تاريخ کان اڳ، جڏهن انسان کي اِهو طريقو سمجهه ۾ اچي ويو ته ٻين ماڻهن جي ڦرلٽ ڪيئن ڪري سگهجي ٿي، ۽ کين غلام بنائي ، ڪيئن سندن رت چوسي سگهجي ٿو، تڏهن کان وٺي نسلي برتريءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا. قديم مصر جي کوٽائيءَ کان پوءِ اهڙا مثال گهڻو ڪري اُڪريل تصويرن جي صورت ۾ مليا آهن، جن ذريعي سمجهي سگهجي ٿو ته قديم مصري ماڻهو نسلي برتريءَ جا گهوريا هئا. سندن اُڪريل تصويرن ۾ ڌارين ماڻهن جون تصويرون پڻ آهن، جن منجهان ’ڌارين ‘ (جن کي عام طور تي، ٻين علائقن مان جانورن جيان پڪڙي آندو ويندو هو ۽ کانئن نيچ ڪم ڪار ورتا ويندا هئا) جي حالت غلاميءَ واري محسوس ٿئي ٿي. مصري اهڙن ڌارين (نيچ) ماڻهن کي ”بَر بَر“ جي لقب سان نوازيندا هئا. يوناني زبان ۾ لفظ ”باربيرين“ جو مطلب آهي ”نه سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي ڳالهائڻ وادو.“ پوءِ اِهو ئي لفظ اڳتي هلي اڻ سڌريل، ڄٽ يا جانور وغيره جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. قديم سنڌ ۾ جڏهن آرين جو اچڻ ٿيو ته اُنهن مقامي ماڻهن کي ”اڻ آريا“ ڪوٺيو، يعني ”اڻ سڌريل“. اِهو ئي تصور اڳتي هلي هندو ڌرم ۾ اهڙيءَ ريت رائج ٿيو، جو ”اڻ سڌريل“ شودرن ۾ مليڇن کي ڀڳوان جي پيرن مان پيدا ٿيل ۽ گندگيءَ جو ڪيڙو سمجهي، مٿن اِهو فرض عائد ڪيو ويو ته اُهي برهمڻ سماج جي خوشحاليءَ ۽ عيش لاءِ پنهجو رت ۽ پگهر وهائين: اُها ئي اُنهن جي پوڄا ۽ عبادت هئي. اُنهن راڄوڪي يورپ جيان( جتي جي ڪن هوٽلن تي ”ڪتن ۽ ڪارن کي اندر اچڻ جي منع آهي“) لکيل هوندو آهي، هتي به مخصوص گهٽيون، جڳهون، کوهه ۽ رستا ٺاهيا، جن تان ڪو به شودر يا مليڇ نه لنگهي سگهندو هو. ايتري قدر جو شودر کي ڪا سيڌي سامان جي شيءِگهربي هئي ته دڪان کان ڪافي پري بيهي، سڪا اڇلائي برهمڻ دڪاندار کي ڏيندو هو ۽ رڙ ڪري کانئس شيءِ طلب ڪندو هو. برهمڻ دڪاندار وري اهو سڪو کڻي پاسي ۾ پيل ’پاڪ پاڻيءَ‘ جي لوٽي مان ٻوڙي (يعني ان تان ناپاڪي لاهي) پوءِ پنهنجن پئسن ۾ رکندو هو، ۽ شيءِ توري، کيس پري کان ئي اڇلائي ڏيندو هو! پنجين صدي قبل مسيح ۾ يونائي ماڻهو بربرن کي ائين نهايت ئي ڪريل ۽ غليظ مخلوق سمجهندا هئا، جيئن اڄ جي جرمنيءَ ۾ جِپسين کي ۽ آمريڪا ۽ ٻين يورپي علائقن ۾ ريڊ انڊين ۽ شيدين کي غليظ سمجهيو ٿو وڃي، يوري پيڊيز(يونانيءَ) جي نظر ۾، بربر ِن لائق نه هئا ته اُهي انصاف جي معنيٰ سمجهي سگهن. اُنهن ئي نسلي امتيازن ارسطوءَ کي هي لکرايو ته ’انسان ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙا مٿن لٿل، اوچا، ۽ ٻيا گند ۽ گپ مان نڪتل، ادنيٰ، (سنڌ جا ڪي سيد به پاڻ کي حُور جو اولاد ۽ عام خلق کي جنڙيءَ جو اولاد تصور ڪندا آهن). ارسطوءَ لکيو ته اُنهن ٻن انساني گروهن مان جنهن ماڻهوءَ ۾ جيڪو عنصر غالب هجي ٿو، اُن مطابق فطرت اهو فيصلو ڪري ٿي ته اُن کي حاڪم ٿيڻو آهي يا محڪوم. ٻين لفطن ۾، يقينا آقا جو پٽ آقا ئي ٿيندو، ۽ غلام جو پٽ غلام. ارسطوءَ اڳتي هلي لکيو ته ”برَ بَر“ (جاهل) غور ۽ فڪر جي عادت تمام گهڻي رکن ٿا، ڇو ته اُنهن تي مسلسل غلاميءَ واري ڪيفيت طاري رهي ٿي. اِنهيءَ ڪري، هُن پنهنجي لائق شاگرد سڪندر مقدونيءَ تي پڻ زور ڀريو ته ’هو يونانين کي پنهنجو عزيز ۽ قريب محسوس ڪري ۽ بربرن سان حيوانن جهڙو سلوڪ ڪري.‘ اُنهي ساڳئي يوناني معاشري جي تاريخ ۾ اسپارٽا۽ ٽراءِ جي جنگ پڻ لڳي آهي، جيڪا بربرن ۽ يونانين ۾ نه پر اسپارٽا شهر جي يونانين ۽ ٽراءِ شهر جي يونانين ۾ مسلسل چوڏهن سال هلي. مسئلو هيءُ هو ته اسپارٽا جو هڪ خوبصورت نوجوان پئرس ٽراءِ شهر جي سهڻيءَ عورت، هيلن، کي ڀڄائي ويو هو، جنهن تي اُنهن پنهنجي ئي ’خاص نسل‘ سان جنگ ڪئي، ڇو ته ٽراءِ وارا اسپارٽا جي شهرين کي پاڻ کان به ڪمتر يوناني تصور ڪندا هئا. انساني تاريخ اهڙن هزارين لکين واقعن سان ڀري پئي آهي، جن ۾ هڪڙي انساني ٽولي ٻئي ٽولي کي ”نيچ“ سمجهيو آهي ۽ نفرت ڪئي آهي. پوءِ اهو ٻيو سبب آهي ته اُنهن ڪڏهن نسل، ذات، قوم، علائقي جي پاڪائيءَ کي ته ڪڏهن وري مذهب کي بنياد ٺاهي مارا ماري ڪئي آهي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي. قديم چين ۾ پڻ بربرن لاءِ نيچپائيءَ وارو تصور رائج هو. پهرينءَ صدي عيسويءَ ۾ چين جي اسي سيڪڙو آباديءَ واريءَ وڏيءَ قوم ”هان“ جي هڪڙي مؤرخ، بان گو، لکيو هو ته ”بربر پنهنجا وار کليل رکن ٿا ۽ پنهنجي ڪوٽ کي کاٻي پاسي موڙين ٿا. اُهي انساني چهرو رکن ٿا، پر سندن دليون وحشين جهڙيون آهن. اُهي مشرقي لباس کان مختلف لباس اوڍين ٿا ۽ اُنهن جا رواج ۽ رسمون، خوراڪ ۽ پيئڻ جا شربت، سڀ مختلف آهن. هڪڙي نه سمجهه ۾ ايندڙ زبان ڳالهائين ٿا. نتيجي طور، هڪڙي سمجهو حڪومت بربرن سان اهڙو ئي ورتاءُ ڪري ٿي، جهڙو وحشين سان ڪيو ويندو آهي.“ جيڪڏهن وحشين کي ئي ’بر بر‘ ڪوٺيو ويندو هو، ته پوءِ ڇا، آريا وحشي نه هئا، جيڪي ماڻهن کي گجرن ۽ مُورين جيان وڍي ڇڏڻ ۾ دير نه ڪندا هئا.