شڪاگو جا شهيد ، سنڌ جا مزدور ۽ شهيد مائي بختاور[

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    [​IMG]
    خدابخش جويو


    مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان

    شڪاگو جا شهيد ، سنڌ جا مزدور ۽ شهيد مائي بختاور
    [​IMG]


    پهرين مئي واري ڏينهن کي مزدورن جي عالمي ڏينهن طور وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ 1880ع جي آخري ڏينهن ۾ مزدورن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد تيز ڪري ڇڏي. سڄي شهر ۾ مزدور گڏ ٿي ويا ۽ اوچتو مٿن پوليس جو حملو ٿيو. مزدورن ۽ پوليس وڇ ۾ جهڙپون ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور پنهنجي جان وڃائي ويٺا ۽ سڄو شهر رت سان ريٽو ٿي ويو، هر طرف لاشن جا ڍير ٿي ويا. انهن مزدورن جو قصور صرف اهو هو ته هنن فيڪٽرين ۾ 8 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي. سندن انهن قربانين رنگ لاتو، سرمائيدارن کي سندن مطالبا مڃڻا پيا. مزدورن جي اها قرباني امر ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ جو وقت 8 ڪلاڪ منظور ٿيو. پر اڄ تائين سنڌ ۾ تقريبن اهائي حالت آهي. جنهن حالت بدلائڻ لاءِ مزدورن شڪاگو ۾ پنهنجون قربانيون ڏنيون هنيون.

    جهڙيءَ طرح 1880 ع ۾ شڪاگو جي مزدورن جي قربانين رنگ لاتو ۽ سرمائيدار سندن مطالبا مڃيا، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ 1949ع ڌاري اڌ بٽئي هارِيءَ کي جيڪا ملي رهي آهي اها مائي بختار جي شهادت جو ثمر آهي مائي بختاور شهيد جي جدوجهد شاهه عنايت شهيد جي نعري جو کيڙي سو کائي جو تسلسل هئيبختاور شهيد: سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي ’بختاور‘، ذات جي لاشاري هئي ۽ تعلقي عمرڪوت جي هڪ ننڍڙي شهر ”ٽالهيءَ“ جي ڀر ۾ ’هئدي لاشاريءَ‘ جي ڳوٺ ۾جنم ورتو هئائين.

    . اهو ڳوٺ قاديانين جي اسٽيٽ جو حصو هو، اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ چاليهه هزار ايڪڙن تي مشتمل جاگير انگريز سرڪارطرفان 1914ع ۾ ڪعبي تي گوليون هلائيندڙ ۽ انگريزي فوج ۾ ڀرتي ٿيل پنجابي فوجين جي اُتي مارجي وڃڻ تي انعام طور عطا ٿيل هئي.

    مائي بختاور جي شهادت پسمنظر هن ريت آهي ته 1930ع ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڄيٺمل پرسرام، جمشيد نسروانجي، پروفيسر گوڪلي، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو هو.ان جي ڪم کان متاثر ٿي، ڪامريڊ حيدربخشجتوئي ، جڏهن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي ملازمت ڇڏي، سنڌ جي هارين لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته اُن هاري تحريڪ جو هڪ اهم مطالبو اهو هو ته هارين کي بٽئيءَ جو اڌ حصو ڏنو وڃي ان تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ 20 جون 1949ع تي جُهڏي (موجوده ضلعي ميرپورخاص) ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار هارين ۽ ورڪرن حصو ورتو. سنڌ جي سورهيه مائي بختاور جي ڳوٺ جا سمورا مرد به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ويا. پويان اَنَ جي راهه تي هڪڙي پوڙهي شخص پنيي لاشاريءَ ۽ مائي بختاور کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن، 22 جون 1949ع تي خبر آئي ته ڳوٺ ۾ پنجابي زميندارن هڪ عورت کي بندوقن جا فائر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو . ڳوٺ جا سمورا مرد ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا ۽ پنجابي زميندارن موقعي جو فائدو وٺي ڪڻڪ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مائي بختاور ۽ هڪ پيرسن پنيي فقير ۽ ٻين عورتن هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو. مائي بختاور لوهي ٽيانگ کڻي کين للڪار ڪئي ته ”هٽي پري ٿيو، اَنَ جو ڪڻو به کڻڻ نه ڏينديس“. مائي بختاور جو مزاحمتي انداز ڏسي زميندارن کي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪ ظالم چوڌري سعدالله ۽ سندس مئنيجر چوڌري خالد، مائي بختاور تي بندوقجا سڌا فائر ڪيا ۽ نتيجي طور مائي بختاور اَن جي ديرن جو بچاءُ ڪندي شهيد ٿي وئي ۽ پير مرد پنيو فقير زخمي ٿي پيوان واقعي کان پوءَ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ هلندڙ اڌ بٽئي جي تحريڪ ۾ شدت آئي ۽ اڳتي هلي، سنڌ سرڪار کي ٽيننسي ايڪٽ ٺاهڻو پيو، جنهن سان سنڌ ۾ پهريون ڀيرو هارين کي زمين جي پيداوار۾ برابر جو حصيدار يعني اڌ مالڪي قرار ڏنو ويو، ٽيننسي ايڪٽ يعني هارپ واري قانون تحت پهريون ڀيرو هاري ۽ زميندار جا حق ۽ فرض واضع طرح لکيا ويا ۽ هاري کان جيڪا ڇيڙ ۽ بيگار ورتي ويندي هئي .انهي کي غير قانوني عمل سڏيو ويو.

    2013 ۾ پ پ جي حڪومت انهي ۾ ترميم ڪري ڇيڙ بيگار جي غير قانوني هجڻ واري نقطي کي ٽيننسي ايڪٽ مان ڪڍي ڇڏيو۽ هاڻ هاريءَ کان ڇيڙ بيگاروٺڻ غير قانوني نه هوندو.

    جبري پورهئي جي خاتمي واري قانون 1992 تحت ڪنهن به ماڻهوءَ کان سندس مرضي جي خلاف پورهيو وٺڻ کي جديد دور جي غلامي سڏي ان کي غير قانوني قرار ڏنل آهي. ان هوندي به پي پي حڪومت پاران سنڌ اسمبلي مان 2013 واريون ترميمون پاس ڪرائي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن، انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۽ جبري پورهئي جي خاتمي واري قانون 1992 جي لتاڙ ڪئي..

    هن ڪائنات جي اندر جيڪي به آباديون آهن. اهي، سڀ برابر آهيون. هي اونچ ۽ نيچ جو نظام، اسان جي ذهني اختراع ۽ معاشي استحصال جي ڪري آهي. دنيا جي اندر ڪالونائيزيشن آهن. ملڪ قبضن ۾ آهن. دنيا جي اندر مختلف طبقا آهن. طبقاتي نظام آهي. جنهن سنڌ ۾ اسين ويٺا آهيون. اها سنڌ بنيادي طور لطيف ۽ سچل ۽ سائين جي ايم سيد جي سنڌ آهي، سا اڄ طبقاتي نظام جي مصيبت ۾ ڦاٿل آهي. اڄ جي سڙيل جاگيردارانه نظام جي ماتحت آهي. جيتوڻيڪ اهي جاگيرداريون نه رهيون آهن. پر جاگيردارانه نظام جي جيڪا مِٿَ آهي. اها اڃا قائم آهي ۽ هن سنڌ جي اندر حَقِ حاڪميت اَسِي سيڪڙو عوام وٽ ناهي. اها نه هاري کي نه مزدور وٽ آهي. اڄ به سڄي جو سڄو ماس ۽ رَتُ (سرمايو) هڪ مخصوص ٽولي وٽ يرغمال آهي

    ان سسٽم کي چئلينج آهي. جيستائين طبقاتي نظام ۽ جاگيردارانه نظام مسلط هوندو. جيستائين ڪالونائيزيشن جو نظام ۽ سرمائيدارانه نظام جو سايو هوندو ته اسين انهيءَ بنياد تي رهنداسين. تنهن ڪري،شڪاگو جي مزدورن جي جيڪا ڳالهه آهي، سو هڪ دليل آهي. دنيا جي مزدورن جي باري ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ جو،اتساه جو ۽ رخ آهي،حقن حاصل ڪرڻ جي دڳ جو.

