محمد بخش لغاري
سينيئر رڪن
اڄ انٽرنيٽ تي ڳولا ڪندي اردو ڪتابن جي لائبريري جي اينڊرائڊ ايپليڪيشن تي نظر پئي. دل ۾ خيال ٿيو ته جيڪر سنڌي ڪتاب جيڪي سنڌ سلامت تي موجود آهن انهن جا ڪا اينڊرائڊ ايپليڪيشن ٺاهجي ته جيئن موبائل تان سنڌي ادب پڙهي ۽ پهلائي سگهجي. ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود ڪتاب آساني سان E-Pub فارميٽ ۾ تبديل ڪري موبائل تان پڙهي سگهجن ٿا ۽ انهن مان ڪو به مضمون ، شاعري ڪاپي ڪري ڪٿي به حوالي طور ڪم آڻي سگهجي ٿي. ساٿين کي عرض آهي ته هن ڪم لا۽ ڪو منصوبو ٺاهجي ۽ گڏجي هن کي مڪمل ڪجي.