خميس جي رات هڪ ٽيليفونڪ خطاب ۾ متحده جي سربراهه الطاف حسين رياست ۽ فوج خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي سا ڪنهن ريت به نئين ڳالهه ناهي. الطاف حسين اهڙيون تقريرون ڪندو رهيو آهي. هو چوندو آهي ته جيڪڏهن سندس جماعت تاحيات اقتدار ۾ رهي ته پوءِ ملڪ به منظور آهي، سنڌ به عزيز آهي ۽ جيڪڏهن اقتدار ۾ ناهيون ته پوءِ نه ملڪ گهرجي، نه ئي سنڌ. هو اهو به چوندو رهيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير اردو ڳالهائيندڙ نٿا بڻايو ته پوءِ سنڌ کي ٻه اڌ ڪري اسان کي الڳ صوبو ٺاهي ڏنو وڃي. سو الطاف حسين کي جيڪو وات ۾ ايندو آهي، سو چئي ڏيندو آهي پر سوچڻ جي ڳالهه اِها آهي ته آخر ان کي ايڏي ڇُوٽِ ڇو مليل آهي؟ جيڪڏهن اياز لطيف پليجو ڪنهن تقرير ۾ ايئن چوي ها ته را وارو! سان جو کُلي ساٿ ڏيو، اسان کي اسلحو به ڏيو پوءِ اسان ٻڌائينداسين ته را جو ايجنٽ ڪير آهي. ته ساڻس ڪهڙو ورتاءُ ٿئي ها. جيڪڏهن قادر مگسي اهڙي تقرير ڪري ها ته ”پاڪستان ٺاهيندڙن جي اولاد کي غدار چئو ٿا. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ پاڪستان نه رهندو“. ته هو ڪهڙي عتاب ۾ هجي ها. جيڪڏهن صنعان قريشي ائين تقرير ڪري ها ته ”نئين نسل کي چوان ٿو ته بندوق هلائڻ سکو، اڄ کان روز هڪ ڪلاڪ جي فوجي ٽريننگ وٺو“. ته ڇا ٿئي ها. جيڪڏهن جلال محمود شاهه، خالق جوڻيجو ۽ رياض چانڊيو ايس ايس پي ملير کي ”ڀنگي“ چون ها ته ساڻن ڪهڙو ورتاءُ ٿئي ها. پر الطاف حسين ايس ايس پي ملير کي ”ڀنگي“ چئي ٿو ته سنڌ سرڪار به پنهنجي پوليس آفيسر کي شودرن وانگر ٿڏيندي کيس عهدي تان هٽائي ڇڏي ٿي. الطاف حسين جي تقريرن جو ان ڪري سخت نوٽيس نٿو ورتو وڃي ۽ سندس خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي جو هو سنڌي ناهي. پاڪستان ۾ مهاجر سڏائڻ ايڏو ڏوهه ناهي جيڏو ”جيئي سنڌ“ جو نعرو لڳائڻ ڏوهه آهي. اهڙيون تقريرون ڪري يا نياڻيون ٻئي ڏينهن تي وري الطاف حسين”معافي“ وٺي ڇڏيندو آهي.۽ الطاف حسين کي اهڙيون ”معافيون“ ڦٻنديون رهنديون آهن. جڏهن ته نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته اهڙي ڪيس ۾ معافي صرف ان صورت ۾ ماڻهوءَ کي ملي سگهندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن نشي ۾ اهڙي ڳالهه ڪئي هجي.