ڏکين ڳالهين ۾ ڦاسڻ نه گهرجي

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]نصير سومرو

    مغالطو (لفظ) ڇاهي، ڪيترا ڀيرا سوچيندو رهيو آهيان، ان قسم جي لفظن جون معنائون ۽ وصفون جيستائين معلوم نه ٿين، مغز ۾ پيون ڦرنديون آهن، پنهنجي طرفان معنيٰ جهڙي به سمجھي وٺون، اها صحيح نه هجي، ضروري ڪونهي. تنهنجو خيال ڇاهي ؟

    (مغالطي جي معنيٰ ۽ وصف بي خياليءَ ۾ بيان ته ڪري ويو آهين……”پنهنجي طرفان معنيٰ جهڙي به سمجھي وٺون، اها صحيح به هجي ضروري ڪونهي).

    ايئن هڪ لفظ آهي اباسين……..

    (هڪ ريل جو نالو اباسين آهي، پشتو ۾ مرداڻو نالو به آهي)

    ماڻهوءَ جو نالو ته مشهور ڪونهي…..عالمن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه کي اباسين چيو ويندو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ معنيٰ انڊس (INDUS) اٿس.

    (تون صحيح ٿو چوين)

    ۽ معنيٰ ؟

    (ٻين معنائن مان هڪ امن/Peace به اباسين سان لاڳو آهي. سنڌ جي اوائل کان سڃاڻپ سلامتي ۽ خوشحاليءَ واري رهي آهي. خوشحال ماڻهو ئي مهمان نواز ٿيندا آهن. جيڪي واقفڪارن سان گڏ آئي وئي اوپري ۽ پرديسي کي ماني ٽڪي کارائيندا ۽ پاڻ وٽ ٽڪائيندا آهن.)

    هڪ پشتو غزل جو شاعر آهي، جنهن جو نالو اباسين يوسف زئي آهي. هي پشتو ۽ هزاري نالا آهن پر سنڌ ۾ ڪونهن.

    (سنڌ، جيڪا سنڌو درياهه جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي، اها رڳو پڇاڙ واري ڪانهي. هماليا جي ڪک مان نڪرندي، ميدانن ۽ جبلن جا سينا چيري طرح طرح جي مٽي کنيون اچي ڪراچي تائين پهچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سنڌو جي ٻنهي پاسن کان وسندڙ قومن ۽ قبيلن کي به سنڌ ۾ شمار ڪرڻو پوندو. پشاور، هزاره ۽ اٽڪ وغيره جي علائقن ويندي ڪشميري پرڳڻيءَ جي ٻولين ۾ سنڌي گاڏر لفظ ۽ اصطلاح موجود آهن ۽ واسطيدار هنڌن جي رهواسين جي مزاج ۾ پڻ گهڻي حد تائين هڪجھڙائي آهي.)

    اتر جا ماڻهو اوچائيءَ تي رهڻ ۽ جابلو زندگي گذارڻ سببان طاقتور ۽ چست آهن ۽ هنن جو ماحول ويڙهاڪ قسم جو هئڻ ڪري لشڪر ڪشيءَ ذريعي ڪمزور قومن کي مفتوح ۽ محڪوم بڻائي کائن جزيو وصول ڪندا رهيا آهن. سنڌي هيٺائين ۽ ميداني علائقن ۾ هجڻ ڪري سدائين لشڪرن هٿان لٽبا ۽ مربا رهيا آهن ۽ اڃا تائين دفاعي حالت ۾ پاڻ ٻين جا سهارو بڻجڻ وارا سهارن جي تلاش ۾ آهن.

    (اباسين لفظ ڪيئن مغالطي جي زمري ۾ محسوس ڪيئي ؟)

    ٿيو ايئن، جو ٽيليويزن تي هڪ پروگرام ۾ ڪو اسڪالر ميزبان ۽ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآن ۽ حديث بابت سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. هن جو نالو غالبن سرفراز شاهه هو. هن جو ڪو ڪتاب به ڇپيل آهي…ڪي فقير (چوي فقير) …..هڪ شاگرد نوجوان حديث جا لفظ (اردو ۾) دهرايا ته عمل حاصل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ڇو نه ان لاءِچين وڃڻو پوي. موصوف ان حديث کي صحيح سمجھندي جواب پئي ڏنو..پڇا ڪرڻ شروع ڪيم ته ان حديث جا عربي لفط ڪهڙا آهن.

    (انگريزيءَ ۾ حديث جا لفظ هن ريت ٻڌل آهن)

    Seek knowledge even as faz as china عربي جي خبر ڪانهي.)

    عربيءَ ۾ هن طرح عبارت آهي:

    اطلبو العلم ولو ڪان السين

    (هاڻ سمجھيم….توکي لفظ ”سين“ بابت مونجھارو آهي.)

    سين جي معنيٰ سنڌو، يا سنڌ آهي، چين ۾ هجي به کڻي ته ڪهڙو چين مان علم حاصل ڪري سگهجي ٿو ؟ چيني علم جي شهرت ديني يا مذهبي ڪانهي. البت ويد (پراڻا مذهبي ڪتاب) سنڌو جي ڪناري لکيا ويا هئا ۽ هي اوائلي مذهبيات جو متسند حوالو آهي. ويدن ۾ هڪ خدا جي پرستش جو ذڪر ملي ٿو…..سنڌ کان بهشت جي هير اچڻ جو ذڪر به حديث شريف ۾ ملي ٿو. ان ڪري پڪو امڪان آهي ته مذڪور حديث ۾ علم پرائڻ لاءِ چين بدران سنڌ مراد هوندي.

    (حديث صحيح آهي، يا ضعيف……ڏسڻو پوندو.)

    مولوين جي چڪر ۾ پئبو ته مونجھارو ويتر وڌندو، جڏهن ته اسان کي مونجھاري مان نڪرڻو آهي.

    (اهو ته ٺيڪ آهي…….پر)

    پر ڇا؟

    (تون اٿارٽي ته ڪونهين…توکي حوالي جو سهارو وٺڻو پوندو.)

    هيءَ حديث آهي. ضعيف سهي. رسول الله صلي الله عليه وسلم جو فرمان آهي. فرمان يعني بيان (Saying) بيان ۽ خداوندي حڪم ۾ فرق آهي.

    (ٽيليويزن پروگرام ۾ اسڪالر……نالو ڇا ٻڌايئي…ها سرفراز شاهه جو چوڻ ڇا هو؟)

    هن هڪ حوالو ڏنو.جنگ بدر ۾ قيدي بڻايل ڪافرن مان جن وٽ ڦديو ڏئي آزاد ٿيڻ واسطي پئسو ڏوڪڙ ڪونه هو، تن کي چيو ويو ته مسلمانن کي لکڻ پڙهڻ سيکارين ته کين آزاد ڪيو ويندو. ظاهر هجي ته هنن جو علم سيکارڻ دنيا جو علم هو.يعني علم سيکاريندڙ لاءِ مسلمان هجڻ جيڪڏهن شرط هجي ها ته پاڻ سڳورا صه ڪافرن قيدين کي مسلمانن کي علم ڏيڻ عيوض آزاد ڪرڻ جو شرط نه رکي ها.

    (حديث صحيح يا ضعيف جو تعين ڪيئن ٿيندو.؟)

    امام حنبلي رضه جي مسلڪ ۾ ضعيف حديث جو مفهوم اهو ڪونهي ته اها حديث ئي ڪانهي.

    (فقهي مسلڪن/(Schools) ۾ امام ابو حنيفي رضه جو طريقو قياس تي مبني ڇنڊ ڇاڻ جو متقاضي هجڻ سببان وڌيڪ مستند سمجھيو ويندو آهي. معاملي کي (جمالي انداز ۾ سمجھڻ جو منطقي طريقو قياس/(Deductive) آهي. جيڪو مذهبيات، سماجيات، سائنس، لسانيات ۽ نيت جي خلوص آڌارڪ اڀياس ۽ تجزيي جي اهليت سان ئي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. ٻيا طريقا جزوي آهن. جزوي معنيٰ اڻپورا نيم حڪيم خطري جان.نيم ملان خطري ايمان)

    مغالطو من گهڙت يا غلط العام تصور يا نڪتي نظر آهي، جيڪو شخصي به ٿئي ٿو ۽ اڪثريتي پڻ ذهنن ۾ موجود رهي ٿو. اڃا سائنس اوج نه ماڻيو هو ته گليليو سائنسدان کان اڳ زمين بابت ڪيترائي غير صحيح عقيدا مروج هئا. مشهور مخالطن هڪ اهو ته زمين هڪڙي هنڌ بيٺل آهي ۽ سج ڦرندو يعنيٰ اڀرنو ۽ لهندو آهي ٻيو ته زمين سڌي وڇايل (flat)آهي ۽ گول هجڻ، پڻ پولار (خلا/(Space ۾ پاڻيءَ اندر مڇيءَ وانگر ترڻ ۽ سج جي چوڌاري طراف ڪرڻ وارو گهڻن ذهنن ۾ مغالطو واسو ڪري ٿو. مغالطو ۽ سائنسي سچائي آمهون سامهون بيٺل هجڻ جو مک ڪارڻ مڪمل علم جو فقدان آهي.

    (فلسفي جو بنيادي سوال مادي ۽ خيال/dea ) جي چوڌاري جڙندو آهي. هي سوالن جو سوال آهي. خيال کي جوهر/essence سان جوڙي پڻ پڇيو ويندو آهي ته مادو پهريون يا ان جو جوهر؟)

    مادي کي وجود چئجي ته وڌيڪ صحيح آهي.

    (وجود………..existeice ڀرپور معنيٰ ۽ فهم سان ڀريل آهي. خيالات جي دنيا ۾ وجود ۽ عدم وجود جو تڪرار بنيادي آهي.)

    سارتر ٽن لفظن ۾ وجود ۽ ان جي جوهر کي بيان ڪري ٿو…..وجود جوهر تي مقدم آهي…..

    Existence pro codes essence.

    (جوهر جو بدل لفط ست ٺهڪندڙ آهي. ست، ماڻهوءَ جو ماڻهپو آهي ۽اهڙي بلنديءَ کي پهتل سپتيو سڏبو آهي)

    سپتيو معنيٰ سٺي پت وارو آهي ان جو ضد ڪپتيو آهي. هيءَ ساک آهي. سٺي ساک وارو خود تي ڀروسو ۽ اعتماد ڪندو آهي.

    (ساک يعني پت ۽ ست جو پاڻ ۾ ڪهڙو لڳ لاڳاپو آهي؟)

    ڀروسو/ TRUST سماجي علمن جو سوال آهي. هي ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان لاڳاپي مان پڌرو ٿيندو آهي. ٻاهران ٺاهي رکڻ ساک ئي ساک آهي. پنهنجي پر ۾ ڪير ڪيترو به پاڻ کي ڌوتل ۽ پهتل سمجھي، پر ان جي وهنوارڪ دنيا ۾ ايتري اهميت سمجھي ويندي، جيتري خلق کيس بانور ڪرائيندي.

    (ڏکين ڳالهين ۾ ڦاسڻ سوڙهي گهٽي ۾ ڦاسڻ جي برابر آهي، ان موضوع کي ڇڏ—-ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ويندي-معاملو اباسين کان اساسين/ASSASSINATION تائين وڃي پهچندو.)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو