چوڌاري باهه جا ڀنڀٽ هئا، تيز ڄر دلِ دماغ کي ساڙهي رهي هئي. همراهن جي ڀڄ ڊڪ لڳي پئي هئي. ويترهڪ عجيب وڏي بلا پنهنجا خوفناڪ چنبا سڌا ڪيو، کين پنهنجي چهنبدار ڏندن سان کائڻ پئي اچي، نه رڳو اها هڪڙي بلا، پر وڇون به کين ڏنگڻ لاءِ ڊوڙندي پئي آيا ۽ اهي جهڙا تهڙا وڇون نه هئا، گڏهن ۽ خچرن جيڏا وڇون هئا. اوچتو هڪڙي هنڌ کين دروازو نظر ۾ آيو، هُو سڀ اوڏانهن ڀڳا. اڃان دروازي تائين مس پهتا، ته دروازي جي ٻنهي پاسي کان لڪل، ڊيڄاريندڙ شڪلن وارا پهريدار وڏا ڀالا، نيزا ۽ گرز جيڪي باهه ۾ تپايل هئا ۽ چهنبون ڳاڙهيون هئن. هنن کي خبر هئي ته اهو عذاب اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته اها اذيت ۽ تڪليف هو روزانو ڀوڳيندا هئا. اوچتو هڪڙو ٿلهو متارو ڊگهو، پهريدار ظاهر ٿيو، جيڪو سڀني پهريدارن جو چڱو مڙس هو. ان اچڻ وقت هڪ زوردار سيٽي وڄائي ته وڇون ۽ بالائون ماٺ ڪري هڪڙي پاسي هليا ويا، ڇو جو اهي ان مخصوص آواز تي ايندا ۽ ويندا هئا، وڏي پهريدار هڪڙو ٻيو اشارو ڪيو ته باهه جي شدت ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي وئي،وڏي پهريدار پنهنجي ڊيڄاريندڙ شڪل کي ڪجهه خوفناڪ بڻائيندي رڙ ڪري چيو.” سڀ قطار ڪري بيهو“. سڀ همراهه قطار ڪري بيهي رهيا. هن پنهنجي کيسي مان ڪاغذ ڪڍيو ۽ چيو، ” حاضري لڳرايو“. سڀ همراهه، هن ڏي نهارڻ لڳا. هن نالا وٺڻ شروع ڪيا. ”چنگيز خان“ ”هٽلر.“ ”ميڪاولي.“ ”هني بال.“ ”جرنل فرانڪو.“ ”هلاڪو خان.“ ”اسٽالن.“ ”مسوليني.“ ”جرنل ڊائر…“ هو نالا وٺندو رهيو، هر ڪو همراهه پنهنجي نالي تي هٿ مٿي پيو ڪري ۽ چئي پيو حاضر آهيان.“ پهريدار سڀني همراهن جي حاضري ختم ڪري کين ڪجهه دير لاءِ ڏسي چوڻ لڳو، ”اڄ توهان کي دوزخ مان آزادي ملندي.“ ”ڇا؟“ اڄ اوهان کي معافي ملي آهي، هاڻي اوهان کي دوزخ جي آخري درجي مان آزادي ملڻ کان پوءِ بهشت جي آخري ڪلاس ۾ راهيو ويندو، نه ته ائين اڄ تائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي، جو آخري درجي جا جهنمي ايترو جلدي آزاد ٿيا هجن.“ سڀ همراهه هڪ ٻئي ڏي حيرت ۽ بي يقيني سان ڏسندا رهيا هئا. ”وات نه ڦاڙهيو هاڻي هلو.“ وڏي پهريدار چيو. وڏو پهريدار کين دروازي مان ٻاهر وٺي ويو، هو سڀ دوزخي هئا، هو جڏهن دوزخ مان نڪتا ته کين ويساهه ئي نه پيو اچي ته هو ڪڏهن ائين آزاد ٿيندا. خبر نه هئي ته ڪيترا ورهيه ٿي ويا هئا، جو هو مرڻ کان پوءِ يڪو جهنم ۾ هئا. ڪن کي ته هزار ورهين کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو هو. هو جهنم جي شديد عذاب، سبب هر روز ۽ هر وقت جيئندا ۽ مرندا هئا. پهريدار کين وٺي بهشت جي دروازي تي آيو. دروازي جي لڳل ڪال بيل تي آڱر رکيائين ٿوري دير ۾ ئي هڪ ٺاهوڪو ننڍو نيٽو سهڻو نينگر نڪري آيو. هڪڙي همراهه پهريدار کان پڇيو، ”هي ڇوڪرو بهشت جو داروغو آهي ڇا؟