جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن

تاريخ جو جامع ڪتاب ” مجمل التواريخ“ جنهن ۾ سنڌ جي جتن ۽ ميرن جو ذڪر آيل آهي، اهو عربي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب آهي. چيو وڃي ٿو ته اهو اصل ۾ سنسڪرت ۾ لکيل هو، جنهن جو عربي ترجمو ابوالحسن علي ڪيو هو. هن تاريخ جو ڪجهه حصو ايم رينارڊ پنهنجي ڪتاب
Fragments Arabs at Persians indents relief at India ۾ ڏٺو ويو آهي، جيڪو Bilbo eque du roi at Paris مان کنيو ويو آهي. سر ايڇ ايم ايسٽ لکي ٿو ته مذڪوره تاريخ جو ايم رينارڊ طرفان ڇاپيل باب جنهن تي اسان هاڻي ڳالهائي رهيا آهيون، سو مجمل التواريخ جي مصنف جو پنهنجو لکيل ڪو نه آهي. ان بابت سندس بيان هن ريت آهي. ”مون هندن جو اهو ڪتاب ڏٺو، جنهن جو ڪنهن زماني ۾ ابو صالح بن شعيب بن جاميءَ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو اصلي سنسڪرت ۾ لکيل هو. هن 417هه / 1026ع ۾ هن ڪتاب جو جان لائبريري جي مهتمم ابو الحسن علي بن محمد الجليلي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو.“

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم رهاڪن ميرن ۽ جتن جو ذڪر آهي. اهي سنڌ جون قديم قومون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن تاريخ جي ڪتاب جي محقق جو خيال آهي ته مجمل التواريخ ۾ آيل سنڌ جو ذڪر مهاڀارت واري زماني ۾ لکيو ويو هجي.
ڪتاب جي مؤلف ان بابت اهو لکيو آهي ته ”سندس ٻي هڪ تاريخ لکيل هئي. ان کان علاوه برمڪي گهراڻي جي بڻ بنياد، عروج ۽ زوال واري سچي دور سان لاڳاپيل هڪ مڪمل تاريخ پڻ جوڙي هئي.
هن ڪتاب جي مطالعي مان ايئن لڳي ٿو ته، ڄڻ سڄو ڪتاب ايران جي ساڃهه ڪرائي رهيو هجي، ڪتاب جي موجوده ضخامت پنجويهن بابن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ حقيقتن کي تفصليوار ۽ تاريخوار رکيو ويو آهي. مثال طور نبين، روم جي حڪمرانن، عربن، ساماينن، بوبه، غزني، سلجوقي ۽ يوناني حڪمرانن جا احوال وغيره، پر منجهن هندستانجي هندو راجائن، ايران جي حڪمرانن، حضرت محمد ﷺ ۽ سندس صحابه ڪرام، خليفن، مشهور مقبرن ۽ مسلمانن جي مشهور شخصيت جو خاص تفصيلي ذڪر ڪيل آهي.
ڪتاب جو پهريون باب جتن ۽ ميرن جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿو. جنهن کي هڪ دلچسپ ڪهاڻي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هو لکي ٿو ته ” جت ۽ مير هام جي والاد مان آهن. اهي ماڻهو سنڌ ۾ بحر نالي هڪ درياھ جي ڪناري تي رهندا هئا، عرب هندن کي جت سڏندا آهن. مير جتن کان وڌيڪ سگهارا هئا. کين ماري ناس ڪري ڇڏيائون ۽ اهي مجبور ٿي پهن درياھ (پنجند درياھ) جي ٻي ڀر تي وڃي ويٺا، وٽن ٻيڙيون هيون، هو ٻيڙين وسيلي پار وڃي مالوند ميرن تي حملو ڪندا هئا. جتن جي اهڙين ڪاررواين ميرن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. سندن ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. نيٺ اهڙو وقت به آيو، جو مير جتن جي رعيت ٿي گذارڻ لڳا. جڏهن جت ۽ مير وڙهي وڙهي ٿڪجي پيا، ته صلح سان رهڻ لاءِ حل ڪڍيائون. هو لکي ٿو ته ” ٻنهي مان ڪجهه سردار گڏجي راجا دهرنڌان جي جوتشين وٽ ويا ۽ کانئس حل دريافت ڪيائون. مهاراجا پنهنجي ڀيڻ دسل کي هن ملڪ جي راڻي ڪري موڪليو. راڻيءَ ڏاڍو ڪاميابي سان ملڪ هلايو. ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ درياهن جو به ذڪر ڪيل آهي. ان کان علاوه ڪتاب ۾ برهمن جي مذهبي رسمن، تعليم، طرز حڪمراني ۽ علم و ادب جو ذڪر ملي ٿو.
ٻئي هنڌ هو لکي ٿو ته ”اهو به چيو ويندو آهي ته گشتا سپ جي زماني ۾ بهمن فوج وٺي هندستان تي ڪاھ ڪئي هئي ۽ ان جو ڪجهه ڀاڱو فتح ڪري ورتو هئائين. ٻين حصن تي هوريان هوريان ٻيا ماڻهو پنهنجو راڄ قائم ڪندا ويا ۽ سناغ گهراڻي کي منهن ڏيڻ جي سگهه هٿ ڪندا ويا ڇو ته کين سناغ گهراڻي کي منهن ڏيڻ جي سگهه ئي ڪانه هئي. بهمن هندن ۽ ترڪن جي دنگ وٽ قندابيل نالي هڪ شهر آباد ڪيو هو. ٻيو شهر هن ٻڌيه جي علائقي ۾ آباد ڪيو، جنهن تي هن بهمن آباد نالو رکيو.
ڪتاب جي هڪ حوالي موجب اهو منصوره جو شهر آهي“ ڪشمير ۽ هال جي راجائن جي تاريخ ۾ هو لکي ٿو ته ”ڪشمير جو راڄ ڪيترن ئي پيڙهين تائين سندن گهراڻي ۾ رهيو ۽ سڀ هندو سندن فرمانبردار رهندا هئا. سنڌ جي ملڪ ۾ ٽي راجا ٿيا ان کان پوءِ قفند جي حڪومت شروع ٿي، جنهن هندو راڄ کي ختم ڪري ڇڏيو. هڪ برهمڻ کيس دعا ڪئي هئي. اهو ملڪ سندس راڄ هيٺ رهندو. هن ڪتاب ۾ جنهن سنڌ جو ذڪر آيو آهي، ان جون سرحدون انهتائي وسيع، ڪشمير تائين ڦهليل هيون. جنهن دور جو ذڪر آهي، اهو به انتهائي قديم ۽ مهاڀارت واري زماني سان تعلق رکي ٿو. ڪيتريون ڳالهيون ديو مالائي انداز ۾ پيش ٿيل آهن. راسل جي وفات کانپوءِ سندس پٽن راول ۽ برڪمارس هتي حڪومت ڪئي، انهن جي دور جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
مطلب ته جتن ۽ ميرن جون قومون، جيڪي سنڌودرياھ جي ٻين ڪنارن تي آباد هيون، پاڻ ۾ وڙهنديون رهنديون هيون انهن بلآخر صلح ڪري هڪ عورت کي ملڪ جو سربراھ ڪيو. ان حڪمران راڻي ملڪ ۾ امن آندو، نوان شهر تعمير ٿيا، ملڪ جي راڄڌاني جڙي، وزارتون ٺهيون، آباديون وڌيون ۽ سنڌ هڪ ترقي ڪندڙ ملڪ ٿي پيو، اهو سڀ ڪجهه هن ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو