ڪي نه وسرن مُور : پروفيسر نور احمد کهڙي جو وڇوڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪي نه وسرن مُور : پروفيسر نور احمد کهڙي جو وڇوڙو

    تحرير : محمد سليمان وساڻ


    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين ،
    آ ديسي اٿي ويا مڙهيو مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا

    ڪالهه شام جو آفيس کان گهر واپس ويندي طبيعت ۾ عجيب گهٻراهٽ هئي، من تي ڪا مونجهه هئي ... ڇو هيو سمجهه ۾ نه آيو. رات دير سان خبر پئي ته اسان جو محسن استاد پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد کهڙو اسان کان موڪلائي ويو آهي. الائي ڇو ٻوسٽ وڌندو رهيو، اها خبر وڄ بڻجي ڪري هئي يا ڪجهه ٻيو هيو. ڪنهن سان ڳالهائڻ جي همت ڪانه رهي. اوطاق مان دوستن جي ڪچهري کي ڇڏي گهر آيس ۽ ڪمري جو در بند ڪري سمهي رهيس، پنهنجي منهن روئندو به رهيس. سائين نور احمد سان ويجهڙائپ هئي، دوستي هئي يا استاد شاگر وارو رشتو هيو يا پٽ ۽ پيءُ وارو رشتو هيو ... بس جيڪو به هيو ڄڻ ته ڪو فرشتو هيو جنهن اسان جي رولاڪ طبيعت ۾ سنجيدگي آڻي زندگي جو رستو ڏيکاريو هو. 1991ع ۾ فيض هاءَ اسڪول ڪوٽڏجي مان ميٽرڪ پاس ڪري سپيريئر سائنس ڪاليج ۾ داخلي ورتي هئي، پري انجنيئرنگ گروپ ۾. انهن ڏينهن ۾ ڪاليج ۾ پڙهائي ڪا خاص ڪانه هوندي هئي ۽ سياسي طورسپاف ۽ جيئي سنڌ جا ڌڙا تعليم بند ڪرائي فخر محسوس ڪندا هئا. ڪاليج ۾ ڪنهن سان به ڪا سڃاڻ نه هوندي هئي. اوپرو ماحول لڳندو هو. برادري جهيڙن سبب به منهنجي پاڙي مان ڪوبه اسڪول ڪاليج ڪونه ويندو هو. مان سر ڦريو هيس يا تعليم جو شوق هو ، روز ويندو هيس ۽ هڪ ٻه دفعو ته مار به کاڌم پر ڪاليج ويندو هيس. اهڙي ماحول ۾ زندگي نراس نظر ايندي هئي ۽ مايوسيون گهيري وينديون هيون. ڪوبه ڪونه هو جيڪو مٿي تي هٿ رکي ۽ مسڪرائي ٿڦڪي ڏئي ڪا حوصلا افزائي ڪري. ماما تاج محمد ان ڳالهه کي پرکي ورتو ۽ چيائين ته ”ڪاليج ۾ نور احمد کهڙو نالي ليڪچرر اٿئي، فزڪس جو استاد آهي، منهنجو دوست آهي کيس سلام به ڏجان ۽ پريشاني به ٻڌائجانس“. پوءِ مونکي ياد آيو ته هڪ دفعي ماما سان گڏ ساڻس سندس گهر مليا هئاسين. سندس گهر خيرپور سبزي مارڪيٽ جي پويان اسٽيشن روڊ تي هوندو هيو، پي سي او جي سامهون. ٻئي دفعي مان ڪاليج ويس ته سڌو ڪامن روم جو رخ رکيم. ڊڄي رهيو هوس .... سامهون سائين ويٺو هيو ۽ ڪنهن استاد سان بحث ۾ مگن هيو، پينٽ شرٽ پاتل ۽ سمارٽ نظر ايندڙ. مان اڳيان وڃي کيس سلام ڪيو ته اٿي ڀاڪر پائي مليو مان کيس تعارف ڪرائي رهيو هوس ته چيائين تاج محمد جو ڀاڻيجو آهين نه .... !!!! مان ته توکي سڃاڻان ٿو. بس