صليب کي اکين آڏو لٽڪائي، لڏڪائيندي ڏاڍي پاٻوهه ۽ پنهنجائپ مان پڇيائين ”تون هر سالگرهه تي مون کي صليب ڇو ڏيندو آهين؟“ سندس عميق اکين ۾ گھوريندي وراڻيم”جيئن صليب اسان جي اڻميي محبت جي گواهي ڏيئي.“ ”صليب ۽ زهر جو پيالو ٻئي محبت جون نشانيون آهن نه؟“ پڇيائين. ”ها“ وراڻيم. ”صليب جي جاءِ تي زهر جو پيالو به ڏيئي سگھين ٿو.“ چيم”جن سان بيپناهه عقيدتون ۽ محبتون هونديون آهن نه، اُنهن کي زهر جا پيالا ڪونه ڏبا آهن.“ صليب کي ڏسندي چيائين”الائي ڇو؟ ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي اندر جو انت لهندي مان بيحد منجھي پوندي آهيان.“ وراڻيم”ڪڏهم ڪڏهن جڏهن اندر ۾ درد جي تشنگي وڌي ويندي ته مان پولار ۾ اکيون اٽڪائي گم ٿي ويندو آهيان، ڀانيان ٿو تون اُن پهر منهنجي اندر جو انت لهندي منجهي پوندي آهين.“ ها ۽ نه ڪونه ڪري سگھي مسلسل منهنجي اکين ۾ نهاريندي رهي. چيم”ائين گھوري نه ڏس نه ته مان موهن جو دڙو بڻجي پوندس.“ منهنجي چوڻ کانپوءِ به مونکي گھوريندي رهي. ڪافي پهر مان کيس ڪجھ ڪونه چئي سگھيس. جڏهن ڳالهايم تڏهن وراڻيم”ڪڏهن مان محسوس ڪندو آهيان، جڏهن انسان ڪجھ حد کان وڌيڪ خاموش رهندو آهي، تن پهرن ۾ شايد اُنهي جو روح جلاوطن ٿي ويندو آهي.“ ”جلاوطن فقط وطن پرست ٿيندا اهن، روح فقط فنا جي سنسار م ڀٽڪندا رهندا آهن.“ ”ڪي وطن پرست وطن ۾ رهندي به جلاوطن لڳندا آهن، ڪي جلاوطن هوندي به الائي ڇو ڄڻ وطن ۾ رهندا آهن.“ صليب کي ڳچي ۾ پائيندي وراڻيائين”ڳالهه کي ڪٿان کڻي ڪٿي ڇڏيئي، وڏو استاد آهين.“ منهنجي چپن تي شاهه جي واين جھڙي مُرڪ ڇُڙي پئي. چيم”شاهه صاحب پڙهندي آهين؟“ ”هونئن.“ خالي ڀڻڪي ورندي ڏيئي ڪجھ دير کانپوءِ وراڻيائين”پڙهندي ته آهيان، پر سمجھي ڪونه سگھندي آهيان.“ وراڻيم”شاهه صاحب جون ڪجھ سٽون ٻڌايئين؟“ وراڻيائين”ها“ جھونگاريم”نهائين کان نينهن، سِک منهنجا سپرين، سڙي سارو ڏينهن،ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.“ اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪائنات جا پرڙا ساڻا ٿي پيا. لطيف سرڪار جي سٽن فضا جي ڪائنات کي ڌوڏي ڇڏيو. ڪجھ ويرم بعد اکيون کوليائين ته چيائين”الائي ڇو مان چاهيندي به لطيف سرڪار کي سمجھي ڪونه سگھي آهيان، مان فقط لطيف جي بيتن کي محسوس ڪندي آهيان.“ ”ها“ وراڻيم”ڪجھ شيون اهڙيون هونديون آهن، جن کي سمجھي ناهي سگھبو، اُنهن کي فقط محسوس ڪري سگھبو آهي.“ وراڻيائين”مان جڏهن به لطيف سرڪار کي ٻڌندي آهيان، تڏهن دل چوندي آهي، تنهائي جي سيني ۾ سمائجي وڃان.“ ”تنهائي وجودن کي جھوري ڇڏيندي آهي.“چيم”ڪڏهن به تنهائي جي ساحلن تي هلڻ جي ڪوشش نه ڪجان.“ ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڏاڍي ڳنڀير ٿي پئي. پوءِ ڪافي دير ڏور پولار ۾ اکيون اٽڪائي ڄڻ ڪجھ ڳوليندي رهي. جڏهن ڳالهايائين تڏهن وراڻيائين”حالاتن تي يقين رکندو آهين.“ چيم”برنارڊشا چيو آهي ته ”ماڻهو جيڪي به آهن، سي حالاتن تي ذميداري وجھندا آهن، پر مان حالاتن تي يقين نٿو رکان، هن دنيا ۾ جنهن ماڻهن نالو پيدا ڪيو آهي، اُهي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي هٿ تي هٿ ڌري ويٺل ڪونه رهيا، بلڪه اُٿي بيٺا ۽ ان حالاتن کي اُنهن ڳوليو، جن جي اُنهن کي ضرورت هئي، اگر اُهي حالات اُنهن کي ڪونه مليا ته اُنهن اُهي حلات پيدا ڪيا.