    سنڌ ۽سنڌ جي ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ، ،انهن جي حقن حاصلات لاءِ ، انهن سمورن جو اهم ڪردار جڙي ٿو جن ۾ مزدور ۽ پورهيت، هاري، صنعتي مزدور ۽ سرڪاري ملازم،قلم جي ذريعي پورهيو ڪندڙ، ذهني ۽ عقلي پورهيو ڪندڙ ، هاري ۽ مڇي ماريندڙ ملاح اچي وڃن ٿا.

    هڪ ڳالهه سمجهڻ انتهائي ضروري آهي ته هتي مختلف قسم جا مزدور ۽ پورهيت ٿين ٿا ۽ هر قسم جي پورهيت جا ٻئي قسم جي پورهيت کان مسئلا ۽ حق مختلف ٿين ٿا. غور ڪبو ته هتي ايريگيشن ليبر ٻين کان مختلف پرابلمس هوندا پاور هائوس جي ليبر جا پرابلمس ڪجهه ڊفرنٽ هوندا. انڊسٽريل ليبر جي مسئلن کي ڏسنداسين ته اهي ٻين کان مختلف هوندا ۽ ايگريڪلچر ليبر جا مسئلا مختلف آهن. ان طرح سان فشريز جي ليبر آهي. انهن جا پرابلم ڊفرنٽ آهن. جهڙيءَ طرح شڪاگو جي صنعتي مزدورن جو مطالبو هو ته مزدورن کان اٺ ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ۽ سندن جدوجهد ۽ قرباني جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ اهو قائدو منظور ٿي چڪو آهي. پر سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي ايئن نه پيو ٿئي. پر ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سرڪاري آفيسن ۾ پنج ڪلاڪ به ڪم ڪونه ٿو هلي. چوڻ ۾ ته اٺ ڪلاڪ چئجي ٿو پر مشڪل سان پنج ڪلاڪ اسان جي آفيسن ۾ آفيسر ايندا هوندا نه مزدور اچن ٿا. نڪو عام ماڻهوءَ جي ڀلائي جو ڪم ٿو ٿئي.!

    اهڙي طرح سنڌ ۾ هارين جي جي جدوجهد ۽ مائي بختاور جي قرباني جي نتيجي ۾ اڌ بٽائي جو نظام رائج ٿيو . ان طريقي سان هر قسم جي مزدورن کي پنهنجي، پنهنجي پليٽ فارم تان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجا مسئلا ۽ حق حاصل ڪرڻ لاءِ قدم وڌائڻو پوندو.

    دنيا جا مختلف وقتن تي مختلف تصورات رهندا پئي آيا آهن. ڪالهه سوشلزم جي جيڪا فلاسافي هئي، اها دنيا ۾ مجموعي مزدورن جي ڀلائي کڻي آئي. ان جي مقابلي ۾ يورپ ويلفيئر جو تصور متعارف پيو ڪرائي. ويلفيئر جو جيڪو تصور هو، ڪنهن حد تائين يورپ ۽ ڪنهن حد تائين آمريڪا ۾ به هو، جنهن ۾ اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرايو ٿو وڃي. پر بنيادي طور تي مزدور کي مناسب معاوضو ۽ سوشل سيڪيورٽي به مليٿي،.

    پاڪستان جي لاز مطابق جتي، جتي سائيٽ ليبر آهن. انهن کي اهو آهي ته سوشل سيڪيورٽي ملي ۽ ٻيون جيڪي سهوليتون آهن اهي به ملن. پئنشن ۽ رٽائرمينٽ جون سهوليتون ملن. دنيا ۾ويلفيئر اسٽيٽ جو تصور ئي اهو آهي ته ايڊيوڪيشن، هيلٿ ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ جيڪي سهوليتون آهن، اهي مزدورن کي وڏي عمر ۾ ملن.