مون لاءِ اها سڃاڻ به گهڻي هئي جو پاڻ ۾ حوصلو پيدا ٿيندي محسوس ڪيم. پوءِ چيائين ته فزڪس ليب ۾ منهنجي آفيس ۾ اچي ملجان. ٻئي ڏينهن اتي وڃي ساڻس ملاقات ٿي، حال احوال ورتائين .... ڪجهه اسان جي حالتن ۽ برادري جي جهيڙي بابت به خبر هيس. همدرد رويي بدران چيائين ته پُٽ توکي همت ڪرڻي آهي، اهڙا موقعا زندگي ۾ ايندا آهن، اوهان کي بهادر ٿي حالتن سان منهن به ڏيڻو آهي ته علمي ميدان ۾ ڀڙ به ٿيڻو آهي. اهو ڏينهن ۽ پوء مون به همت ڪري ٻيهر وڃايل وقت کي وساري نئين جذبي سان پڙهڻ شروع ڪيو. سائينءَ سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر به وڃڻ ٿيندو هو. پريڪٽيڪلز سان گڏ مختلف ڏکين مرحلن تي سائين مدد ڪندو رهيو پر ڪڏهن به امتحان ۾ نقل ڪرڻ يا ڪاپي ڪرڻ ۾ اسان جو ساٿ نه ڏنائين بلڪه چوندو هيو ته جيڪو به ڪري سگهو اهو پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان ڪيو. وقت گذرندو رهيو انٽر پاس ڪري وياسين. خيرپور ۾ وڏو عرصو گذريو يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ته به سائينءَ سان ملڻ جلڻ ٿيندو رهيو. ايم بي اي ڪري ڪراچي هليو آيس ته سڀني سان رابطا ڪٽجي ويا ۽ ايئن سائين نور احمد سان به رابطو نه رهيو. ان دوران سوشل ميڊيا جو دور آيو ته وري فيس بوڪ تي ساڻس رابطو ٿيو ۽ هڪ ٻئي جي پوسٽ تي رايا ۽ ڪمينٽس به ڏناسين. ان دوارن پاڻ سپيريئر سائنس ڪاليج جا پرنسپال به ٿيا جتي نقل ۽ ڪاپي جي سخت خلاف رهيا، ايتري تائين جو سڀني استادن کان قرآن تي حلف ورتائون ته هو محنت ڪري شاگردن کي پڙهائيندا ۽ ڪاپي خلاف سختي ڪندا. يونيورسٽي ۽ ڪاليج سان گڏ بورڊ جي مختلدف ٽيمن، ڪميٽين ۾ به رهيا ۽ خيرپور ۾ علم جي واڌاري لاء سندن ڪاوشون رهيون. پر پوءِ وقت سان گڏ ڪراچي اسان کي کائي وئي ۽ پنهنجي محسن استاد کي وساري ويٺاسين. سندس عزيزن معرفت خبر پئي بيمار آهن پر وري ان مان شفاياب به ٿيا پر آخرڪار زندگي جي ريس ۾ مقابلو ڪندي موت کان مات کائي ويا. اڄ پاڻ ته موجود ناهن پر سندن شاگرد دنيا جي مختف حصن ۾ موجود آهن ۽ کيس ياد ڪندا رهندا. ڪالهه کان ڪاليج جي دور جون يادون ۽ سائين نور احمد جو مسڪرائيندڙ چهرو من تي حاوي آهي. پروفيسر سائين نور احمد کهڙي جي انتقال تي سندس خاندان، عزيزن، شاگردن ۽ دوستن سان گڏ اسان به ڏکارا آهيون ۽ دعاگو آهيون ته رب پاڪ کين جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري .... آمين.
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ سندن مغفرت فرمائي ڪري روح کي راحت نصيب فرمائي ۽ درجات بلند فرمائي ، پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو