي پڙهي انڌو ٿي پيو آهي. هڪ ڀيري هن هڪ سياستدان کي چرچو هڻندي چيو هو ”اسان جي معاشري ۾ زال جي نظر ۾ مڙس ۽ عوام جي نظر ۾ سياستدانن جي ساک مڙيئي ساڳي آهي ۽ ان ڳالھ ۾ ڏوهه نه زالن جو آهي نه عوام جو...“ جمن جھانگي سفرنامن ۾ ايئرپورٽ جا من موهيندڙ ۽ دل باغ بهار ڪندڙ واقعا پڙهڻ کان پوءِ زندگي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو جهاز تي سفر ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيو هو پر حقيقت ڏسي هو توائي ٿي پيو بهرحال جڏهن مان کيس اهو يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته هي ايڌي سينٽر جي لاوارث پوڙهين وارو وارڊ نه ايئرپورٽ آهي ته هو سفرنامي جي ليکڪ کي سکر تائين گاريون ڏيندو ويو. ڪراچي ايئرپورٽ جون ٻه خوبيون لاجواب آهن هڪ هتان جا بڪ اسٽال ٻيو مسافرن جي رش ٻي خوبي ۾ عملي جي اوڻاين جو ڪنهن حد تائين ازالو ٿي ويندو آهي. هي پاڪستان جو واحد ايئرپورٽ آهي جتي فلائيٽ ليٽ ٿيڻ تي مسافر رنج ٿيڻ بدران خوش ٿي پوندا آهن. مان عادت موجب سڌو بڪ اسٽال تي ڪتاب ڏسڻ لاءِ پهچي ويس جتي هڪ سياسي ليڊر ڪتابن واري سان اٽڪي پئي هئي. ”ڪيون نهين هي..!“ ڪتابن واري جواب ڏنس ” ميڊم مارڪيٽ ۾ اويئل ايبل نهين تو هم ڪيا ڪرين!!!“ تنهن تي ميڊم صاحبه ذري گھٽ منهن پٽيندي چيس. ”ڪيون نهين اويئل ايبل !! مجھي بتائو ڪتني ڪاپيان چاهيين...“ مون کي لڳو ته سياست شايد سندس سائيڊ بزنس آهي. هن ايئر پورٽ تي اڪثر اهڙن وڏن ليڊرن، فنڪارن ۽ اداڪارن کي ڏسڻ جو موقعو ملندو آهي جن کي پهريون ڀيرو ڏسڻ سان يقين ئي نه ايندو آهي ته هي به اسان وانگر انسان ئي آهن. خير! مان هميشه جيان انگريزي ڪتابن کي گھوريندو پهرين اردو ۽ پوءِ سنڌي ڪتابن تائين پهتس ۽ ڪا سستي ڪتابڙي وٺي اچي لائونچ ۾ ويهي رهيس. انسان جڏهن سفر ۾ نڪرندو آهي ته دعا ڪندو آهي ته ساڻس ڪو انيويوئل واقعو نه پيش اچي خوشقسمتي سان هن ڀيري به مونسان ڪو انيويوئل واقعو پيش نه آيو ۽ ايزيويوئل مان بڪ اسٽال تان ٿي لائونچ ۾ ويٺو ئي هئس ته فلائيٽ جي ليٽ هجڻ جو اعلان ڪيو ويو. اعلان کان پوءِ سڀ رليڪس ٿي پيا ۽ پنهنجي ڌن مان نڪري ٻين ڏانهن متوجه ٿيڻ لڳا ڪجھ ماڻهو اٿي وڃي چانهه ٺاهڻ جو سامان يعني سيپريٽ ٽي وٺي آيا، ڪن سرڪار تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته ڪي وري موبائيل سان کيڏڻ ۾ لڳي ويا. منهنجي سامهون ڪراچي جي ڊفينس يا ڪلفٽن جي هڪ فيملي ويٺي هئي مان وقت گذارڻ لاءِ ان فيملي ۾ مردن ۽ عورتن جي سڃاڻپ ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ايتري ۾ ڪنهن ڄاتل سڃاتل آواز منهنجو ڌيان هٽائي وڌو ڪنڌ ورائي رن وي واري پاسي شيشي جي ديوار وٽ ڏٺم جتي هڪ همراھ موبائيل تي پئي ڳالهايو قداور جوان هو هيئراسٽائيل ۽ سوبر انداز مان ڪو پڙهيل لکيل ۽ وڏي گول مٽول پيٽ ۽ ڪاٽن جي وڳي مان ڪو وڏيرو پئي لڳو، سوچيم ويجهو وڃي آواز سان گڏ سندس شڪل شبيهه تي به غور ڪجي ته من مونجهارو لهي پوي. ”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو..!“ هن موبائيل تي ڳالهائيندي چيو ”گھٽ معني بيعزتي..! اوهان به متان مڙيا آهيو، هي عزت ۽ غيرت جو مسئلو آهي اسان کي هر حال ۾ هي سيٽ کٽڻي آهي ڀل سيد سڳوري کي به خبر پوي ته ٻروچ به سيدن جا سوٽ لڳن..!“ مون کي لڳو منهنجو اندازو ذري گھٽ صحيح ثابت ٿيو هو، جو هي سياسي وڏيرو نڪتو. اڄ اليڪشن جو ڏينهن هو ۽ سڄي ملڪ جا مسڪين ماڻهو پنهنجو ووٽ وجھڻ لاءِ سج جي ڏنڀيندڙ ڪرڻن هيٺان قطار ٺاهيو بيٺا هوندا. ”توهان هتي ٻه ٽي ماڻهو ڇڏي ٻين کي ڪهاڙين ۽ بندوقن سميت سانگي سيد جي ڳوٺ واري پولنگ تي موڪليو دشمن سان دنگل ڪبو، پوئين اليڪشن جا پلئه به اڃا تائين پراڻا ناهن ٿيا هيل سڀ ڪڍڻيون اٿئو...“ هو شايد پنهنجي ڪنهن حمايتي کي هدايتون ڏيئي رهيو هو ”چڱو هاڻي مان رکان ٿو...خبر چار ڏيندو رهجان..!“ هو موبائيل بند ڪري هيڏانهن هوڏانهن ٽهلندو رهيو. مان کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهيس هاڻي ته سندس هلڻي ۽ شڪل شبيھه به ڏٺل وائٺل پئي لڳي. هيڏانهن هوڏانهن ٽهلندي جڏهن سندس نظر مون تي پئي ته هن کلي ڏنو منهنجي لاءِ اها ڪا نئين ڳالھ نه هئي مون کي جنهن به پهريون دفعو ڏٺو اهو ضرور کليو آهي. شادي جي تاريخ ٻڌڻ لاءِ جڏهن اسان پپو جي ماءُ جي گھر ويا هئاسين ته هن کان به ٽهڪ نڪري ويو هو ۽ پوءِ جڏهن پپو کي پهريون دفعو مون پنهنجي هنج ۾ کنيو هو ته پپو به مون کي ڏسي مسڪرائڻ بنا رهي نه سگھيو هو. پر هي همراھ کلڻ سان گڏ مون ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ ويجهو پهچي ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”جگر جمي! ڪهڙا حال آهن..!!“ مار! هي ته شريف بلوچ آهي جيڪو يونيورسٽي ۾ مونسان گڏ پڙهيو ۽ جمال خان بدران مون کي جگر جمي ڪري سڏيندو هو. مون هڪ دم اٿي کيس ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا سندس وڏي ۽ گول مٽول پيٽ ناڪام بڻائي ڇڏي. شريف جي رڳو شڪل گھڻي بدلجي وئي هئي باقي لڇڻ ساڳيا هيس هن هميشه جيان منهنجي وارن ۾ آڱريون وجھي پهرين منهنجي سيند خراب ڪئي ۽ پوءِ پاسي ۾ ويهندي پٺن تي ڌڪ وهائي ڪڍيائين، ”ڏي حال احوال ! سهڻا ڪٿي آهين اڄ ڪلھه ...ڇا پيو ڪرين...ڪٿي پيو رهين..!؟“ ”پاڻ پيا پرائيويٽ ادارن ۾ ڌڪا کائون ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن ڪوئيٽه، نه نوڪري پڪي... نه ٺڪاڻو..! “ مون چيو ”تون ٻڌاءِ تون ڇا پيو ڪرين ؟“ ”توکي ته خبر آ وڏن ملڪيتن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن سو ڪم ڪار ڪرڻ جي پاڻ کي ڪا ضرورت ڪانهي...“ هن فخريه انداز ۾ چيو”هيسيتائين پئي دنيا گھمياسين ڪڏهن سنگاپور ته ڪڏهن سوئزرلينڊ، ڪڏهن انگلينڊ ته ڪڏهن آسٽريليا... اڄ ڪلھه وري سياست ۾ ڪاهي پيا هون. ٻيو مڙيئي خير!“ ”ها تنهنجي موبائيل واري ڳالھه ٻولھه مان ڪجھ اندازو مونکي به ٿي ويو هو...“مون چيو. ”ها يار! اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ گريجوئيشن واري شرط کان پوءِ بابا ته ويهي رهيو ان ڪري مون کي بيهڻو پئجي ويو“ هن پاسي کان لنگھندڙ هڪ انلائٽنڊ ماڊريٽ مائي کي گھوريندي چيو. ”پر اڄ ته اليڪشن آهي !! تون پنهنجو علائقو ڇڏي اسلام آباد ڇو پيو وڃين !؟“ مون پڇيو. ”پويان ڪنڌار ويٺا آهن ! جي سانگي سيد جي ماڻھن ڏڦيڙ وجھڻ جو سوچيو به ته.... اهڙي جٺ ٿيندن جو تر ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙا نه رهندا..!“ هن ڏند ٽيڙيندي چيو. ”ها پر پوءِ به تو کي نٿو لڳي ته توکي پنهنجي حمايتين کي ائين ننڌڻڪوڇڏي اسلام آباد نه وڃڻ گھرجي...“ مون چيو. ”تون ڪٿي صحافي ته نه ٿي ويو آهين !؟ “ هن مون تي طنز ڪندي چيو، ”اها اسان جي خانداني سيٽ آ...اليڪشن کٽيل سمجھه...!! مون کي اصل ۾ اسلام آباد هڪ خاص ميٽنگ ۾ پهچڻو آهي، ايندڙ حڪومت جي حوالي سان سانگي سيد وارن سان ڪجھه ڏئي وٺي اتحاد قائم ڪبو، جگر جمي! سياست وڏي اڻانگي راھ جو نالو اٿئي وڏا ور وڪڙ ۽ لاها چاڙها اٿس هتي رخ ۽ لاڙن جو خيال رکندي ڏسي وائسي قدم کڻڻو پوندو آهي.“ مان کيس وائڙن وانگر ڏسندو رهيس ۽ هو ڳالهائيندو رهيو ”ڇائي پائين حمايتي... ٻه ٽي مرندا ته ڏھ ٻيا پيدا ٿي پوندا... اهي ڪم پيا هلندا.. تون ڇڏ سياست جي پچر ۽ ڪا يارن دوستن جي خبر چار ڏي، ٻي سنگت ڪٿي آ...“ هن وري منهنجي پٺن تي ڌڪ وهائي ڪڍيو ۽ گڏ ئي جهاز تي چڙهڻ جو سڏ پڻ ٿيو، اسان اٿي وڃي گيٽ نمبر تيرهن کي ويجھا ٿياسين. مون تي ماٺ تاري ٿي پئي هئي ۽ جمن جهانگي جي مذاق ۾ چيل ڳالهه ۾ مونکي سچائي جي جھلڪ نظر اچڻ لڳي ته ”اسان جي معاشري ۾ زال جي نظر ۾ مڙس ۽ عوام جي نظر ۾ سياستدانن جي ساک مڙيئي ساڳي آهي ۽ ان ڳالھ ۾ ڏوھ نه زالن جو آهي نه عوام جو...“ اياز علي رند