اُهي جڏهن سفر ڪندا هئا، ته ٻن گهوڙن کي گڏ کڻندا هئا. جن مان هڪڙي تي سفر ڪندا هئا ۽ ٻيو پاسي کان ڊوڙندو رهندو هو. آريا مسلسل هزارين ميل گهوڙي تي سفر ڪندا هئا. جڏهن گهوڙو ٿڪاوٽ کان چور ٿي ڪرڻ وارو هوندو هو، ته اُهي خنجر ڪڍي، گهوڙي جي ڪنڌ ۾ هڻندا هئا، جنهن سان رت جو ڦوهارو نڪرندو هو ته اُهو ويٺي ئي پيئندا هئا.پوءِ ٽپ ڏيئي ٻئي گهوڙي تي چڙهي پوندا هئا، ۽ زخمي ۽ ٿڪل گهوڙي کي اُتي ئي ڇڏي ڏيندا هئا. اڳتي هلي نسلي امتياز، احساس برتريءَ ۽ پاڪ رت جو اِهو هٿ- ٺوڪيو قانون، ذهن کان شروع ٿي، قانون جي ڪتابن ۾ پڻ مڙهجي ويو، ۽ ويهين صديءَ جهڙيءَ عظيم سائنسي کوجنائن، ٽيڪنڪ ۽ علم جي ڦهلاءَ واريءَ صديءَ ۾ اُن جذبي سمورن ملڪن جي نقشن ۾ ٻارڻ ٻاري ڇڏيو، هِن صديءَ ۾ ٻن عالمگير جنگين لڳڻ جو هڪڙو سبب نسلي برتريءَ کي ئي لکيو ويو-حالانڪه اُن جو اصل ڪارڻ اقتصادي هو. شروع شروع ۾ جڏهن انگريز سامراج ۽ جرمن (آريا) قوم ماڻهن کي ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو ته اُنهن پنهنجا ٻه عظيم مقصد ظاهر ڪيا: انگريزن سڄيءَ دنيا جي اڻ سڌريل يعني جهنگلي ماڻهن کي سڌاري تهذيب يافته بنائڻ جو ٺيڪو پنهنجي هٿ ۾ کنيو، ۽ اُنهن جو حدف خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا ۽ لئٽن آمريڪا رهيا؛ ۽ جرمن وري اُن مهم سان گڏ پنهنجيءَ سر زمين کي يهودي آبادڪار کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هٽلر جي سربراهيءَ ۾ قدم اڳتي وڌايو، ۽ اهڙيءَ ريت نازي جرمنيءَ جي ڪئمپن ۾ اُنهيءَ نسل ڪشيءَ ذريعي تقريباً سٺ لک يهودين کي تيزابن جي ڊمن، گئس چيمبرن ۽ ٻين طريقن سان ماريو ويو. هڪ گورو دانشور، ڪانوينٽ ڊي گويينو، هڪ هنڌ اعتراف ڪندي لکي ٿو ته ”مون يورپ جي مٿانهين طبقي کي بچائڻ لاءِ ٻه خاص مضمون لکيا، جن ۾ مون پنهنجن ابن ڏاڏن جا سڱ هٿ- ٺوڪئي پاڪ نسل سان ڳنڍيا هئا- اُهو پاڪ نسل هو’آريا نسل‘.“ هن چيو ته ”آرين اڄ تائين جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، سان سندن ’تهذيبي مِشن‘ هئي، يعني جاهلن کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ڪيل عمل.“ ڏٺو وڃي ته فرينچ، چيني، جرمن، انگريز، آمريڪي ۽ ٻين قومن جي مبلغن ۽ مدبرن، فيلسوفن ۽ عالمن پڻ اِنهيءَ ڏس ۾ ڀرپور ڪوششون وٺي، نسلي امتياز جي دونهين کي دکيل رکيو آهي، فرانس جي ’واشر دي لاپوز بروڪا‘ ۽ جرمنيءَ جي (آمون“ جهڙن عالمن جي ’ڪنفيوشس ‘ پڻ انهيءَ ڏس ۾ وڏيون ڪوششون ورتيون آهن. ڪنفيوشس ته چين کي ۽ چيني قوم کي دنيا جو ٿنڀ تصور ڪندو هو. ڏتڙيل آمريڪين- يعني ڳاڙهن هندستانين- کي ”ماڻهو “ تسليم ڪرڻ لاءِ سرڪاري طور تي پوپ جوليئس ٻئي، 1512ع ۾، هڪ اعلان ذريعي ظاهر ڪيو ته ڳوڙها هندستاني (Red Indians)به ٻين انساني گروهن جيان آدم جو اولاد آهن. انسانيت جي اهڙي تذليل، حقيقت ۾ اقتصاديات جي ماهرن جي نظر ۾، اقتصادي غلبو حاصل ڪرڻ لاءِ اُرهه زورائيءَ واري پاليسي آهي. يورپ جون سموريون صليبي جنگيون ۽ مسلمانن جون ايشيا جي مُکين ستابن ملڪن تي ڪاهون پڻ اقتصاد جون جنگيون آهن. جن کي نظريي جي سهڻي پوش ۾ لڪايو ويو، پوءِ ڪٿي اُهو جذبو گهٽ ته ڪٿي وڌ رهيو. مشهور تاريخدان هيرويوٽس لکي ٿو ته ”فارس جي رهڻ وارا پاڻ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ بهتر پنهنجين قريبي قومن کي سمجهندا هئا پوءِ وري اُنهن جي پاڙيسري قومن کي اهميت ڏيندا هئا.“ مطلب ته فارس جي رهندڙن اڳيان ٻين ماڻهن جي اهميت جو مدار مفاصلي تي هو. حجاج بن يوسف هڪ ڀيري سمورن علمائن کي مسجد ۾ گهرائي قتل ڪري ڇڏيو هو. سندس چوڻ هو ته ”اڄ آءُ فصل پڪل ٿو ڏسان، انهيءَ ڪري لڻڻ جي ضرورت آهي.“ ايران جي هڪ وڏي شاعر، فردوسيءَ، پنهنجي نسلي برتريءَ لاءِ چيو آهي: ”تفو بر تو اي چرخ گردان تفو، ڪه تخت ڪيان را ڪنند آرزو!“ (اي آسمان، حيف اٿئي جو ڳوهه کائيندڙ عرب اڄ ايران جي شاهي تخت کي حاصل ڪرڻ جون سڌون پيا ڪن!) پٿر جي دور کان وٺي اڄ تائين نسلي برتريءَ جي پنهنجي هڪڙي تاريخ آهي، جنهن تاريخ ۾ هزارين لکين ڀيرا ارسطوءَ واري غلام ۽ آقا ۾ ڪا تميز نه رهي آهي، ڪيترا ڀيرا غلامن آقائن کان به وڌيڪ عظمتن لائق ڪم ڪيا آهن، جن کي غلام ۽ ڪميڻو سمجهيو ويو، انهن تاريخ ۾ ايترا ته عظيم الشان ڪارناما ڪيا، جو نسلي برتريءَ جي گهمنڊ ۾ هلڻ وارا ڪمتر ليکجڻ ۾ آيا، پر رنگ ۽ نسل جي اِن غير سائنسي ورڇ اِنهيءَ هٿرادو تضاد کي وڌائي ايترو ته اينگهايو آهي، ۽ اهڙن غيرانساني نظرين دنيا جي امن ۾ ايترو ته خلل وڌو آهي، جو انسانيت لاءِ وڏو خطرو پيدا ٿي پيو آهي. دنيا ۾ ڀائيچاري ۽ رواداريءَ، قرب ۽محبت، انساني ٻڌيءَ ۽ پيار جي کوٽ پيدا ٿي پيئي آهي ۽ انسان ذات هڪڙيءَ اهڙيءَ ته وڏي کاهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي، جتان کان سڀ راهون موت ۽ اڪيلائپ، نفرت ۽ ڌڪار ڏانهن وڃن ٿيون. نسلي برتريءَ ۽ امتياز جي باهه ڌرتيءَ جي گولي کي ويڙهي ورتو آهي، ۽ دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو علائقو هجي، جتي اِهو متڀيد هلندڙ نه هجي. اڄ دنيا جون ڪيئي قومون، غلام ۽ آقا واري انهيءَ پراڻي نظريي کي تهذيب جي پوش ۾ لڪائي، ڪاري ۽گوري انسان ۾ فرق ۽ نفاق پيدا ڪري چڪيون آهن، ڇو ته ڪارن وٽ بک، بدحالي، غربت ۽ محنت آهي، جڏهن ته گورا اِنهن ئي ڪارن جي پگهر جي پورهئي تي پلجن ٿا: سندن عاليشان محلات، ويس وڳا، بيجا عياشيون، اُوچا کاڌا پيتا، گاڏيون، گندگيءَ کان صاف گهٽيون ۽ علائقا سڀ ڪارن جي محنت جو ثمر هوندي به اُهي ڪارن کي پنهنجيءَ اک جو ڪنڊو سمجهن ٿا، اُهي ڪارن ماڻهن کي ڪتي کان به ڪمتر سمجهن ٿا. صديون گذري ويون آهن، گورن آفريڪا جي ڪارن ۽ ايشا جي ’زرد‘ ماڻهن (زرد ماڻهو به انهن اڳيان ڪارا شمار ٿين ٿا) جي علائقن تي ناجائز قبضا ڪري اتي پنهنجون بيٺڪون قائم ڪري، رائيفل جي زور تي نه رڳو سندن سون، هيرن، ۽ ٻين قيمتي معدني ذخيرن کي ڦٻائي ۽ زرعي پيداوار جو ڪچو مال ڍوئي، پنهنجا گدام ڏٽيا آهن، بلڪه پنهنجيءَ طاقت ذريعي مقامي ماڻهن جي ٻوليءَ تهذيب، ثقافت ۽ شناخت کي به ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن- ايتري قدر جو اُنهن جي نفسيات کي ئي هُنن بدلائي ڇڏيو آهي. ڪن هنڌن، جهڙوڪ ڏکڻ آفريڪا، ۾ ته اُنهن هاڻ مقامي ماڻهن کي اُتان جي اصل وارث هجڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن وجود کي ئي ڌرتيءَ تي گند جو ڍير سمجهي، مٽائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. نسلي امتياز واريون ڪارروايون هاڻ نسل ڪشيءَ لاءِ وڏو ميدان ٺاهي چڪيون آهن، جن جي ڪري سڄي آفريڪا کنڊ جي پنهنجي روايتي، فن، ادب، آرٽ، زراعت، ڪاريگريءَ ۽ ڪيميا گريءَ کي وڏو ڌڪ پهتو آهي. پراڻي دور ۾ آفريڪي ماڻهن جو عام وڪرو ٿيڻ ڪري اُنهن جي روايتي سرشتي کي سخت نقصان پهتو هو: ۽ موجوده حالتن ۾ به نسل پرست گورين حڪومتن جيڪي نوان قانون ٺاهيا آهن، اُنهن مطابق غلاميءَ وارو غليظ سرشتو اُتي ختم ٿيڻ بجاءِ پنهنجي نئين جوش خروش سان ظاهر ٿيو آهي. نسلي برتريءَ جو تعصب پسنديءَ وارو نعرو هڻندڙ، غاصب ۽ ڦورو، ’سفيد فام‘ حڪومتن ايشيا ۽ آفريڪا ۾ پنهنجيءَ نفرت جا اڻمٽ نشان چٽيا آهن، ايتريقدر جو جتان جتان اُهي تڙجي چڪا آهن، اتي وري مقامين مان ڪن مليل جُليل نسل وارن- جهڙوڪ ائنگلو انڊين يا ٻين مٿئين طبقي جي ماڻهن-هيٺئين طبقي سان ساڳيو آقا ۽ غلام وارو سلوڪ جاري رکيو آهي. اُهي مقامي، بقول سارتر جي، ”يورپ ۾ ڪجهه وقت رهايا ويا ۽ کين مغربي تهذيب جي اصولن سان داڳيو ويو.“ فرا نزفينن جي چوڻ مطابق، ”انهن کي جڏهن ڪجهه وقت مغرب ۾ رهائي وري سندن اصل ملڪ ڏانهن موڪليو ويندو آهي، ته احساس برتريءَ جو شڪار ٿيل آهي، اُهي ماڻهو پاڻ کي حاڪم قوم جا فرد ۽ تهذيب يافته فرد سمجهندا آهن ۽ پوءِ هو پنهنجيءَ ئي قوم جي مقامي ماڻهن سان حاڪم وارو طريقو هلندا آهن. نسل پرستيءَ ۽ قومپرستيءَ ۾ جيڪي سنڌا آهن، تن کي سمجهڻ هتي ضروري آهي. نسل پرست ٻئي جو مڪمل خاتمو اهڙي تعصباتي زهر سان ڪرڻ چاهيندو آهي، جنهن ۾ پوءِ پاڻ به سڙي ويندو آهي؛ پر قومپرتيءَ هميشه نسل جي مقابلي ۾ ثقافت جو تصور ڏنو آهي. گني بسائو جي انقلاب جو اڳواڻ، ايملڪا ڪئبرال، قومي آزاديءَ جي وضاحت ڪندي چوي ٿو: ”هڪڙي قوم جيڪا ٻاهرئين تسلط کان آزادي حاصل ڪري ٿي، حقيقي طرح تڏهن وڃي آزاد ٿئي ٿي، جڏهن ٻاهرين آقائن جي ثقافت جي چڱن اثرن کي ختم ڪرڻ بغير، اُها پنهنجيءَ اصلي ثقافت کي وري اُجاگر ڪري ٿي، ۽ ٻاهرينءَ ثقافت جي مرعوبيت ۽ خراب اثرن کي ختم ڪري ٿي.“ نسلي برتريءَ جو تصور هن وقت سرمائيدار معاشرن جي اُسرڻ جي ڪري ته نهايت ئي غليظ صورت وٺي چڪو آهي. اُن جو بدترين مثال هن وقت ڏکڻ آفريڪا جو آهي، جتي ڦورو سامراجين مقامي ڪارن سان ٻارڻ ٻاري ڏنا آهن. ڪارن کي گورن جي علائقن ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي، صرف اُهو ماڻهو پرمٽ وٺي گورن جي علائقن ۾ وڃي سگهي ٿو، جنهن کي اهي ڪنهن مزدوريءَ جهڙيِ ڪم سان گهرائين. اتي قانون آهي ته ڪارن جون صرف عورتون گورن جي ٿانءَ- ٻهاريءَ لاءِ رکي سگهجن ٿيون. 1911ع ۾ مقامي ڪارن مزدورن لاءِ ليبر ريگيوليشن ايڪٽ ٺاهيو ويو، جنهن هيٺ ڪارن کي، ويندي گوليون هڻي به ختم ڪرڻ ۾ آساني ٿي پيئي. ڏکڻ آفريڪا جي پوليس ڪارن جي گوري سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ، اُنهن وٽ نوڪرين ڪرڻ وغيره تي چڪاس سخت رکي، ۽ رهڻ لاءِ کين اجازت ناما وٺڻا پيا. سمورن مقامي ڪارن کي بندوق جي زور تي سندن اباڻن پڊن تا اٿاري، اهڙن علائقن ۾ اڇلايو ويو، جتي به پاڻي نه رستا نه بجلي ۽ نه انسان جي رهڻ جون ٻيون سهولتون هيون. آهستي آهستي جڏهن ڪارن جي جيئڻ جا سڀ رستا بند ٿي ويا ته اُنهن گورن جي سامهون ٿيڻ شروع ڪيو،۽ 1980ع کان ”ڏکڻ آفريڪا جي قومي ڪانگريس“ باقاعدي ويڙهه جو اعلان ڪيو. اڳتي هلي، نيلسن منڊيلا جي اڳواڻيءَ ۾، ڪارن ساڻن هٿياربند ويڙهه شروع ڪئي، پر غداريءَ جي سزائن هيٺ اُها ناڪام ٿي، ۽ منڊيلا ۽ ٻين کي جيل وڃڻو پيو، گهڻن ٻاهرين ملڪن ۾ ڀڄي جان ڇڏائي. اِن هوندي به نسل پرستيءَ جي خلاف ڪارا هاڻ اٿي کڙا ٿيا آهن.هاڻ ڏکڻ آفريڪا ۾ شاگردن ۽ مزدورن جون تنظيمون ٺهي چڪيون آهن، جن ڪيترا ڀيرا هڙتالون پڻ ڪيون آهن. اِها ٻي ڳالهه آهي ته اُتي شاگردن ۽ مزدورن جي جلوسن تي سڌيون گوليون هلايون وڃن ٿيون ۽ ڪارن جو رت پاڻيءَ جيان رستن تي وهايو وڃي ٿو. ظالم حڪومت سياسي جدوجهد هلائيندڙن لاءِ ڦٽڪن ۽ قيد جون سزائون چونڊيون آهن. انساني وقار کي اهڙي چئلينج جي سامهون هجڻ ڪري، گڏيل قومن جي اداري “يونيسڪو“ پاران اٿينس ۾ 1981ع ڌاري هڪڙو سپوزيم ڪوٺايو ويو هو، جنهن جو مقصد سائنسي دليلن سان اهو ثابت ڪرڻ هو ته ”نسل پرستيءَ“ جو ڪو به قدرتي جواز ڪونهي، يعني رنگ ڪارو يا گورو هئڻ ڪري ماڻهوءَ جي ذهانت تي ڪو به اثر نٿو پوي. فرانزفينن اِن لاءِ چوي ٿو، ”لفظ’نيگرو“ بيٺڪي سرشتي جي ايجاد آهي.“ نسل پرستيءَ جي اِن ڀيانڪ تاريخ دنيا جي ادبي ميدان کي پڻ ڪافي زرخيز ڪيو آهي، ۽ ڪيئي ڪارا اديب ۽ شاعر آفاقي تخليقون پيش ڪري چڪا آهن. هيٽيءَ جو ياڪس رومين نالي شاعر پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان محبت ظاهر ڪندي پنهنجي نظم”آبنوس“ ۾ چوي ٿو” ”آفريڪا! مون تو کي ياد رکيو آهي، آفريڪا تون مون سان گڏ آهين، زخم ۾ موجود ڪنهن شيءِ جي ٽڪري جيان، ڳوٺ جي دل ۾ حفاظتي بت وانگيان، بهر حال، آءُ تنهنجي نسل سان تعلق رکڻ چاهيان ٿو- سمورن ملڪن جي هارين ۽ مزدورن سان.“ فلسطيني شاعر توفيق زياد چوي ٿو: ”اسين هتي آهيون ۽ سدائين رهنداسين، اسين هتي شيهي جي ديوار جيان اٽل رهنداسين: پنهنجن جسمن تي سچائي نشان ڦٽڪن جا، گيت ڳائيندا رهنداسين: اسين هتي آهيون ۽ سدائين رهنداسين!“ نسل پرستي پنهنجين سمورين ’جلائيندڙ ڄڀن‘ هوندي به، گهڻي وقت جي مهمان ڪانهي. اِها يقيناّ جلد ئي پنهنجي موت مرندي، ڇو ته سموريءَ دنيا جون ڏتڙيل قومون پنهنجي ڦرلٽ ۽ استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ اٿي کڙيون ٿيون آهن. نسل پرستي مظلوم قومن جي ڦرلٽ لاءِ جاري رکي پئي وڃي ، ۽ اُها قومي ڦرلٽ ختم ٿيڻ سان ختم ٿي ويندي. ڪيوبا جي جوشي مارتيءَ جي لفظن ۾: ”انسانن کي اڄ ڪٿي، اِن ڪري به حق حاصل نه آهي ته هو ڪنهن خاص نسل سان تعلق رکي ٿو. اچو ته اسين وري به انسان جي ڳالهه ڪريون، جنهن سان گڏٻين سمورن حقن جي ڳالهه اچيو ٿي وڃي. ڇو ته انسان اڇن ۽ ڪارن جي برتريءَ ۽ ڪمتريءَ کان مٿي آهي.“(26- 7- 1984ع) ھي مضمون سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ مان ورتل آھي تحرير اڪبر سومرو sindhiadabiboard.org/catalogue/Litrature/Book28/Book_page1.html