“ ”نه پهريدار وراڻيو. هتي پهريدار ۽ داروغن جي ضرورت ڪانهي، هي ڇوڪرو جنت جو غلمان آهي.“ ”غلمان چيو مهرباني ڪري اندر هلو، چيف غلامن کي اوهان جو ئي اوسيڙو آهي.“ هو سڀ اندر هليا، دوزخ جو داروغو اندر وڃڻ بدران واپس موٽي ويو. غلمان انهن کي وٺي چيف غلمان وٽ آيو. چيف غلمان آڌر ڀاءُ ڪندي چيو،“ سڀ کان اڳ توهان کي مبارڪون هجن، جو توهان کي آزادي ملي، هاڻي توهان بهشت جي ٽئين درجي جا شهري آهيو. پر پهرين توهان جو تعارف ٿي وڃي.“چيف غلامن جيڪو ڏاڍو سهڻو جوانڙو هو، پنهنجي خوبصورت اکين سان هڪڙي همراهه، جنهن کي پوپٽ جهڙيون مڇون هيون ۽ قد جو ٿورو ننڍڙو هو، تنهن کان اشارو ڪندي پڇائين. ”تنهنجو نالو؟” ”منهنجو نالو هٽلر آهي.“همراهه وراڻيو. چيف غلامن هڪڙي نڪ بني کان، جنهن جا شهپر ڪرڙيءَ جي پڇ جهڙا هئا پڇيو، ”تنهنجو نانءُ ڇا آهي.“ ”مان چنگيز خان آهيان،“ ”۽ تون؟“ چنگيز خان جي ڀر ۾ بيٺل کان سوال ڪيو. ”ڪير مان؟ مان هلاڪو خان آهيان.“ واري واري سان تعارف ٿيندو رهيو، تعرف کان پوءِ چيف غلمان چيو، ” توهان کي هاڻي اجازت آهي توهان وڃي بهشت ۾ رهو، گهمو ۽ ڦرو ۽ موج ڪريو.“ مسوليني چيو، ڀلائي ڪري ڪو ڪمبل يا گرم ڪوٽ ڏيو، دوزخ مان يڪدم بهشت ۾ اچڻ سان آبهوا جي تبديلي سان بيمار ٿي پيو آهيان.“ چيف غلمان چيو گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، توهان لاءِ ٺهيل هاسٽل جي ڪمرن ۾ ڪولنگ ۽ هيٽنگ جو بندوبست ٿيل آهي.“ ”ڀلا اهو ٻڌائيندو ته هيترا ورهيه دوزخ ۾ راهئڻ کانپوءِ اسان کي آزاد ڪرڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟“ اسٽالن پڇيو. چيف غلمان مرڪيو ۽ چوڻ لڳو، ”هاڻي دوزخ جي هن آخري درجي ۾ توهان کان به وڌيڪ ظالم ۽ گنهگار رکيا ويندا.“ چنگيز خان کان ٽهڪ نڪري ويو، ”اسان ته ظالم اعظم آهيون. اسان کان وڌيڪ ظالم ۽ گهنگار دنيا ۾ هوندا ڇا؟“ ”ها، ان ۾ ڏندن ۾ نمائش ضروري ڪانهي.“ چيف غلمان جي خوبصورت مک تي ناراضگيءَ جو تاثر پيدا ٿيو. چيف غلمان جي آفيس جو دروازو کليو، هڪڙي حسين دل نشين حُور ٽري ۾ شربت جا گلاس کڻي آئي، حُورکي ڏسي سڀني جو واٽ پٽجي ويو، حُور ٽري ميز تي رکي، پنهنجي خوشبو ڇڏيندي کلندي ٽلندي هلي وئي. چيف غلمان تقريباً رڙ ڪندي چيو،”شربت پيو.“ هو سڀ هڪ دم هوش ۾ اچي ويا ۽ شربت پيئڻ لڳا، هلاڪو خان ڊڪ ڀري چيو ”اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي اسان کان به وڌيڪ خراب آهن جن کي اسان جي جاءِ تي رکيو ويندو؟