• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

”گبر از بيڪ“ ڪرپشن خلاف ٺهيل تمام دلچسپ مووي.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
کلاڙي ڪُمار جو توهان نالو ته ٻڌو هوندو.! جي ها! اڪشي ڪُمار جيڪو عوام ۾ کلاڙي ڪمار نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو تنهن جي نئين فلم ”گبر اِز بيڪ“ ڪالھ پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي رليز ڪئي وئي آهي.
جڏهن گبر جو نالو اچي ٿو ته ”شعلي“ فلم جي گبر (امجدخان) جو ڪردار ذهن جي اسڪرين تي اُڀري اچي ٿو، وڌيل ڏاڙهي وارو ان گبر کان ته ڳوٺ جا ٻار ڊڄندا هُئا پر هِن جديد گبر ”وديا“ (اڪشي ڪمار) کان ڪرپٽ آفيسرز ڊڄن ٿا.
gabbar-is-back023.jpg
فلم جو ٿيم توهان کي ٻڌايان ته هن فلم ۾ گورنمنيٽ جي ڪرپٽ آفيسرز خلاف هڪ ڪارروائي (مشن) جيڪا وديا شروع ڪري ٿو تنهن تي پوري ممبئي ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ٿو، جيڪي به ڪرپٽ آفيسرز هوندا آهن انهن کي ڊيمو ڏيندو آهي (يعني هڪ ڪرپٽ آفيسر کي فِنِش ڪندو آهي) ته ڊپارٽمينٽ جا ٻيا آفيسر پاڻهي سُڌري ويندا آهن..
فلم جي ڪهاڻي جيڪڏهن ٻڌائيندس ته فلم ڏِسڻ جو لطف نه رهندو :) انڪري ڪهاڻي نٿو ٻڌايان.. ٿورو سسپينس به رکجي.. :p
فلم ڏسڻ لا ڪلڪ ڪريو.
 
Back
Top