ڪجه حقيقت حال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪجه حقيقتون اندر جا احوال
    __________________

    سان کي اهو مرد مجاهد گهرجي جيڪو سنڌ جي هر غير کي سنڌ مان نيڪالي ڏي ،سنڌ جي وسيلن جي پوري پوري مالڪي ڪري ،سنڌ جو پيسو سڀ جو سڀ سنڌ تي خرچ ڪري تعليم ۾ سڀ سنڌي اسڪول وڃڻ وارو هجي ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي رائج ڪري پو اها دفترن کان ٿيندي اسڪولن اسيمبليي تائين ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ۽ لازمي طور استعمال ڪري ...سنڌ ۾ هٿراڌو بجلي جو بحران ۽ گيس جو بحران نه ڪري ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ هر بنيادي سهولتون فراهم ڪري ڏي اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سنڌ جو 1700 ارب ڪمائي مان وفاق کي وفاق جي بجيٽ جو چوٿون حصو ڏيئي ٻين صوبن جي برابر پو باقي پيسو سنڌ تي خرچ ڪندو ته هي سڀ ڪم ٿي ويندا ....
    هاڻي بيحودگي ته ڏسو سنڌ تي ارسا باقي پنجاب جو پاڻي پنجاب ۾ عام جام ...ٽن دريائن جو
    سنڌ تي هي هرو ڀرو ارسان جنهن تي ٽيئي وات ڦاڙيون ويٺا آهن ...وڏي ڳاله ته سنڌ جو پاڻي سنڌ جو ذمين کيڙيندڙ پيسن وسيلي پيو استعمال ڪري ۽ هو بي حوده سنڌ جو پاڻي مفت ۾ پيا لٽائين ...يعني بلوچستان کي به مفت جو سنڌ جو پاڻي ،ته پنجاب کي به مفت جو پاڻي پر ڪنٽرول به ان صاحب بهادر وٽ ...وڻي ته سنڌو دريا کي ڇاٻ ڏيئي روڪي ڇڏي يا اڻ ميو مندائتو پاڻي ڏيئي ٻوڏ ڏي...
    سنڌ جو پيسو ايف بي آر جي طريقي سان وفاق ۾ ۽ وفاقي طرز جي ڪمپنين جي وسيلي وفاق ۾ پيو جمع ٿي ۽ هتي سنڌ وارا پيا اوٻاسين ڏين .....
    بابا هي اسلام نه آهي نه وفاق جو ڪو طريقو ڪٿي ڪنهن ملڪ ۾ آهي ته پو هي سنڌ سان ڪيس ڇو ويل ڇو ويڌن ڇو....
    وري بجلي گڊو منجهان 500 ڪي وي جا فيڊر بلوچستان ۽ واپس پنجاب پيا وڃن ۽ ان ضلعي ۾ به ٻه ٻه ڏينهن لوڊ شيڊنگ جيڪو 2000 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ آهي ....وري گيس به هتي شارٽ جنهن صوبي جي هر ضلوي ۾ 15 کان 20 گيس فيلڊس هجن ۽ مجموعي 365 ڪلوميٽر ڪيوب گيس جي موجود هجي ...واه ڇا چئجي ......
    وري ڪڻڪ اناج ججهي مقدار ۾ موجودس آ ايتري تائين جو سرڪاري ادارن وٽ مناسب بندو بست نه آهي ته ان ان کي ڪيئن موسم کان بچائي رکجي ۽ اهو وري مينهن بارشن جي وسيلي گندو ٿي خراب ٿي ته وڃي ٿو پر ماڻهن کي کائڻ نصيب نه ٿو ٿي .....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو