
ڪراچي (رپورٽر) هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ واري هلچل جو سرگرم اڳواڻ، سنڌي اديب ۽ صحافي ڪيرت ٻاٻاڻي ڪالهه 93 سالن جي ڄمار ۾ بمبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو. ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي ڳوٺ موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه ۾ 3 جنوري 1922ع هن اسڪولي تعليم مئٽرڪ تائين ”ولس اسڪول نوابشاهه“ (لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه جي برانچ، هاڻي گورنمينٽ ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول جي برانچ) ۾ حاصل ڪئي. هو بي. اي ڊي جي ڪاليج مان ۽ ايل. ايل. بي پهريون سال شاهاڻي لا ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهيو. سنڌ ۾ سندس ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم سيد، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان سنگت رهي. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سنڌ اندر پورهيتن ۽ شاگرد جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتو. پاڻ سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ سرگرم رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو. سندس شمار سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن ٿئي ٿو. سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد ترقي پسند ادب کي اي. جي. اُتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهيءَ سان گڏجي همٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچيءَ جو ان ڏس ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي، پر پهرين سرڪار کيس باغي سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مهينا قيد ۾ رکيو ۽ آزاديءَ بعد به سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نه ڇڏيو. ڪجهه وقت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئيءَ وٽ لڪندي گذاريائين. جتوئي صاحب جي ”هاري حقدار“ اخبار سنڀاليائين، پر سيءَ. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت هڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ هو اکين مان لڙڪ لاڙيندو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي الوداع ڪري هند روانو ٿي ويو. ان ئي پسمنظر ۾ هن لکيو هو ته: ”تون پُڇين ٿو ته مان اُداس ڇو آهيان!“ سندس اهو ليک 1956ع جي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ وطن ڇڏڻ کان پوءِ هند ۾ ڪيترن سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واڳيل رهيو. هُو ”اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو 18 سالن تائين صدر رهيو. جنهن پليٽ فارم تان هن پنهنجي بزرگن ۽ ساٿين بي. ايڇ ناگراڻي، لال سنگهه اجواڻي، اي. جي. اتم، گوبند مالهي، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، هري دلگير، ڪلا پرڪاش، موهن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، سندري اتمچنداڻي، ٽيڪچند مست ۽ ٻين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻي، ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو آهي. هن 1981ع ۾ روس جو دورو ڪيو، 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل طرفان ’چيڪو سلواڪيا‘ ويو. ان کان سواءِ انٽرنيشنل سنڌي ڪانفرنس جي سڏ تي آمريڪا ۽ انگلينڊ جا دورا ڪيائين، کيس ”سوويت لئنڊ نهرو“ امن ايوارڊ (1980ع)، تعليم کاتي دهليءَ پاران ”اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا“ ايوارڊ (1986ع)، مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ پاران ادبي ايوارڊ (1989ع)، ڀارتيه ڀاشا پريشد پاران ”ادبي ايوارڊ“ (1992ع) ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران ”جي. ايم. سيد ايوارڊ“ وغيره ملي چڪا آهن.ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”هوءَ“ (ڪهاڻيون 1956ع)، ”مالوا“ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو: 1958ع)، ”ڪُولي“ (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو: 1960ع)، ”جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو“ (ڪهاڻيون: 1966ع)، ”سُوريءَ سڏ ڪيو“ (ناٽڪ: 1972ع)، ”ادب ۾ قدرن جو سوال“ (تنقيد: 1974ع)، ”لينن، دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت:“ (1980ع)، ”اوک ڊوک“ (تنقيد: 1981ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (ترتيب: 1981ع)، ”جيڪي ڏٺو هو مون“ (روس جو سفرنامو: 1982ع)، ”اٻول رڻي“ (1982ع)، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو“ (1986ع)، ”امن جي افق ڏانهن“ (مضمون: 1987ع)، ”پيهي منجهه پاتال“ (مضمون: 1987ع)، ”جيئي سنڌ، سدا جيئي“ (ڪهاڻيون)، ”نه ليليٰ نه مجنون“ (ڪهاڻيون: 1987ع)، ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ (ترتيب: 1989ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (1991ع)، ”اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو“ (ڪهاڻيون: 1993ع)، ”ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم“ (آتم ڪٿا، 4 جلد: 1997ع)، ”لڪيو لياڪا پائين“ (شاعري: 2000ع)، ”ڌرتيءَ جو سڏ“ (ناٽڪ: 2004ع)، ”سو سڏ، سو پڙاڏو“ (اڌ صديءَ جا خط: 2004ع)، ”سنڌين جو سفر“ (موهن گيهاڻي ۽ هري پنڪج سان گڏ سنڌي ٻولي هلچل جو دستاويز: 2007ع)، ۽ ”مراٺي ادب جي تاريخ“ (ترجمو) شامل آهن. ان کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي 1991ع کان اڄ تائين ماهوار ”سنڌ سجاڳ“ (سنڌيءَ ۾) ۽ ”سنڌ رائيزز“ (انگريزيءَ ۾) رسالا ڪڍندو رهيو. کيس هڪ پٽ ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي.
عوامي آواز