• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

درويش مسڪرايو

ساگر سنڌي

سينيئر رڪن
مونکي وٽي وڌائي درويش مسڪرايو
مخمور ٿي خدائي، درويش مسڪرايو
ساري حيات رقصان چاهت جي پيچرن تي
پر ماڳ نا رسائي ! درويش مسڪرايو
وارن جي ڇانورن ۾ ڪنهن ٿڪ ڀڳو ازل جو
نيڻن ۾ ننڊ آئي، درويش مسڪرايو
سالار ڪي سڪندر ڪيڏا وڏا تونگر
تن جي ڏسي ڪمائي، درويش مسڪرايو
ڪو عشق ٿيو نه پورو سپنو نه ٿيو ڪو ساڀيا
وئي عمۡر هيءَ اجائي ، درويش مسڪرايو
چهري ۾ گهنج مهڪيا، ڏڪڻي لٿي هٿن ۾
جوڀن ڪئي جدائي، درويش مسڪر ايو
 
ساﻻﺭ ڪﻲ ﺳڪﻨﺪﺭ ڪﻴڏﺍ ﻭڏﺍ ﺗﻮﻧﮕﺮ
ﺗﻦ ﺟﻲ ڏﺳﻲ ڪﻤﺎﺋﻲ، ﺩﺭﻭﻳﺶ ﻣﺴڪﺮﺍﻳﻮ

ادا هتي پهرين سٽ ۾ وزن ٽٽي پيو هتي “ها“ ملائڻ سان وزن پورو ٿيندو
سﺎﻻﺭ ڪﻲ ﺳڪﻨﺪﺭ ڪﻴڏﺍ ﻭڏﺍ ها ﺗﻮﻧﮕﺮ
ﺗﻦ ﺟﻲ ڏﺳﻲ ڪﻤﺎﺋﻲ، ﺩﺭﻭﻳﺶ ﻣﺴڪﺮﺍﻳﻮ
 
ادا شاعر جي شاعريءَ جا ڪجھ اصول ھوندا آھن تنھن ڪري شايد شاعر مناسب نہ سمجھو " ھا" جي واڌاري کي اسان تہ اھو شعر لکنداسين جيئن شاعر لکيو..
 
Back
Top