منير احمد لُنڊ ڪرڪيٽ ڪٽائي پيٽ کيڏون ٿا اسان ڪرڪيٽ کيڏون ٿا ملن ڏوڪڙ ججها يارو لکن جا لک سڄا يارو تڏهن ٿي سيٽ کيڏون ٿا اسان ڪرڪيٽ کيڏون ٿا ڏسي ڏوڪڙ مرون ٿا ڙي ڊڪي ڏاڍو ڪرون ٿا ڙي کڻي ڏس بيٽ کيڏون ٿا اسان ڪرڪيٽ کيڏون ٿا وڃون ٿا يار ڪلبن ۾ نچن سهڻا ته بلبن ۾ لڳائي ريٽ کيڏون ٿا اسان ڪرڪيٽ کيڏون ٿا هڻي ڌڪ شارٽ کيڏون ٿا سڄي بس رات کيڏون ٿا ڪَتي ۽ چيٽ کيڏون ٿا اسان ڪرڪيٽ کيڏون ٿا جوارين جا وڏا هن وڙ ڪمايون جام ٿا ڏوڪڙ ھلائي نيٽ کيڏون ٿا اسان ڪرڪيٽ کيڏون ٿا اسان کي پيار ڪرڻو آ اڇو بس يار رهڻو آ ملي منهن ميٽ کيڏون ٿا اسان ڪرڪيٽ کيڏون ٿا ڏسي ڏوڪڙ مٺا ڪنهن وٽ ھجن ڪارون ججهيون جنهن وٽ وڃي پو نيٺ کيڏون ٿا اسان ڪرڪيٽ کيڏون ٿا جوا جيڪو به کيڏي ٿو اسان کي يار ريڀي ٿو ڏئي پو ڊيٽ کيڏون ٿا اسان ڪرڪيٽ کيڏون ٿا