هڪ تاريخي مسجد: پير جو ڳوٺ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]غلام مصطفيٰ سولنگي

    مسجد پير جو ڳوٺ - شڪارپور ضلعي جي سڀ کان قديم ۽ تاريخي مسجد آهي ۽ جنهن جي اڏاوت ۽ تعميري ٺاهوڪائپ جا مثال سڄي سنڌ ۾ ٿورڙائي ملندا.

    خاص ڪري شڪارپور شهر ۽ عام طور تي شڪاپور ضلعي جي تاريخي عمارتن جو جڏهن به ذڪر ٿيندو ته هيءَ مسجد سڀ کان مٿانهين هوندي، ان ڪري جو هن مسجد جي خوبصورتي ۽ اڏاوتي خوبيون ڪنهن کان به ڳجهيون ڪونهن.

    هيءَ مسجد، شڪارپور جي سرهندي پيرن پاران آباد ڪيل هڪ ڳوٺ” پير جو ڳوٺ“ ۾ موجود آهي. هي ڳوٺ تاريخي سنڌ واهه جي ڪناري تي آباد آهي ۽ شڪارپور شهر کان لڳ ڀڳ ڏهاڪو کن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ طرف – تاريخي ڳوٺن نوشهري ابڙي ۽ ماڙي حاجن شاهه جي وچ تي واقع آهي.

    هيءَ شاندار مسجد ” پير محمد اشرف جان سرهندي نقشبنديءَ“ ٺهرائي هئي، پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته هيءَ مسجد ڪهڙي سن ۾ ٺهي هئي. پر جيئن ته پير محمد اشرف جان سرهندي ارڙهين صديءَ جو ديني عالم ۽ صاحب حيثيت شخص هيو، تنهن ڪري اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هيءَ مسجد به ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ تعمير ٿي هوندي.

    اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته مسجدن جي ڪا به مخصوص اڏاوتي شڪل اسلامي دورن ۾ ڪڏهن به مستقل ناهي رهي، پر هر دور ۾ هر علائقي جي مقامي ثقافت، طرز تعمير، بيهڪ ۽ ٻين ضرورتن کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ته شڪارپور ضلعو سمورو ميداني پٽ آهي، تنهن ڪري هتي جيڪي به عمارتون ٺاهيون ويون آهن، سي سڀ پڪين سرن مان ٺهيل آهن.

    هيءَ مسجد به خالص پيڪن سرن مان ٺاهي وئي آهي، جيڪي مقامي طور تي تيار ٿيل ڏسجن ٿيون. هن مسجد جي تعمير ۾ ٻن قسمن جون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. هڪ سنهيون ۽ ٻيون ٿلهيون سرون، جيڪي سائيز ۾ پڻ هڪ ٻئي کان مختلف آهن.

    مسجد – پير جو ڳوٺ نهايت مضبوطيءَ سان ٺاهي وئي آهي. ان جا بنياد تمام اونها رکيا ويا آهن ۽ ڀتيون به ٿلهيون ٺاهيون ويون آهن.اهو ئي سبب آهي جو ورهيه وسامڻ جي باوجود هيءَ مسجد وڏيءَ حد تائين پنهنجي اصلي صورت ۾ موجود آهي.

    هيءَ مسجد هڪ مٿانهين ٿلهي تي ٺهيل آهي، جيڪو زمين جي عام مٿاڇري کان اٺ ڏهه فوٽ اوچو ٿيندو. مقامي ماڻهن چواڻيءَ تي هيءَ مسجد پنجن سالن جي عرصي ۾ ٺهي راس ٿي هئي ۽ هيءَ مسجد شڪارپور جي مسترين ۽ مقامي مزدورن جي هٿن جو ڪمال آهي.

    هڪ ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل هيءَ مسجد ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. مسجد جي اندرين ڏاکڻي حصي ۾ گهاٽين نمن جي ڇانو ۾ پير اشرف جان سرهندي ۽ سندس خاندان جون قبرون موجود آهن. مسجد جي ٻئي حصي ۾ هڪ وڏو آڳر آهي، جتي سوين نمازي، نماز ادا ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته مسجد جو ٽيون حصو، ان جو اندريون منڊپ آهي، جيڪو مستطيل شڪل ۾ آهي.

    سرن جي ڪيترين ئي ڏاڪڻين تي چڙهڻ کان پوءِ مسجد جو مکيه دروازو اچي ٿو، جيڪو ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويو آهي. ان محرابي دروازي تي گل ٻوٽا، وليون ۽ مختلف ڊزائنن جي اڪر ۽ ڇهن پتين وارا گل ان دور جي ڪاريگرن جي مهارت ۽ ذوق جو ڏس ڏين ٿا.

    ان مکيه دروازي مٿان هڪ ننڍو گنبذ پڻ ٺهيل آهي. ان گنبذ جي ٻنهي هيٺاهن پاسن کان محراب نما وڏيون گولايون ۽ انهن گولاين جي اندر وري ننڍيون گولايون نهايت ڪاريگريءَ سان ٺاهيون ويون آهن.

    اهڙي قسم جا اڏاوتي نمونا وچ ايشيا جي اسلامي ملڪن جي مسجدن ۾ نظر اچن ٿا. جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن مسجد جي اڏاوتي انداز تي وچ ايشيا جي طرز تعمير جو اثر آهي.

    مسجد جي اڏاوت ۽ آرائش هڪ ٻئي کان زور آهن. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سم ۽ ڪلر جي ڪري هنڌان هنڌان مسجد جي ديوارن جون پڪيون سرون لهي يا ڳري چڪيون آهن، جيڪي وري بعد ۾ گاري سان مضبوط ڪيون ويون آهن.

    مکيه محرابي دروازي جي اترئين پاسي کان اندران ئي اندران مٿي هڪ ڏاڪڻ وڃي ٿي. اها ڏاڪڻ ٻه فوٽ ڪشادي آهي ۽ مسجد جي مکيه گنبذن وٽ وڃي ٿي دنگ ڪري. لڳي ٿو ته پراڻي دور ۾ ٻانگا، ان ڏاڪڻ تان چڙهي، گنبذن وٽ اچي ٻانگ ڏيندا هئا.

    مسجد جي اترئين پاسي کان محرابي اڏاوت وارو هڪ حجرو پڻ آهي. ان گولائيءَ واري حجري جي ڇت ۾ سنهين سرن جو استعمال ڏاڍو شانائتو ۽ عجيب پڻ آهي. سچ پچ ته اکين کي فرحت محسوس ٿئي ٿي. انهن سرن جو استعمال وڏيءَ مهارت سان ڪيو ويو آهي ۽ حيرت ٿئي ٿي ته صديون گذرڻ جي باوجود به اهي سنهيون سرون ڪيئن نه هڪ ٻئي سان سلهاڙيل پئي رهيون آهن. اها اڏاوت جي اضافي خوبي چئبي ته اهو سڄو حجرو يا هال اونهاري ۾ ٿڌو ۽ سياري ۾ گرم رهندو آهي. ان حجري ۾ سرهندي پيرن پاران درس و تدريس جو سلسلو هلندو هيو. خاص طور تي پير ميان نظام الدين سرهندي ۽ پير فدا محي الدين سرهنديءَ جون ان ڏس ۾ ڪيل خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.

    مسجد جي آڳر واريون ڀتيون محرابي جوڙ جڪ واريون آهن. انهن ديوارن مان سرون ٻه ٽي انچ ٻاهر نڪتل آهن ۽ گول محرابي شڪل ۾ آهن. انهن ديوارن ۾ هوا جي لاءِ ڪجهه لنگهه پڻ ٺاهيا ويا آهن.

    مسجد، پير جو ڳوٺ، جي مرڪزي هال کي ٽي دروازا آهن. اتر ۽ ڏکڻ وارا موڪرا ۽ اوچا محرابي دروازا وچين حصي سان ڳنڍيل آهن. ان هال ۾ گنبذن جا اندريان حصا به گهڻو نمايان نظر اچن ٿا.

    هن مسجد کي ٽي عاليشان گنبذ آهن. وچ ۾ هڪ وڏو گنبذ آهي ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان ٻه ننڍا گنبذ آهن. اهي سورهن ڪنڊائتي بناوت رکندڙ گنبذ گاري مان ٺهيل آهن ۽ انهن جي مٿان اڇي چوني جو ٿلهو ليپ ڪيو ويو آهي. اهو ليپ اهڙيءَ ته مهارت سان ڪيو ويو آهي جو لڳي ٿو ته ڄڻ سنگ مرمر جو ڪم ٿيل آهي. اها بناوت نهايت ناياب آهي. انهن ٽنهي گنبذن جي مسجد جي هيٺين فرش کان اوچائي 50 فوٽ آهي. جڏهن ته ٻن ننڍن گنبذن جي پيمائش لڳ ڀڳ هڪ جيتري آهي.

    ديوارن جا ڪنگرا نهايت سليقي ۽ ترتيب سان ٺاهيا ويا آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جيڪي به مسجدون آهن، تن جي ديوارن تي اهڙا ڪنگرا ضرور نظر ايندا آهن. اهڙن ڪنگرن مان مسجدن جي عظمت، تقدس ۽ شان جو اظهار ٿئي ٿو.

    هن مسجد ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي ورق اٿلائجندي ڏٺا آهن. سکن سان جهاد لاءِ هندستان مان سيد احمد شهيد جڏهن بالاڪوٽ ٿي ويو ته هتان لنگهندي هن مسجد ۾ ڪجهه وقت ترسيو هيو. اهو 1826ع جو واقعو آهي.

    تازه نواءِ معارڪ ۾ لکيل آهي ته ” شاهه شجاع ٽن هزار فوجين سان جڏهن شڪارپور تي حملو ڪرڻ پئي چاهيو ته حيدرآباد ۽ خيرپور جا ٽالپر هڪ وڏو لشڪر وٺي هتي پهتا. جڏهن ” پير جي ڳوٺ “ وٽ پهتا ته پير ميان نظام دين سرهندي ۽ پير فدا محي الدين سرهنديءَ جي وچ ۾ پوڻ سان ٽالپرن ۽ شاهه شجاع جي وچ ۾ هن مسجد ۾ ويهي ٺاهه ڪرايو ويو. اهڙيءَ طرح شاهه شجاع، شڪارپور پرڳڻو خالي ڪري لڌيانا طرف هليو ويو.“

    مسجد کان سڏ پنڌ تي پير فدا محي الدين سرهنديءَ جو مقبرو آهي. اهو مقبرو پڻ اڏاوتي فن جو سهڻو مثال آهي. ان جو اڏاوتي نمونو وچ ايشيا جي مقبرن جهڙو آهي ۽ اهو نهايت سنهين پڪين سرن مان ٺهيل آهي.

    مسجد پير جو ڳوٺ هڪ تاريخي يادگار آهي ۽ سرهندي پيرن جي تعميري ذوق جو مکيه اهڃاڻ پڻ آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو