رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
نه پيسي جو پوڄاري ٿيءُ
________________________
نه پيسي جو پوڄاري ٿيءُ دنيا دم گذر ٿي يار
اهڙو ڪوئي ڌيان به ڌار گندي ڌنڌي ٿيءُ نه گار
ڪيئي ڪروڙين ۽ هت اربين آيا مٽجي ويا انسان
تون به هليو ويندي هتان قبر موچاري جي ٻڌ سار
ڪيسين اڏيندي واريءَ جا گهر مٽجي ويندا پاڻ
صديون گذريون جيءَ به جوڳي ڪين رهيا جنسار
عملن جي هي دنيا آهي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي
مال مڏين تي مستي ڇڏ تون سڀ هي يار اٿي بيڪار
ڪينو ساڙ بغض عداوت ڇو ٿو رکين تون ماڻهن سان
نيڪ نماڻا ٿيءُ او سياڻا سک ڏي تون سڀ سنسار
يار وهي ءَ ۾ تنهنجو الرون ماڻهن کي تون پيو ڏهڪائين
ڪين ڪيو ڪا ڪاوڙ ڪنهن سان موت بڻائيندءِ مردار
سڀ سان پيار ۽ الفت ڪر تون ڪينو ڇڏ تون محبت آڻ
يار چڱو ٿي ڪر چڱايون چاهت جو ڪر تون ونهنوار