“چيم”پر خالد حنيف چئي ٿو” ڪيترا گھڻا ماڻهو آهن اُهي جيڪي حالتن جي مطابق خيالن کي بدلائيندا آهن ۽ ڪيترا گھٽ ماڻهو آهن اُهي جيڪي خيالن جي مطابق حالتن کي بدلائيندا آهن.“ ڏاڍي غور سان مونکي ٻڌي رهي هئي،وراڻيائين”منهنجي دل چاهيندي آهي، تون هر وقت ائين ڳالهائيندو رهين ۽ مان توکي ٻڌندي رهان.“ ”چري“چيم”اڳ ئي گھڻو ڳالهائڻ جي ڪري سنگتي چريو سڏيندا آهن، ويتر وڌيڪ ڳالهايان ته صليب تي لٽڪائي ڇڏين.“ آڱريون وارن ۾ ڦيرائيندي پڇيائين ”تنهنجا دوست تاريخ کي ورجائيندا آهن ڇا؟“ وراڻيم”منهنجا دوست مون وانگر اڌ چريا ۽ اڌ سياڻا آهن، هو تاريخ ۽ تاريخ جي زهر کي اڃا چکي ڪونه سگھيا آهن.“ ”تنهنجا دوست ۽ تون ڪڏهن سڌري ڪونه سگھندئين.“ ”ها“چيم”اسان جي سڌرڻ جو مدو ايڪسپائر ٿي ويو آهي، اسان ڪڏهن به سڌري ڪونه سگھندا سين، اسان سازن بنا آواز ٻڌي سگھندا سين، گھايل ڪونج جي ساڻن پرڙن کي ڏسي سگھندا سين.پنهنجو اندر اڌ ٿيندي ڏسي سگھندا سين پر ڪڏهن به سڌري ڪونه سگھنداسين.“ پڇيائين”تنهنجي سالگرهه تي مان توکي ڇا ڏيان؟“ وراڻيم”بي انتها محبت ڏجانءِ، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي بناوٽ نه هجي، صاف ۽ شفاف هجي. ورهين کان ساحل تي ويٺل وڻجاريءِ جيان مونکي وياڪل محبت نه ڏجانءِ، نه ته مان وڌيڪ ڀُري پوندس. ڀُري پوندس ته وري جُڙي ڪونه سگھندس ۽ جُڙي به سگھيس ته محبت ڪونه ڪري سگھندس.“ پڪاسو جي پينٽ ڪيل ڪنهن پينٽنگ جھڙيون غير معمولي ۽ املهه اکين سان مونکي گھوريندي رهي. بي اختيار ٿي وراڻيم”توکي سجدو ڪيان.“ کلي پئي ۽ ڪافي دير مسلسل کلندي رهي. فضا ڄڻ رقص ڪرڻ لڳي، ماحول ڪلاسڪ سازن تي مست ٿيڻ لڳو. کلندي وراڻيائين”تون ڏاڍو پر ڏاڍو اوکو آهين.“ ”الائي ڇو.“ چيم” منهنجي دل چئي ٿي مان توکي سجدو ڪيان، توسان هر گھڙي گڏ هجان، توسان گڏ موهن جي دڙي جا اُجڙيل آثار ڏسان، ٽيڪسيلا جا ٽٽل عبادت گاهه ڏسان.“ وڏيون ۽ گھريون اکيون کڻي لاڳيتو مونکي ڏسندي رهي. وراڻيائين”ڳالهاءِ“ وراڻيم”ڪڏهن ڪڏهن مونکي منجھائي ڇو ڇڏيندي آهين؟“ ”جڏهن تون منجھيل هوندو آهين، تڏهن تون بيحد سٺيون ڳالهيون ڪندو آهين.“وراڻيائين. ”چري“چيم”مان جڏهن منجھي پوندو آهيان، تڏهن منهنجي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه ٿيندي آهي، انهي پهرن ۾ مان سخت پيڙاءُ مان گذرندو آهيان.“ مسلسل مونکي ڏسندي رهي. ڪافي دير خاموش رهي وراڻيائين”ڪجھ لطيف سرڪار جون سٽون ٻڌاءِ“ وراڻيم”لطيف سرڪار چيو آهي ته؛ ”پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار نه مون. مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو توکي ئي لڳي.“ بي اختيار سندس اندر مان آواز نڪتو ”واهه..........واهه“ آهستي آهستي وکون کڻڻ لڳي. مان پنهنجي جاءِ تي بيٺل رهيس. ڪجھ وکون کڻي اڳيان بيهي رهي، پٺيان مُڙي مرڪي ڏنائين. ”اچ ته اڄ گڏجي سفر ڪيون.“مرڪندي وراڻيائين. مون وک کڻي وراڻيو”اسان جو سفر ته ڪڏهڪوشروع ٿي چڪو آهي.“ حيدر زرياب