“ ”شام جو توهان جي لاءِ ٺاهيل سينيما ۾ انهن جي فلم هلائينداسين ته ڏسي وٺجو. هاڻي توهان وڃو، وڃي آرام ڪريو، توهان کي شام جو فلم ڏيکاري ويندي.“ هو هڪڙي غلمان سان ائيرڪنڊيشنڊ ماحول ۾ داخل ٿيا، گهڻن کي ان وقت نشون آيون ۽ فلو ٿي پيو، پر حيران سڀئي هئا. وڏا وڏا سرسبز ميدان ۽ جبل، خوبصورت واديون جن ۾ ماکي جون نهرون ۽ کير جا آبشار وهي رهيا هئا، چوڏس وڻ ئي وڻ هئا، جن ۾ هر هنڌ ۽ هر قسم جو ميوو هو، وڏن ننڍن، سندر وڻن تي سهڻا پکي ٻوليون ٻولي رهيا هئا، هيٺ مٿي ڪيئي ماٿريون هيون، ڪٿي ڪٿي شربت جا آبشار وهي رهيا هئا ته ڪٿي شراب جون نهرون به هيون، ماحول ۾ سڳنڌ ۽ هڳاءٌ هو، شايد مشڪ ۽ کٿوريءَ جي ڇڻڪار ٿيل هئي. ٻيو وري انيڪ قسم جا گل ٽڙيا ۽ کڙيا پيا هئا، هو اڃان بهشت جي حُسن کي چڱي طرح ڏسي نه سڳهيا هئا ته کين بهشت جي حُورن کي ڏسڻ پئجي ويو، هڪڙي حُور کي ڏسي سمجهيائون ته حسن ۽ سونهن جو شاهڪار اِها آهي ته وري ٻئي حُور ڏسي پنهنجي راءِ بدلائين پيا. هڪڙي حُور هٽلر کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳي، ”اچ ته توکي ماکي جي نهر مان ماکي پياريان.“ حُور انگورن جي وڻ مان هڪ پڪل ڇڳو پٽي هٽلر کي کارايو. حُورکيس وٺي هڪ محل نما عمارت ۾ آئي چيائينس، ”هي تنهنجو ڪمرو آهي.“هٽلر چيو ”هي ڪمرو آهي.......هي ته محل آهي!“ حُور ٻڌايس ته ”هتي ڪمرو هن کي چئبو آهي. محل ته ٻئي درجي وارن جنتين جي لاءِ آهن. انهن کي ته توهان کان به وڌيڪ سندر حُورون ۽ غلمان مليل آهن.“ هٽلر سوچڻ لڳو: اسان ٽئين درجي وارا اهڙي مزي ۾ آهيون، ته ٻئي ۽ پهرين درجي وارن کي الائجي ڇاڇا هوندو! هو ڪو وقت حُور سان وندريو رهيو. سندس ساٿي به ائين يڪو بي خودي ۾ هئا، هوش تڏهن آين جڏهن چيف غلمان اچي کين چين چيو. ”بهشت جي سئينما ۾ هلي فلم ڏسو.“ هنن همراهن وڃڻ تي نيت ئي ڪانه هئي، پر چيف غلمان کين چيو، ”بهشت جو ماحول خراب نه ڪيو، هتان ڊسيپلين تي هلڻو پوندو،“ هو چيف غلمان جو دڙڪو ٻڌي ساڻس گڏ سئنيما پهتا. چيف غلمان کين ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ چيو، ”هن فلم ۾ ظالمن جو ظلم ڏسو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو ته ڪير ظالم اعظم آهي؟“ فلم شروع ٿي، هڪڙي وستيءَ ۾ ٻار ٻڍا، عورتون ۽ نوجوان هئا، هر ڪو پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي ۾ لڳو پيو هو.اوچتو هڪڙي پاسي کان هٿيار بند آيا ۽ هٿين خالي بيگناهه ماڻهن تي گوليون وسائڻ شروع ڪيائون، ماڻهون ڪرندا پيا وڃن، ڪي ڦٽيا ۽ ڪيترا مارجي ويا. ٿوري دير ۾ فوجي ٽرڪون آيون فوجي لٿا ۽ لاشن تي روئندڙن کي ماريندا گهليندا گرفتار ڪري وٺي ويا. وري ٻيو منظر: مختلف گهٽيون، مختلف شهر، ظلم جا راڪاس آدم بوءِ آدم بوءِ ڪن ٿا. مظلوم ماڻهو هٿن ۾ مقدس ڪتاب ۽ اڇا جهنڊا کڻي، امن امن ٻاڪاري رهيا هئا. پر گوليون هلنديون رهيون ............ ٽيون منظر: ٽارچر سيل ۾ قيدي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن، ۽ مارڻ وارا کين ماري رهيا آهن، قيدين جي زخمن تي لوڻ ۽ پيٽرول ڇڙڪي رهيا آهن، اماڙين جا ڏنب ڏئي رهيا آهن، ۽ انهن جا ننهن ڇڪي رهيا آهن. ”اڙهي هي ڇا؟ قيدين جي جسمن ۾ ڊرل مشين جا سوراخ ڪري رهيا آهن، اليڪٽڪ وائر سان سندن ڪن ۽ نڪ ۾ ڪرنٽ هڻي رهيا آهن، اف!.........ايڏو ظلم. ”جرنل ڊائر پريشان ٿي چيو. ”اوهه هي ڇا پيو ٿئي! اڙي هي قيدي ته مري ويا. هنن قيدين جي مرده جسمن تي به ڦٽڪا پيا هڻن.“ ”اف باقي بچيل قيدي جيئري ئي مردن وانگر ٿي ويا آهن.“ چوٿون منظر: کوڙ ماڻهو هٿيار کڻي گهر ۾ گهڙن ٿا ۽ پيگهي مان معصوم ٻار کڻي هوا ۾ اڇلائي گولي سان نشانو بنائين ٿا.“ هي ڇا؟ هڪڙي ڪمزور عورت سان ٽي ڄڻا وحشي زيادتي ڪن ٿا، اڙي هي ڇا؟ ريپ ڪرڻ کان پوءِ سندس مخصوص عضوا وڍي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.“ اُف توبهه.“ ميڪاولي ۽ هني بال اکين تي هٿ رکي ڇڏيو. جرنل فرانڪر تي غشي طاري ٿي وئي، هلاڪو خان روئي ڏنو. پنجون منظر: هي هڪ پاڙو آهي، جتي مسڪين ماڻهو رهن ٿا ۽ هن مسڪينن پاڙي تي هٿيار بندن جو حملو ٿيو آهي. سامان لٽجي رهيو آهي، هڪڙي پيرسن ۽ ان جي زال جا هٿ پير ٻڌي، انهن جي جوان ٻچڙن کي انهن جي اکين آڏو ڪهي رهيا آهن. ”اڙي هي ڇا؟ لوهي شيخ تپائي اهي وهشي، نياڻين جي جسمن تي ٺپا هڻي رهيا آهن ۽ پوءِ...... انهيءَ پيرسن ۽ ان جي زال مٿان پيٽرول ڇڙڪي باهه ڏئي رهيا آهن.“ ”اُف خدايا.....ايڏوظلم.زندهه انسانن کي جلايو ٿو وڃي، چوڏس ساڳيو ئي ڪهرام آهي ساڳيو ئي ظلم.“ ”بند ڪريو بند ڪريو.“ چنگيز خان ڳاڙهو ٿي ويو، هو سهڪي رهيو هو. چيف غلمان چيو ”ڇو؟ توهان پاڻ ظلم نه ڪيا هئا؟“ ”ڪيا هئا، اسان ظلم ڪيا هئا، اهڙا ظلم ڏسي اسان جي به لڱ ڪانڊراجي ويا آهن.“چنگيز خان سهڪندي چيو. فلم هلڻ لڳي، لٽيل ماڻهن جي ڪلهن تي سندس جوانن ٻچن جا ۽ عزتن جا جنازه آهن، اهي کڻي ڊڪندا ڊڙندا ٿا وتن، ڪنهن پناهه گاهه جي ڳولها ۾ آهن. پر افسوس هي کليل آسمان هيٺ ائين پيا آهن، هنن جي مٿان ڪا به ڇت ڪانهي. ”اڙي هي ڇا؟ هي منهن ڍڪي هٿيار کنيو اچن پيا، اهي ڪير آهن؟ يقينا ڌاڙيل آهن......... هي ته هنن ڏتڙيل ستايلن فري ماري رهيا آهن.“ ”۽ ڌاڙيلن جي وڃڻ کانپوءِ فرياد داخل ڪرڻ تي پوليس لاٺي چارج ڪري گرفتار به انهن ستايلن کي پئي ڪري، هي ايڏو انڌير ڇو آهي؟“ ”فلم هلندي رهي، چنگيز، هٽلر، هلاڪو، جرنل ڊائر ۽ ان کان به اڳ جا ظالم سٿ روئي رهيا هئا، مسوليني اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو. هني بال سڏڪندي رڙ ڪئي، ”بند ڪريو بند ڪريو، اسان کي نه ڏيکاريو، اسان ايترو ذهني عذاب دوزخ ۾ به نه سٺو، جيڪو اڄ اسين هتي ڀوڳيو آهي.“ چنگيز خان ڳوڙها اگهيا ۽ چيو، هنن مظلومن ماڻهن تي هيڏا ڪلور ٿي ويا، هنن جو ڪو طرف کڻڻ وارو به ڪونهي، ڪو ڌڻي ڪو سائين ڪونهين ڇا؟“ اسڪرين تي فلم هلڻ شروع ٿي وئي، چيف غلمان چيو، ”ڏسو انهن مظلومن جا وارث ڇا ٿا ڪن، هنن ڏٺو ته هڪڙي وڏي بلڊنگ هئي، ٻاهران بورڊ لڳيل هو، ايم پي اي( ) هاسٽل جنهن ۾ هڪ ڪمري ۾ کوڙ ماڻهو ويٺا هئا، شرابن جون بوتلون ۽ گلاس هٿن ۾ هئن ۽ ڪمري ۾ خوبصورت رقاصائن جو ناچ ڏسڻ ۾ مشغول هئا. مختلف ڪمرن جا ڏيک ڏسڻ ۾ آيا، هر ڪمري ۾ ڪو نه ڪو پيٽ ٿلهو، اڌ گنجو، بي ڊولو ڪنهن نه ڪنهن خريد ڪيل جسم تي، پنهنجي حوس جي بک لاهڻ لاءِ تشدد جا نشان هڻي رهيو هو. هر ڪمري ۾ اها ئي مڪروهه شيطاني راند هلي رهي هئي، جيڪا ڌاڍي ڪرهت ڏهي رهي هئي. چيف غلمان چيو، ”هاڻ هنن جا ڪامورا ۽ چڱا مڙس ۽ ڏاها ڏسو ته ڇا پيا ڪن.“ هنن ڏٺو ته ڪامورن ۽ چڱا مڙس هڪ ڪرسيءَ واري اڳيان ڪنڌ جهڪايو ۽ گوڏا کوڙيو ويٺا هئا. هنن وڌيڪ ڏٺو ته هڪ هنڌ ڪي چڱا ۽ ڏاها ماڻهو هئا، پر پاڻ ۾ جهنڊا پٽ ڪري رهيا هئا. فلم ختم ٿي وئي. چيف غلمان هنن کي وٺي ٻاهر آيو. ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ ميڪاولي پڇيو، ” هنن مظلوم ماڻهن جي مٿان جنهن ظلم ڪيا، اهي ڪيڏانهن دوزخ ۾ پوندا؟“ چيف غلمان چيو” اهي مها ظلم تمام گهڻن ظلمن سبب توهان واري جاءِ تي دوزخ ۾ پهچي چڪا آهن.“ اسٽالن پڇيو، ”ڇا اسان اهڙن ظالمن جو حشر ڏسي سگهون ٿا، جن جو ظلم اسان سڀني جي گڏيل سڀني ظلمن کان به گهڻون آهي.“ ”ها، هلو ته توهان کي ڏکاريان.“ چيف غلمان وٺي هنن کي هڪ هنڌ آيو. چيائين ”هاڻي توهان ٿورو هيٺ ڏسو، جتي دوزخ آهي.“ هو سڀ هيٺ نهارڻ لڳا، جتي کوڙ ماڻهو، دوزخ جي آخري درجي ۾ اچي چڪا هئا، اهي نوان جهنمي ڏسي هنن همراهن حيرت وچان چيو،” اڙي هي ڇا؟ هي ته سڀ مظلوم ماڻهن جا نمائندا ڪامورا ۽ ڏاها آهن. اصل ظالم ڪٿي آهن، جن ظلم ڪيا هئا؟“ چيف غلمان چيو ”واقعي هي مظلوم ماڻهن جا نمائندا، ڪامورا ۽ ڏاها ئي آهن، پر انهن کي ئي ظلم اعظم چئبو آهي، ڇو ته پنهنجن ماڻهن تي ظلم ڏسي چپ رهيا، ڪجهه نه ڪيائون، اصل وڏا ظالم اِهي ئي آهن، ته ظلم ڪرڻ وارن کان ظلم ڏسي خاموش رهڻ وارو وڏو ظالم آهي.“ طارق قريشي