• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبردار!! ٻارن کي به شگر ٿي سگهي ٿي

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
موجوده دور ۾ ٻارن جو جهڙي طرح کائڻ پيئڻ، رهڻ ڪرڻ ٿي رهيو آهي ته ٻار به شگر جا مريض ٿي سگهن ٿا. پهريان هي بيماري 35 سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ ٿيندي هئي، پر اڄڪلهه نوجوان ۽گهٽ عمر جي ٻارن کي به هن بيماري پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

ٻارن ۾ ٿيندڙ پهرئين قسم جي هن بيماري ۾ گلينڊ درست طريقي سان ڪم نٿي ڪري. پينڪريز سان انسولين ۽ گلوڪوز جهڙا ڪيترائي هارمونس نڪرندا آهن. هونئن ته شگر کي انسولين ڏئي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، پر مڪمل طور تي ختم نٿو ڪري سگهجي. حقيقت ۾ سمورن سيلز کي مٺاڻ پهچائڻ ۾ انسولين مدد ڪندي آهي. انهي سان سيلز کي لڳاتار توانائي ملندي رهندي آهي انهي لاءِ اهي سيلز صحيح طريقي سان ڪم ڪندا رهندا آهن. شگر ٻارن کي سندن غلط خوراڪ ، کائڻ پيئڻ، لاپرواهي جي ڪري ٿئي ٿي. انهي سان ٻارن ۾ انسولين گهٽ مقدار ۾ ٺهندي آهي يا وڌيڪ اثر ناهي ڪندي. شگر جي شڪار ٻارن جو 95 سيڪڙو پهريون قسم ٿيندو آهي.

انسولين ٺهڻ تمام ضروري آهي. هن بيماري دوران جسم ۾ انسولين جي گهٽتائي سبب ٻار جي حالت تمام جلد خراب ٿي سگهي ٿي. ان حالت ۾ رت ۾ ايسڊ ٺهندو آهي. ننڍن ٻارن ۾ پهرين قسم جي شگر تمام گهٽ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جيڪڏهن ٻار جسماني طور تي سرگرم ناهي ۽ هو ٻاهر جسماني سرگرمين ۽ راند کي وقت نه ٿو ڏئي اهو ٻار شگر جو مريض ٿي سگهي ٿو. اڄڪلهه ٻار چپس ۽ فاسٽ فوڊ جا ديوانا آهن پر اهي شيون انهن جي صحت جي لاءِ نقصانڪار آهن. ٻارن کي گهرجي ته هو گهر کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ ٻاهر نڪري ڪري کيڏن ۽ گهٽ غذائيت واريون شيون کائن. حمل دوران شگر جي مريض ماءُ جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي به خطرو هوندو آهي. شگر کان متاثر ٻار جسماني ۽ ذهني طور تي مڪمل صحتمند هوندا آهن. انهن کي صحت مند رهڻ لاءِ برابر انسولين ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي
 
Back
Top