آريسر، عبدالواحد:حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    آريسر، عبدالواحد: سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، عبدالواحد، -آريسر- 11 -آڪٽوبر- 1949ع تي، ڳوٺ -انڙ- -آباد- لڳ ھاسي سر ريلوي -اسٽيشن-، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو جادو -آريسر- ھو، جيڪو ھارپو ڪندو ھو. عبدالواحد -آريسر- عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي پڙھيا، -ان- بعد مختلف مدرسن، -جن- ۾ -ڀينڊي شريف جو مدرسو-. مدرسه ھاشميه سجاول، مولوي عبدالحي نوحاڻيءَ ڪنگوري (تعلقي ڊگھڙيءَ) واري جو مدرسو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاھ ولي -الله- اڪيڊمي حيدرآباد شامل آھن. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به سندس -استاد- رھيو آھي. -آريسر- صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968ع ۾ مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. ھن کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙھڻ جو شوق ھو. 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙھڻ دوران ”ربيع الاول جا چار چنڊ“ عنوان سان پھريون مضمون لکيائين، جيڪو ھفتيوار ھمدرد، ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون 1968ع ڌاري ماھوار ”-بادل-“ حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو ھن مخدوم غلام حيدر صديقيءَ طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد“ تي ڪيل -تنقيد- جي جواب طور لکيو.
    آريسر صاحب ادبي، مذھبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کان متاثر رھيو آھي، سندس پھريون ڪتاب، مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل ”جواھر آزاد“ 1970ع ۾ -اردو- ۾ ڇپيو، 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماھوار ”پيغام“ -جاري- ڪيائين، حنفيه مسجد ڊومڻ واھ روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رھيو. 1973ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ ممتاز علي -ڀٽي- جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون ”سنڌ جو ڏھيسر دھشتگردن جي حضور ۾ “ تي سرڪار سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ۽ -آريسر- مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. 1972ع ۾ جي . ايم. سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر ٿيو. 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙجڪ وقت -ان- جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو. 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمئن رھيو. 1995ع ۾ جي. ايم. سيد جي وفات بعد نئين جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو 1995ع کان 1997ع تائين ھڪ سال آرگنائيزر ۽ ٻه سال چيئرمئن رھيو ۽ هن وقت جيئي سنڌ قومي محاذ جي هڪ حصي جو چيئرمئن آهي. سنڌ ۾ جي.ايم. سيد جي فڪر پکيڙڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو آھي. سنڌ جي سياست ۾ عبدالواحد -آريسر- ۽ حفيظ قريشي مشھور مقرر مڃيا وڃن ٿا. -آريسر- صاحب جا ھيٺيان ڪتاب اھم آھن: ”پرھ جو پيغام“ (1975ع)، ”صدين جون صدائون“ (1975ع)، ”جي ايم سيد“ (1976ع)، ”سر ۾ سانجھي وير“ (1979ع)، ”ٽھڪي نڪتا ٽوھ“، ”قومي تحريڪ“، ”وريا واھرو“ (1981ع)، ”مٽيءَ ھاڻا ماڻھو“ فرانر فينن جي ڪتاب جو ترجمو (1983ع)، ”-ترم ياترا-“ (1985ع)، ”ٿي نه محبت مات“ (1986ع)، ”ماڙين ماريس ڪينڪي، ”مجيب ۽ ڀٽو“، ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ (1987)، ”تقريرون“ (1989ع)، ”قومي تحريڪ“ ”قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون“، (1990ع)، ”اسان جيئن جيئي ڪو“ (1998ع)، ”روح جا ريلا“ (1999ع)، ”سر جي صدا سر ۾“ (2000ع) ۽ ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“: (مخدوم -بلاول- جي تحريڪ بابت: 2006) وغيره.
    عبدالواحد -آريسر- قومي سياست ۾ وقت به وقت جيل ڪاٽيا، ھو پھريون ڀيرو 11 -اپريل- 1976ع تي جيل ۾ ويو، جتان سيپٽمبر 1977ع ۾ آزاد ٿيو، ٻيو ڀيرو -آگسٽ- 1979ع ۾ جيل ويو ۽ جولاءِ 1981ع ۾ آزاد ٿيو. ٽيون ڀيرو -آڪٽوبر- 1992ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ مارچ 1993ع ۾ آزاد ٿيو ۽ چوٿون دفعو 11 -آگسٽ- 1999ع تي ھڪ ھفتي لاءِ جيل ويو. -ٿر- جي ھن غريب پورھيت جي پٽ سياستدان، سياست ۾ پنھنجو وقار ۽ عزت بحال رکي آھي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو