ﺷﻴﺦ ﺍﻻﺳﻼﻡ ﻋﺒﺪﺍﻟﺮحمان ﺑﻦ ﻋﻤﺮ ﻭﺍﻟﻤﻌﺮﻭﻑ ﺑﻪ ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﻧﺴﻼً ﺳﻨﮅﻱ ﻫﻴﺎ . ﻋﻼﻣﻪ ﺫﻫﺒﻲ ۽ ﺍﺑﻦ ﺣﺠﺮ ﻋﺴﻘﻼﻧﻲ ﻟﮑﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ” ﺍﻥ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺳﻨﮅﻱ ﻗﻴﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﻫڪ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﻫﻮ . ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ 88 ﻫﺠﺮﻱ ۾ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ . ﺍﻥ ﺟﻲ ”ﺷﻴﻮﺥ“ ( ﺍﺳﺘﺎﺩﻥ ) ۾ ” ﻋﻄﺎ ﺑﻦ ﺍﺑﻲ ﺭﺑﺎﺡ ( ﻣﻔﺘﻲ ﻣڪﻪ ) ،“ ” ﻗﺘﺎﺩﻩ ﺷﺪﺍﺩ،“ ”ﻣﻮﻟﻲٰ ﺑﻦ ﻋﻤﺮ، “ ”ﺍﻣﺎﻡ ﺯﻫﺮﻱ“ ۽ ” ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻦ ﺳﻴﺮﻳﻦ “ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﺎ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ۾ (ﺟﻦ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﮐﺎﻥ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻌﺒﻲ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ ) ” ﺍﻣﺎﻡ ﻣﺎﻟڪ“ ” ﺳﻔﻴﺎﻥ ﺛﻮﺭﻱ،“ ” ﺍﺑﻦ ﻣﺒﺎﺭڪ“ ۽ ” ﺳﻌﻴﺪ ﻗﻄﺎﻥ“ ﺟﻬڙﺍ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﺎ . ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﺟﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﻋﻈﻤﺖ ﺟﻮ ﺍﻋﺘﺮﺍﻑ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﺴﺘﻴﻦ ﭘﮡ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﺍﺑﻦ ﻣﻬﺪﻱ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ” ﺣﺪﻳﺚ ﺟﺎ ﭼﺎﺭ ﺍﻣﺎﻡ ﺁﻫﻦ، ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ” ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ،“ ﭔﻴﻮ ” ﻣﺎﻟڪ،“ ٽﻴﻮﻥ ” ﺛﻮﺭﻱ “ ۽ ” ﺣﻤﺎﺩ ﺑﻦ ﺯﻳﺪ .“ ﺷﺎﻡ ۾ ﺳﻨﺖ ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪڙﻥ ﻣﺎﻥ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﭔﻴﻮ ڪﻮ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﻴﻮ “. ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﺟﻲ ﻭﺳﻌﺖ ﻋﻠﻤﻲ ﺟﻲ ﺍﻋﺘﺮﺍﻑ ۾، ﺍﻫﻞ ﺳﻨﺖ ﺟﻲ ﭼﺌﻦ ﺍﻣﺎﻣﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ، ﺍﻣﺎﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﺑﻦ ﺣﻨﺒﻞ ﻓﺮﻣﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ”ﻫڪ ﭜﻴﺮﻭ ” ﺳﻔﻴﺎﻥ ﺛﻮﺭﻱ“ ۽ ” ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ“ ” ﺍﻣﺎﻡ ﻣﺎﻟڪ “ ﻭٽ ﻭﻳﺎ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻭﺍﭘﺲ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻥ ﺑﻌﺪ ”ﺍﻣﺎﻡ ﻣﺎﻟڪ“ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ“ ﻫﻨﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﻣﺎﻥ ﻫﺮ ﻫڪ، ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ، ﻫڪ ﭔﺌﻲ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﻦ ( ﺳﻔﻴﺎﻥ ﺛﻮﺭﻱ ) ۾ ﻋﻠﻢ ۽ ﻣﺬﻫﺐ ۾ ﺍﻣﺎﻣﺖ ﺟﻲ ﺍﻫﻠﻴﺖ ﻧﻪ ﺁﻫﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﭔﻴﻮ ( ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ) ﺍﻣﺎﻡ ﺑﮣﺠﮡ ۾ ﺍﻫﻠﻴﺖ ﺭﮐﻲ ﭤﻮ . ﺍﺑﻮ ﺍﺳﺤﺎﻕ ﻓﺮﺍﺭﻱ ﭼﺌﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ” ﻣﻮﻥ ﺍﻧﻬﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﺷﺨﺼﻦ ( ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ۽ ﺛﻮﺭﻱ ) ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﭔﻴﻮ ڪﻮﺑﻪ ﻧﻪ ڏﭠﻮ ﭘﺮ ﭔﻨﻬﻲ ﻣﺎﻥ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﻭﮄﻳڪ ﻋﻮﺍﻣﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺟﻮ ﺣﺎﻣﻞ ﺁﻫﻲ . ﺟﻴڪﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭼﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﺗﻪ ﻣﺎﻥ ﺍﻣﺎﻣﺖ ﻻﺀِ ﺍﻧﻬﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﮐﻲ ﭼﻮﻧڊﻳﺲ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﻣﺎﻥ ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﮐﻲ “. ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﺟﻲ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻋﻠﻢ ۽ ﺩﻳﻦ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ڪﻨﺪﻱ ﮔﺬﺭﻱ ۽ ﮐﻴﺲ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺟﺎﻫﻪ ﻭ ﺟﻼﻝ ﮐﺎﻥ ﺳﺨﺖ ﻧﻔﺮﺕ ﻫﺌﻲ، ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻗﻀﺎ ﺟﻲ ﻋﻬﺪﻱ ﺟﻲ ﭘﻴﺸڪﺶ ڪﺌﻲ ﻭﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻨﻦ ﭠڪﺮﺍﺋﻲ ﮀڏﻳﻮ . ﻫڪ ﭜﻴﺮﻭ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺑﺎﺩﺷﺎﻫﻪ ﻣﻨﺼﻮﺭ، ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﮐﺎﻥ ﺑﻨﻮ ﺍﻣﻴﻴﻪ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﺎﺭﻱ ۾، ﺳﻨﺪﺱ ﺭﺍﺀِ ﻭﭠﮡ ﭼﺎﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﻮﺍﺏ ﻫﻦ ﻗﺮﺁﻥ ۽ ﺣﺪﻳﺚ ﻣﻮﺟﺐ ڏﻧﻮ . ﺍﻥ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﻣﻨﺼﻮﺭ ﺳﺎﮢﻦ ﺑﺤﺚ ڪﺮﮠ ﻟﮙﻮ ۽ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﻣﻨﺼﻮﺭ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻟﻴﻠﻦ ﺳﺎﻥ ﻻﺟﻮﺍﺏ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ ﺗﻪ ﺭﺍﻭﻳﻦ ﭼﻮﺍﮢﺎ، ” ﻣﻨﺼﻮﺭ ﺟﻮ ﺍﮐﻴﻮﻥ ڪﺎﻭڙ ﺳﺒﺒﺎﻥ ٽﺎﻧڊﻥ ﺟﻴﺌﻦ ﮘﺎڙﻫﻴﻮﻥ ﭤﻲ ﻭﻳﻮﻥ ۽ ﺍﻥ ﺳﺨﺖ ﻟﻬﺠﻲ ۾ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﮐﻲ ﺷﺎﻫﻲ ﺩﺭﭔﺎﺭ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮﻱ ﻭﭸﮡ ﺟﻮ ﭼﻴﻮ “. ﺟڏﻫﻦ ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﺩﺭﭔﺎﺭ ﮐﺎﻥ ﻧڪﺮﻱ ڪﺠﻬﻪ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎ ﺗﻪ ﮐﻴﻦ ﻫڪ ﮔﻬﻮڙﻱ ﺳﻮﺍﺭ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﮃ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﻧﻈﺮ ﺁﻳﻮ . ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﮔﻬﻮڙﻱ ﺳﻮﺍﺭ، ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺟﻲ ﺣڪﻢ ﺗﻲ ﮐﻴﻦ ﻗﺘﻞ ڪﺮﮠ ﺍﭼﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﺍُﺗﻲ ﺋﻲ ﻧﻔﻞ ﻧﻴﺘﻲ، ﻧﻤﺎﺯ ﭘڙﻫﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﺌﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻗﺘﻞ ﭤﻴﮡ ﻭﻗﺖ ﺳﻨﺪﺱ ﺳﺮ، ﺍﻟﻠﻪ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﺳﺠﺪﻱ ۾ ﻫﺠﻲ . ﭘﺮ ﺑﻌﺪ ۾ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺳﻮﺍﺭ ﺍﻧﻬﻦ ﻻﺀِ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺟﻲ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺩﻳﻨﺎﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﭜﺮﻳﻞ ﻫڪ ﭤﻴﻠﻬﻲ ﮐﮣﻲ ﺁﻳﻞ ﻫﻴﻮ ﺟﻴڪﻮ ﻣﻨﺼﻮﺭ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺳﻨﺪﻥ ﺣﻖ ﮔﻮﺋﻲ ﺟﻮ ﺍﻧﻌﺎﻡ ﻫﻴﻮ . ﺍﻣﺎﻡ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﭤﻴﻠﻬﻲ ﻗﺒﻮﻝ ﺗﻪ ڪﺮﻱ ﻭﺭﺗﻲ، ﭘﺮ ﺭﺳﺘﻲ ۾، ﮔﻬﺮ ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ﺋﻲ ﻭﺭﻫﺎﺋﻲ ﮀڏﻳﺎﺋﻮﻥ . ﺍﺳﻼﻣﻲ ﻓﻘﻪ ۾، ﻗﺪﻳﻢ ﺷﺎﻣﻲ ﻓﻘﻪ ﺍﻭﺯﺍﻋﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﻨﺴﻮﺏ ﻫﻴﻮ ۽ ٽﻴﻦ ﺻﺪﻱ ﻫﺠﺮﻱ ۾ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺟﺎﺀِ ﻣﺎﻟڪﻲ ﻓﻘﻪ ﻭﺭﺗﻲ . ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺟﻼﻭﻃﻦ ﭘٽ ﺟﻮ ﺍﻧﺘﻘﺎﻝ، ﺣﻤﺎﻡ ۾ ﺑﺎﻫﻪ ﻟﮙﮡ ﺳﺒﺐ ﺳڙﻱ ﭘﻮﮠ ڪﺮﻱ ﭤﻴﻮ عوامي آواز مان ورتل.