    اڄ دنيا تمام گهڻي تبديل ٿي چڪي آهي. ۽ دنيا جي انڊسٽريز جو ويلفيئر اسٽيٽ جو تصور به مٽجي چڪو آهي. اڄڪلهه ويلفيئر اسٽيٽ جي جاءِ تي ڊولپمينٽ جو نئون تصور آيو آهي. ڊولپمينٽ اسٽيٽ ۾ خود انڊسٽريز جو نئون طريقئه ڪار آهي ۽ انڊسٽريل ليبر جا نوان حق (Rights) ۽ نيون ڳالهيون آهن

    ٺيڪيداري نظام آهي ڇا؟ دنيا ۾ اهڙا تجربا ڪٿي ڪامياب ڪٿي ناڪام ٿي چڪا آهن. پاڪستان ۾ ٿورو وقت ٿيو آهي ته اهو ٺيڪيداري نظام آيو آهي ۽ هينئر قائم آهي ڇو ته انڊسٽريلسٽ منيمم ويجز تي ميڪسيمم وٺڻ جي لاءِ هي نظام متعارف ڪرايو آهي. جنهن مهل هو ليبر لاز کي فالو ڪن ٿا ته اپائنٽمينٽ ليٽر بعد مزدور جا رائيٽز وڌي وڃن ٿا. ان ۾ سوشل سيڪيورٽي ڏيڻي پوي ٿي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻون پون ٿيون. ان کان بچڻ لاءِ هنن ٺيڪيداري نظام متعارف ڪرايو آهي.شگر ملن ۾ ته مڪمل ٺيڪيداري نظام آهي ۽ منيمم ويجز آهي

    جڏهن ٿائيلينڊ ۾ انڊسٽري آئي ۽ جديد ڊولپمينٽ اسٽيٽ جو تصور اڀريو باوجود ان جي اتي ٺيڪيداري نظام متعارف ٿي ويو. ٿائيلينڊ ان صورتحال ۾ پنهنجي قانونن کي سخت ڪيو ۽ هاڻ اتي پابند ڪيو ويو آهي ته ٺيڪيداري نظام رائج نه رهندو ۽ مڪمل ليبر لاز تي عمل ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۾ به سٺا قانون جڙيل آهن پر افسوس ته انهن تي عمل درآمد نٿو ٿئي. ڪرپشن ۽ بي ايمانيءَ جي ڪري. اهو سيڪٽر تڪليف مان گذري رهيو آهي. ۽ مزدور کي پنهنجا جائز حق نٿا ملن. مزدور ۽ پورهيت ان پراسِسِ مان گذري رهيا آهن. ان کي ئي ٺيڪ ڪرڻو پوندو.اهڙا ليبر لاز آڻجن جيڪي قابل عمل به هجن ۽ عمل ڪرايو وڃي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ انڊسٽريل ليبر کي ئي ايمپلائيمنٽ ڏني وڃي ٿي. ايگريڪلچر ۾ مزدور جو ته آهي ئي ٻه حصا. پاڪستان ۾ اڪانامي ۽ ايگريڪلچر ميجارٽي ۾ آهي ته اڳتي هلي انڊسٽري ۾ ئي اوور ٽيڪ ڪرڻو پوندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    . اهو ڳوٺ قاديانين جي اسٽيٽ جو حصو هو، اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ چاليهه هزار ايڪڙن تي مشتمل جاگير انگريز سرڪارطرفان 1914ع ۾ ڪعبي تي گوليون هلائيندڙ ۽ انگريزي فوج ۾ ڀرتي ٿيل پنجابي فوجين جي اُتي مارجي وڃڻ تي انعام طور عطا ٿيل هئي.
    سائين جويو صاحب !!! مٿين هاءِ لائيٽ ڪيل جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ ونڊ ڪيو ته مهرباني ٿيندي.
     
  3. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    رضوان علي جمالي صاحب اوهان درست فرمايو آهي.
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم رضوان علي جمالي صاحب ، ادا خدابخش جويو صاحب جن هن جنگ بابت لکيو آهي ، واضع رهي ته مڪي پاڪ جي شريف خاندان جو حسين بن علي انگريزن جو اتحادي هيو ۽ هِن خاندان تي انگريزن جو معروف جاسوس لارينس آف اريبيا مقرر ٿيو جيڪو ڪافي سال پنڌ ۽ اٺن ، گهوڙن تي حجاز ۽ شام کان علاوه سڄي عرب جو سفر ڪيو عربي زبان تي به مهارت حاصل ڪيائين ، ممڪن آهي ته انگريزن جي فوج ۾ پنجابي هيا جن جو ذڪر خدا بخش جويو صاحب ڪيو آهي . مختصر تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسي سگهو ٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو