منهنجي هٿ ۾ عينڪ آهي ماڻهو ان کي عينڪ چوندا آهن مگر منهنجي خيال ۾ هي صرف شيشي جا ٻه ٽڪرا آهن جيڪي پلاسٽڪ جي ڪماڻي ۾ اهڙي طرح ڦاسايا ويا آهن، جھڙي طرح سماج جي ڪماڻي ۾ انسان جي زندگي ڦاسائي ويندي آهي. هي زندگي ته ختم ٿي سگهي ٿي مگر هن ڪماڻي مان ٻاهر نٿي نڪري سگهي، اهڙو ئي حال هن ٻن شيشن جي ٽڪرن جو آهي. مگر پلاسٽڪ جي ڪماڻي ۾ ڦاٿل هي شيشي جا ٽڪرا معمولي ڀي ناهن. ڇو جو آئون جڏهن انهن کي پايان ٿو ته منهنجي اکين کي سڀ ڪجهه نظر اچي ٿو. اُهو سڀ ڪجهه هن کان پهرين نظر نٿو اچي هلڪا گهميل پراسرار ڏسڻ ۾ اچڻ وارا ننڍا ننڍا ۽ ڌنڌ وارا لفظ ۽ عينڪ پائڻ سان سڀ ڪجهه صاف نظر اچي ٿو ته جيئن ڌنڌ ختم ٿي وئي هجي صاف بلڪل سڀڪجهه صاف. منهنجي خيال ۾ هن شيشي جي ٽڪرن جو ٻيو ڪو فائدو هجي يا نه هجي پر هي فائدو ضرور آهي ته انسان جي اکين کي ٺيڪ ڪري ٿو ڇڏي. هونئن ته هر انسان وٽ اکيون آهن اکين ۾ نظر هوندي آهي. مگر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته انسان اکين جي هوندي به ڪجهه ناهي ڏسي سگهندو. نگاهه هوندي به انڌو هوندو آهي ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن چئني طرف کان ديوارون هجن ۽ وچ ۾ انڌيرو مگر هي شيشي جا ٻه ٽڪرا به عجيب آهن هن ديوارن جي آرپار ڏسي سگهن ٿا. جتي اونڌهه هوندي آهي، اُتي روشني ڪري ڇڏيندا آهن. هي چاهن ته وقت بيهه رهي! اڳتي وهڻ لڳي يا پوئتي هٽي وڃي، جڏهن نظر انهن جي شيشن جي ٽُڪرن مان گذري ٿي ته روشني کان به وڌيڪ تيز رفتار هوندي آهي. هو ڪڏهن ته ڪائنات ڏسي سگهن پر ڪڏهن ڪڏهن نقطو به نظر نه ايندو آهي. مان صبح جو سوير اخبار انهن شيشن جي ٽُڪرن جي مدد سان پڙهندو آهيان، مگر انهن جو رويو منهنجي اکين سان عجيب هوندو آهي. مثال ئي مون آئون اڄ صبح جو اخبار ۾ وزيرِ اعلى جي تقرير پڙهڻ چاهي پر هن شيشن جي ٽُڪرن واهه جي ڪئي. جيئن مون وزيرِاعلى جي تقرير پڙهڻ شروع ڪئي ته منهنجي نظر ۾ اخبار جا اکر ترڪڻ لڳا ۽ پگهرجي پنهنجي شڪل مٽائڻ لڳا ۽ وڏي وڏي دائري ۾ منهنجي اڳيان نچڻ لڳا. مون پريشان ٿيندي نظرون هٽائي ڇڏيون. سوچيم ٺهيو وزير اعلى جي تقرير نه ئي سهي، ڪا ٻي خبر ته پڙهان، ٿورو معلوم ڪريان آفريڪا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ائين اخبار جا صفحا اٿلائيندي منهنجي نظر آفريڪا جي منظر کان به اڳتي هڪ تصوير تي اچي بيٺي ۽ شيشي جا ٽڪرا پنهنجي جاءِ تي اچي ويا. هي آفريڪا جي ڪنهن وزير جي تصوير نه هئي. هي درياءَ گنج جي يتيم خاني جي تصوير هئي، جنهن جي ٻاهران هڪ پينگهو لٽڪيل هو، ته جيئن ماڻهو حرامي ٻارن کي يا ناجائز ٻارن کي گند جي ڪنهن ڍير تي يا ڪنهن گٽر ۾ اُڇلائڻ کان بهتر آهي ته هن پينگهي ۾ ڇڏي وڃن. ڪنهن قدر عمدو ۽ نيڪ خيال آيو هو، ڪنهن کي! جنهن هي ترڪيب ڏني ان جي تعريف نه ڪرڻ شايد وڏو ظلم آهي. مون ڏٺو غور سان ۽ غور سان ڏسندي ئي محسوس ڪيم ته آئون اتي ئي بيٺو آهيان. پڪي رنگ جي هڪ عورت اُن پينگهي ۾ ٻار رکي گهنٽي وڄائي جلدي واپس هلي وئي. هلو . . . هلو . . . هلو . . . . بيهو! مون ان عورت کي وڏي آواز سڏيو مگر هو تيز ڊوڙڻ لڳي ۽ گلي جي ڪنڊ ۾ غائب ٿي وئي. مون پينگهي ۾ پيل ٻار کي ڏٺو ۽ پوءِ ان عورت جي پويان ڊوڙڻ لڳس ۽ پوءِ ٻي گلي جي ڪنڊ تي وڃي پهتس. اها عورت مايوس ۽ پريشان هڪ خالي دوڪان جي ڪنڊ ۾ ويهي رهي، مون کي ويجهو ايندي ڏسي هو وڌيڪ اُداس ۽ پريشان ٿي رهي هئي. مون هن کي ويجهو وڃي چيو، ”تو کي شرم نٿو اچي پنهنجو ٻار ان پينگهي ۾ ڇڏي آئي آهين!“ . . . مگر بلڪل ويجهو پهچي مون کي معلوم ٿيو ته منهنجو اهڙي طرح سوال ڪرڻ ٺيڪ نه هو ڇو جو هو عمر جي ان حصي ۾ هئي جنهن ۾ ٻار پيدا نه ٿيندا آهن. يعني اڌڙوٽ پوڙهي هئي هن منهنجي سوال جو ڪو به جواب نه ڏنو ڇو ته هو گهڻو گهٻرائجي ويئي هئي. هن پنهنجا هٿ منهنجي پيرن تي رکي ڇڏيا. ”ڪنهن جو ٻار آهي؟“ مون سخت لهجي ۾ پچيو. ”منهنجي ڌيءَ جو آهي.“ هِن روئيندي چيو. ”ڪٿي رهندي آهين؟“ ”سرڪي دالان واري گلي ۾. . .“ ” ٻار کي واپس وٺو وڃو!“ ”ڪو نه وٺي ويندس!“ پوڙهي عورت روئيندي، پنهنجا هٿ منهنجي پيرن تي کنيا! ”هينئر ته آئون پنهنجي ڌيءَ کي به واپس نٿي وٺي وڃي سگهان! ماڻهو ڇا چوندا ۽ برادري ڇا چوندي! منهنجي ڌيءَ ڪنواري آهي ۽ ان جي پيءُ کي به خبر ناهي ته هن جي ڌي ٻار ڄڻيو آهي ۽ اگر ان کي خبر پئجي وئي ته هو منهنجي ڌي کي ماري ڇڏيندو . . . “ ”۽ اهو بدمعاش ڪٿي آهي؟ جنهن . . . جنهن . . .“ ” انهي پنهنجي بدلي دهلي کان ٻاهر ڪرائي ڇڏي آهي. پهرين ته چوندو هو ته شادي ڪندس پر پوءِ لِڪ ۾ بدلي ڪرائي مدراس هليو ويو آهي.“ ” ته مدراس ۾ وڃي جهليو؟ ۽ ان تي ڪيس ڪريو؟“ ” ڪيتري بدنامي ٿيندي پٽ! پوري خاندان جو نڪ وڍبو. ٿورو سوچ منهنجي ڌي ڪنواري آهي. اڃا ڪنهن کي خبر ناهي. اسين هن جي شادي ٻي پاسي ڪرائي ڇڏينداسين. “ آئون اُن پوڙهي جي ڀر ۾ ويهي رهيس ۽ مٺي آواز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم، ”ٿورو سوچيو امان! توهان هن ٻار جي ناني آهيو. هو توهان جو ڏهٽو آهي. زندگي ڀر شايد توهان پنهنجي ڏوهٽي کي هنج ۾ ويهارڻ جو سوچيو هوندو ۽ اڄ توهان ان کي يتيم خاني جي پينگهي ۾ ڇڏي آيا آهيو! ٿورو سوچ امان! توهان جي ڌيءَ جو پٽ ڪهڙين حالتن ۾ پلبو، آئون ته چوان ٿو امان توهان ٻار کي واپس وٺي وڃو ان کي ماءُ جو پيار ڏيو ان کي به توهان جي گهر ۾ جيئڻ جو اوترو ئي حق آهي، جيترو توهان جي ڌيءَ جو ۽ رهيو توهان جي ڌيءَ جي شادي جو سوال! سو اسان جو ملڪ هينئر جاڳي اٿيو آهي. اڄ توهان کي هزارين روشن خيال ملي ويندا جيڪي توهان جي ڌيءَ جي دردناڪ داستان کان متاثر ٿي توهان جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي. . .