بندوبست (مڌرس ڊي جي نسبت سان) امڙ دل جي تڪليف سبب اسپتال جي آئي سي يو ۾ داخل هئي ..آئي سي روم ٻاهران سندس اولاد ٽي پٽ ۽ ڌيء ڳڻتي واري ڪيفيت ۾ موجود هئا.سندن تشويش جو سبب ماء جي بيماري کان وڌيڪ سندس رهائش ۽ سار سنڀال هئي.ڪائونٽر ويجھوبيٺل نياڻي وڏي ڀاء سان ذڪر ڇيڙيو ”ادا امان جي رهڻ جو ڇا ٿيندو هن وقت تائين ته هو ننڍي پٽ صغير سان پئي رهي. صغير هڪ ته اڃان پڙهي پيو.ٻيو ته غير شادي شده آهي امان جي سار ڪينئن لهندو“ ”پوء تون پاڻ سان رهائينس “ وڏي ڀاء ڪبير تکو ٿي جواب ڏنو. ادا توهان کي ته خبر آهي منهنجا ساهرا ڏکيا ماڻهون آهن امان کي ڪٿي برداشت ڪندا توهان ڇو نه ٿا امان کي پاڻ وٽ رهايو؟ “ ڀيڻ جواب ڏنو . ”ادي تون به ڄاڻين ٿي ته امان ڪڏهن به منهنجي زال سان نه ٺهي،ان کي ناپسند ٿي ڪري منهنجو خيال آهي ته امان اڪبر وٽ رهي “ اڪبر ٻيو نمبر پٽ هئو پنهنجو نالو ٻڌي هڪدم وراڻي ڏنائين ”ادا مان ٻچڙِيوال وڏي عيال سان قليل پگھار ۾ مشڪل سان مهينو ڪڍان ٿو،امان جي دوائن ۽ کاڌي جو خرڇ منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي “ ايتري ۾ ڪائونٽر تي رکيل فون جي گھنٽي وڳي.ڪائونٽر تي ويٺل نرس جنهن اها سڄي گفتگو ٻڌي پئي فون اٽينڊ ڪيو.آئي سي يو جي انچارج ڊاڪٽر جو فون هئو. نرس فون هيٺ رکي وارثن کي سڏي آگاه ڪيو ته اوهان لاء سٺي خبر آهي توهان جي امڙ جي رهائش جو بندوبست ٿي ويو ڌڻي تعالي کيس پاڻ وٽ رهڻ لاء گھرائي ورتو آهي نرس جي لهجي ۾ ڪرب جا آثار هئا. خبر بڌي سندس اولاد جي ڪيفيت اطمينان ڀري رسمي ڏک واري ٿي وئي.
خبر پڙهي بي اختيار اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ، اُها ماءٌ جنهن 9 مهينا انهن پُٽن کي پيٽ ۾ سانڊيو ، راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري انهن کي هر راحت ڏني ، پيار ۽ پاٻوھ سان پالي وڏو ڪيو ۽ انهن جون شاديون ڪيون ، اهڙي نازڪ حالت ۾ اُن ماءُ کي پاڻ وٽ رهائڻ ۽ انجي خدمت ڪرڻ ۾ ايڏي ڪوتاهي ، الله الله ، دعا آهي ته شال مولا ڪريم ڪنهن به انسان کي ڪنهنجو محتاج نه ڪري مالڪ سائين مخلوق جي محتاجي کان شل هر ڪنهنکي بي نياز ڪري آمين بجاه النبي الامين صلي الله عليه وسلم
ايئن به ڪونهي رڳو جذباتي ڳالهيون نه ڪريو. قريشي شبير احمد صاحب جو پنهنجو واقعو آهي ته اها ٻي ڳالهه آهي.