نظرياتي ۽ اصولي قدرن کان وانجهيل اڄوڪي سياست

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڊاڪٽر لال خان

    الطاف حسين فوج خلاف ڀرپور ڀڙڪيون هيون ۽ پوءِ هميشه وانگر هوش اچڻ کانپوءِ معافي گهري ورتي. هن جيترا ڀيرا پارٽي قيادت تان استعيفيٰ ڏئي واپس ورتي آهي، اهو ڪنهن عالمي رڪارڊ کان گهٽ ناهي. جيترا ڀيرا رابطا ڪميٽيءَ کي ٽوڙي وري بحالُ ڪيو ويو آهي، تنهن جو به ڪٿي مثالُ نه ٿو ملي. فوج خلاف تازي بيان کانپوءِ آءِ ايس پي آر ”سخت ڪارروائي“ ۽ قانوني راهه اختيار ڪرڻ جو اشارو ڏنو. رياست اندر چور پوليس جي هيءَ راند ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي، جنهن منجھان عوامُ بيزارُ ٿي چڪو آهي. ڪارپوريٽ ميڊيالا يعني بحثن هيٺ اڪثر آباديءَ جي حقيقي مسئلن کي دٻايو ويٺي آهي. سوڙهي ٿيندڙ وچين طبقي جي ٿورائي ئي وڃي باقي بچي آهي. جيڪا حڪمران طبقي جي سياست ۾ دلچسپي رکي ٿي.

    نظرياتي سياست جي فقدان ۾ صرف مالياتي سياست باقي بچي آهي ۽ اهو مالُ وري جڏهن ڏوهن ۽ ڪاري ڪاروبار مان ڪمايو وڃي ته سياست به بد زبان، عنڊه گرد، بيهوده ۽ پرتشدد ٿي وڃي ٿي. اهڙي عالم ۾ سياسي تجزين ۽ صورتحال جي پرک ۽ پروڙ جا معيار به ڪري پون ٿا. سازشي نظريا عامُ ٿي وڃن ٿا. هر ڳالهه انهيءَ نقطه نگاهه سان ڪئي وڃي ٿي. هر اڳڀرائي ڪنهن ”لڪل قوت جي سازش“ معلوم ٿئي ٿي. ۽ سموري سياست ايجنسين جي واردات قرار ڏني وڃي ٿي. اها سوچ جيڪڏهن مڪمل طور غلط ناهي پر درست تجزيو به ان طريقيڪار سان نه ٿو ڪيو وڃي. ڪرپشن، مالي ڏي وٺ ۽ ڪاروباري معاملا هن سياست جا بنيادي جُزَ آهن، رياست ۽ رياست جا مٿيان ڍانچا معيشت جي بنياد تي تعمير ٿين ٿا، معيشت جڏهن کوکلي ٿي وڃي ته پوءِ مٿيون ڍانچو ڇا جي لاءِ مستحڪم ٿيندو. اهڙن دورن ۾ وفاداري به سياسي بازار جو وکر بڻجي ويندي آهي. قتل ٿيندا آهن ۽ ڪرايا ويندا آهن. ضمير وڪيا ۽ خريد ڪيا ويندا آهن. اقتدار کانسواءِ جيڪڏهن ڦرلٽ جي گهربل شرح حاصل نه ٿيندي آهي ته پوءِ ڪرسيءَ خاطر وڏا وڏا سياسي داءَ لڳايا ويندا آهن. سياست جي انتشار سان ڀريل سمنڊ ۾ ويرن جا تبديل ٿيندڙ رخ کن پَلَ ۾ دوستن کي دشمن ڪري ڇڏيندا آهن ۽ روايتي دشمنن سان به مصلحت ڪئي ويندي آهي. نوان نوان عجيب و غريب. الحاق ٿيندا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ نوان ويڇا جنم وٺندا آهن. پر وقت گذرڻ سان اهڙين دوستين ۽ دشمنين جو وقت به گهٽجي ويندو آهي. هڪ کانپوءِ ٻيو نئون دولتمند ڪاري معيشت جي هن مڪروهه سياست ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ڇو جو سياسي اقتدار بدعنوانين ۽ ڏوهن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو.

    وري هڪ ”کاٻي ڌر“ به آهي، جيڪا گهڻي حد تائين ”اڳوڻي“ بڻجي چڪي آهي. سوويت يونين ۽ چين ۾ اسٽال ازم جي زوال کانپوءِ هن ”کاٻي ڌر“ جا وڏا وڏا مفڪر نظرين کي خير باد چئي ”جمهوريت“ ۽ ”سيڪيولرزم“ جا داعي ٿي ويا آهن. انهن جو وڏو تعداد اين جي اوز کولي سامراج جو خدمت گذار بڻجي ويو آهي. اخلاق ۽ قدرن جي تنزليءَ جي ڪا حد ناهي رهي. انهن منجھان اڪثر ته پورهيت طبقي جي وجود کي ئي رد ڪري چُڪا آهن،”عمليت پسندي“ تحت هنن هر اصول کي اورانگهي ضمير جي باقيات کي به گهٽو ڏئي ڇڏيو آهي. مارڪسزم تي طنز ڪرڻ، لينن ۽ ٽراٽسڪي کي غلط ۽ فرسوده قرار ڏيڻ سندس عادت آهي ۽ سوشلزم تي ٽوڪ ۽ ٺٺول سندن پيٽ گذر جو ذريعوآهي.

    دهشت ۽ دولت جو سڌو سنئون هڪٻئي سان تعلق آهي. دهشت گرديءَ جي ڪاررواين ۾ جيتري ڳري سيڙپ گهربل آهي، سا ڪو ڳچ دولت رکندڙ ئي ڪري سگهي ٿو.مرندڙ ۽ ماريندڙ بهرحال غريب ئي آهن. دهشت گرديءَ جي مالي مدد ڪندڙن جو مقصد به دين يا ڪنهن مخصوص عقيدي جي خدمت ناهي پر ٻين شعبن وانگر دهشت گرديءَ ۾ به باقاعده سيڙپ ڪئي ويندي آهي، جنهن جو مقصد نفعي کانسواءِ ڪجهه ناهي.

    اڄڪلهه عام بحث هلي پيو ته ساڄي ۽ کاٻي ڌر جون ڳالهيون هاڻي پراڻيون ٿي ويون آهن ۽ مصالحت ئي سياست جو بنياد آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي يا ايم ڪيو ايم جهڙين نام نهاد سيڪيولر يا لبرل پارٽين جو جائزو وٺجي ته انهن جي قيادت ”کاٻي ڌر“ هئڻ کان صاف انڪاري آهي. اهڙي طرح مسلم ليگ يا تحريڪ انصاف جهڙيون نيم مذهبي لاڙن واريون جماعتون پاڻ کي ”ساڄي ڌر“ چورائڻ کان انڪاري آهن. هي سڀ جماعتون جديد دور کانپوءِ واري دور جون غير نظرياتي پارٽيون ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. پر الميو هي آهي ته گڏوگڏ نظرياتي هئڻ جو مشورو به ڪن ٿيون. ايم ڪيو ايم ان روايت جو ڪلاسيڪي مثالُ آهي. ان جو بنياد ساڄي ڌر جي اسلامي جمعيت طلبه ۽ کاٻي ڌر جي اين ايس اين جي اڳوڻي ڪيڊر تي ٻڌل هو. چيو وڃي ٿو ته ان کي ضياءُ الحق جي دور ۾ ايجنسين ٺاهيو. تحريڪ جي شڪست، سماج تي حاوي مايوسي، سياسي خالُ ۽ مهاجر آباديءَ جي بيگانگيءَ سبب لساني تعصب لاءِ سازگار حالتون اڳي ئي موجود هيون. وقت گذرڻ سان ڪراچي، ڪاروباري طبقي هٿان استعمال ۽ مالي مفادن ان جو ڪردار لساني فرقيواريت کان وڌائي فسطائيت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ٽن ڏهاڪن کان وٺي ڪراچي، شهر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، سو سڀني جي سامهون آهي.

    ان ماضيءَ کان اڄ جو حالُ جند آجي ڪرائي نه سگهيو آهي ۽ ان حال کي مڪمل تبديل ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن بهتر مستقبل جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو