__________________________________ جيڪڏهن هن ليک جو ڪو عنوان ڏجي ته مان اهو ڏيڻ چاهيندس ته “Who was the Boss?”. هيءَ ڳالهه 27 سيپٽمبر 2007ع جي آهي. آمريڪا جي شهر واشنگٽن جي رٽز ڪارلٽن هوٽل جي لائونج ۾ محترمه بينظير ڀٽو، آصف زرداري، سينيٽر اڪبر خواجه، شجاع نواز ۽ هڪ ٻه آمريڪي سينيٽر ويٺل هياسين. ٽپهري جو وقت هو. هيءُ اهو وقت هو جڏهن اين آر او جي حوالي سان جنرل مشرف ۽ محترمه بينظير ڀٽو جون ڳالهيون آخري مرحلن ۾ هيون. محترمه 18 آڪٽوبر تي وطن ورڻ جو اعلان ڪري چُڪي هئي. هاڻي معاملو محترمه بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي جو هو. مشرف جو خيال هو ته جيڪر محترمه پاڻ ملڪ نه اچي پر مجبورن هن بينظير آڏو هو موقف اختيار ڪيو ته اوهان جي سيڪيورٽي جو مدار انهيءَ ڳالهه تي هوندو ته اوهان جو مون سان ڪهڙو ٿو ورتاءُ رهي. انهيءَ حوالي ان محترمه جون تڏهوڪي پرڏيهي وزير ڪنڊولينرا رائيس سان پڻ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون هيون. ان دور ۾ بحث ئي اهو هلي رهيو هو ته محترمه کي پاڪستان ۾ گهربل سيڪيورٽي ملي سگهندي يا نه، مشرف ڦري ته نه ويندو، محترمه کي خطرو کڻڻ گهرجي يا نه. وغيره وغيره. سو ڳالهه پئي ڪيم رٽز ڪارلٽن هوٽل جي جتي محترمه ترسيل هئي. هن مونکي موبائيل تي ميسيج موڪليو ته هڪ ضروري مشوري لاءِ مان اوهان سان ملڻ ٿي چاهيان. مان بينظير جي چوڻ تي اتي پهتس. آصف زرداري به ويٺل هو. محترمه مون کان هڪ سوال پڇيو. مون اڃا جواب ڏيڻ شروع ڪيو ته آصف زرداري جنهن وٽ فلپ فون هيو سو وڄڻ لڳو ۽ ان اتي ئي فون تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته مون ڏٺو ته محترمه بينظير ڀٽو جنهن جو رنگ هونئن ئي ڳاڙهو هو، سو ڪاوڙ ۾ ويتر ڳارهو ٿي ويو. هن هڪدم آصف کي چيو ته ڇا توهان کي اندازو ناهي ته مان هن ماڻهوءَ کي ڪهڙي اهم مسئلي تي صلاح لاءِ سڏيو آهي. توهان کي ڳالهائڻو آهي ته ٿورو پرڀرو وڃو، اتان ڳالهائي پوءِ اچي ويهو. مون ڏٺو ته آصف زرداريءَ جي منهن جو پنو ئي لهو ويو ۽ هُن بلڪل اونئن ئي ڪيو جيئن محترمه کيس چيو. هو اٿيو،فون تي ڳالهائي پوءِ خاموشيءَ سان اچي ويهي رهيو. اسان محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي لاڳاپن بابت گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون آهن پر منهنجي سامهون ٿيل ان واقعي کانپوءِ مون تي اها حقيقت واضح ٿي وئي ته Who was the boss? She was the boss آصف زرداري کان جڏهن به ملڻ جو وقت گهربو هو ته هو اڪثر اهو چئي انڪار ڪندو هو ته Boss is in town