منير احمد لُنڊ
سينيئر رڪن
منير احمد لُنڊ
چيو چنڊ آھي ڪٿي يار تنهنجو
چيم چنڊ ٻڌ ھو ڇڏي اڄ ويو آ
چيو چنڊ توکي هيو ناز هن تي
چيم چنڊ آهي اڃان ناز هن تي
چيو چنڊ شايد چريو ٿي ويو هين
چيم چنڊ آئون سڄو ئي ڪٿي هُس
چيو چنڊ ھن کي وساري ڇڏيندي؟
چيم چنڊ خود کي وساري نه سگهبو
چيو چنڊ توتي اچي ٿو رحم اڄ
چيم چنڊ ھُن کي متان سو ٻڌائين
چيو چنڊ تو وٽ نشاني آ ڪهڙي؟
چيم چنڊ دردن ڀري راتڙي هي
چيو چنڊ آخر ايئن ڇو ته آھي؟
چيم چنڊ ڪڏھين ڏسو دل لڳائي
چيو چنڊ احمد ڪريون موڪلاڻي
چيم چنڊ ملبو وري پو سڀاڻي
****منير احمد لُنڊ****
چيو چنڊ آھي ڪٿي يار تنهنجو
چيم چنڊ ٻڌ ھو ڇڏي اڄ ويو آ
چيو چنڊ توکي هيو ناز هن تي
چيم چنڊ آهي اڃان ناز هن تي
چيو چنڊ شايد چريو ٿي ويو هين
چيم چنڊ آئون سڄو ئي ڪٿي هُس
چيو چنڊ ھن کي وساري ڇڏيندي؟
چيم چنڊ خود کي وساري نه سگهبو
چيو چنڊ توتي اچي ٿو رحم اڄ
چيم چنڊ ھُن کي متان سو ٻڌائين
چيو چنڊ تو وٽ نشاني آ ڪهڙي؟
چيم چنڊ دردن ڀري راتڙي هي
چيو چنڊ آخر ايئن ڇو ته آھي؟
چيم چنڊ ڪڏھين ڏسو دل لڳائي
چيو چنڊ احمد ڪريون موڪلاڻي
چيم چنڊ ملبو وري پو سڀاڻي
****منير احمد لُنڊ****