“ تمام سٺي تقرير هئي انهي ٽائيم مان پاڻ ايترو متاثر ٿيس جو منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. منهنجي تقرير ٻُڌي ان پوڙهي عورت جي چهري تي رونق اچي وئي ۽ اميد جي جهلڪ ظاهر ٿيس. هن جلدي سان پنهنجا ڳوڙها اگهي ورتا ۽ مون ڏانهن خوشي ۽ اُميد سان ڏسڻ لڳي. ” پٽ! ڇا توهان منهنجي ڌيءَ سان شادي ڪندا؟“ آئون هڪدم گهٻرائجي ويس. ”منهنجي ڳالهه ٻي آهي منهنجو مطلب ته منهنجي شادي ٿيل آهي.“ مون ڪوڙ ڪري ٻڌايو! اها پوڙهي عورت مون ڏانهن اهڙي طرح سان ڏسڻ لڳي جيئن پنهنجي سامهون ڪنهن ٻي حرامي ٻار کي ڏسي رهي هجي ۽ گهڻي دير تائين چپ چاپ ڏسندي رهي ۽ پوءِ جڏهن مون پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون، ته ان هڪ ٿڌو ساهه کڻي اي منهنجا خدا چيو ۽ پوءِ گوڏن کي هٿن جو سهارو ڏئي اُٿي ۽ مون کي ڏسڻ کانسواءِ هلي وئي. آئون وري پينگهي وٽ واپس آيس ۽ هڪ اهڙي ڪنڊ ۾ ويٺس جتان مون پينگهي کي صاف صاف پئي ڏٺو پر ٻيو ڪير مون کي ڏسي نٿي سگهيو. مون کي ان پوڙهي عورت جي سوال تي ڪاوڙ آئي، گناهه ٻيو ڪري سزا آئون ڀوڳيان. عيش ڪري ٻيو ۽ ان جي قيمت آئون چُڪايان. اهڙو احمق ناهيان، پوءِ ٻڌايو ته اهو ڪٿي جو رواج آهي، جيڪو سٺي تجويز ڏيڻ چاهياها تجويز ان جي مٿي ۾ هنئي وڃي، منهنجي چوڻ جو مطلب صرف اهو هو جو هن ملڪ ۾ سوين ۽ هزارين روشن خيال نوجوان هوندا، منهنجو مطلب اهو ناهي ته مان روشن خيال ناهيان. مگر مون پنهنجي ذهن ۾ ٿيڻ واري زال جي جيڪا تصوير ٺاهي رکي آهي اها ان ڇوڪري کان قطعي مختلف آهي، ليڪن مون کي ان عورت تي ڪاوڙ اچي ٿي جيڪي ماءُ ٿي ڪري پنهنجي ممتا کي وساري ڇڏينديون آهن ۽ پنهنجي ننڍي ٻار کي يتيم خاني جي پينگهي ۾ ڇڏي اينديون آهن. مون سوچيو اڄ سڄو ڏينهن هن پينگهي جي نگراني ڪندس ۽ آئون سڄي ڏينهن ۾ هڪ به عورت کي شرم ڏياري مجبور ڪري سگهيس ته هو پنهنجي ٻار کي واپس وٺي وڃي ته منهنجو ڏينهن خراب نه ويندو، مگر مون کي گهڻي دير تائين انتظار ڪرڻو نه پيو، شايد ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ هڪ نوجوان ڇوڪري آئي ۽ گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيل هڪ پارسل جهڙو پينگهي ۾ اُڇليندي هلي وئي ۽ لاڳيتو پارسل روئڻ شروع ڪيو، آئون ان ڇوڪري جي پويان ڊوڙڻ لڳس. اها ڇوڪري مون کي ڏسي ڀڄڻ لڳي ۽ گلي جي ڇيڙي تي هڪ سائيڪل سوار سان ٽڪرائيندي ٽڪرائيندي بچي، آخرڪار ٻن چار گلين مان لڪندي لڪندي ان روڊ تي آئي جيڪو درياءَ گنج جي شهر مان پراڻي فصيل جي ڪناري ويندو آهي. هو بار بار منهن ڦيرائي مون ڏانهن ڏسندي رهي ۽ هلندي رهي ۽ آئون ان کان تقريبن 50 فٽ جي فاصلي تي ان جي پويان اهڙي طرح سان پئي آيس جهڙو آئون پيڇو نه بلڪه چهل قدمي ڪري رهيو هيس. درياءِ گنج کان ٻاهران نڪري اُها ڇوڪري فصيل جي ٻاهران ديوار جي هڪ ڪنڊ سان لڳي بيهي رهي. اُن جي سامهون آصف علي مرحوم جو بُت رکيل هو جنهن جي نمائش ٿي رهي هئي. ان ڇوڪري جي کاٻي طرف بلڪل قريب هڪ وڏو کوهه هو ۽ ساڄي پاسي هڪ فلم جو وڏو پوسٽر لڳل هو، ”دل پنهنجي پريت پرائي“ آئون وڏي اطمينان سان سگريٽ دُکائي ان ڇوڪري جي ويجهو پهچي ويس. هو منهن ڦيرائي بيٺي هئي. ”هيلو؟ . . . .“ مون آهستي چيو، ”پريت پرائي جو نتيجو ڇا نڪتو؟“ هن جلدي منهن مون ڏانهن ڪيو ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس. مون کي چوڻ لڳي ته ”منهنجو پيڇو ڪيئي ته آئون پوليس کي گهرائي وٺندس.“ ” آئون به اهو چاهيان ٿو ته توهان به مونسان گڏ پوليس ٿاڻي تي هلو ۽ منهنجي شڪايت ڪريو! آئون اُن ڇوڪري جي شڪايت ڪريان، جيڪا پنهنجو ٻار يتيم خاني ۾ ڇڏي آئي آهي. “ ”اهو سرار ڪوڙ آهي. توهان وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته اهيو ٻار منهنجو آهي؟“ ”ثبوت ته ڊاڪٽر ڏيندا.“ مون پيرن کان وارن تائين ڇوڪري کي ڏسي چيو. هن جون ڳاڙيون اکيون اڇيون ٿي ويون جيئين ڪو بجلي جو ٻرندڙ بلب بند ٿي ويو هجي. ان جي خوبصورت چهري تي اونڌهه ڇائنجي ويئي. ان جا چپ سڪڻ لڳا ۽ ڪنبڻ لڳا ۽ آهستي آهستي پڇڻ لڳي: ”توهان ڪيترا پيسا وٺندؤ؟ مون چيو: ”توهان ڪيترا ڏيئي سگهو ٿا؟“ اسان جي سامهون هڪ پوليس سپاهي اسان کي گهوريندي اتان هلي ويو، هو بيحد گهٻرائجي وئي ۽ چوڻ لڳي! ”هلو ڪار ۾ ويهون اتي ڳالهيون ڪنداسين!“ ”اڇا توهان ڪار ۾ آيا آهيو!“ مون دل ۾ چيو. ۽ آئون ان سان گڏ هلڻ لڳس، اسان ٻنهي اڳيان هڪ ننڍو پارڪ پار ڪري رهيا هئاسين. جنهن ۾ آصف علي مرحوم جو بت رکيل هو! جڏهن آئون ان ڇوڪري سان گڏ هلي رهيو هئس ته مون کي احساس ٿيو ته هو پوري پُني قد جي ڇوڪري هئي. هن جي وارن مان خوشبو اچي رهي هئي. هو ڏاڍي دلڪش هئي ۽ ان جي ساڙهي جو ڪپڙو به ڏاڍو مهانگو هو ۽ ان جي ڪار جو ماڊل صرف ٻه سال پراڻو هو، اسان ٻنهي رستو پار ڪري ان جي ڪار جي پوئين سيٽ تي ويهي رهياسين. ان ڇوڪري ڪار ۾ ويهندي ئي پنهنجي ڪنن مان واليون لاٿيون. پوءِ پنهنجي هٿ مان ڪنگڻ لاٿو، جيڪي سون جا هئا ۽ پوءِ پنهنجو پرس کولي ان مان پنج سؤ رپيا ڪڍي منهنجي هٿ تي رکي چيائين: ”هي کڻو ۽ منهنجي جان ڇڏيو . . .“ ”هي ته تمام گهٽ آهن!“ مون منهن خراب ڪندي چيو. ”پوءِ توهان ڇا وٺندا؟“ مغرور ۽ بدمزاج ڇوڪري سخت لهجي ۾ مون کان سوال ڪيو. ”آئون چاهيان ٿو ته توهان پنهنجو ٻار واپس وٺي وڃو!“ ”اِهو ناممڪن آهي، آئون ڪنواري آهيان!“ ”ڪنواري ته ناهين مگر ائين چئو شادي شده ناهيان!“ ”چلو ائين به سهي پوءِ؟“ ”پوءِ توهان ان ڇوڪري سان شادي ڇو نٿا ڪريو؟ جنهن سان توهان جي ايتري شديد محبت رهي آهي. توهان بيحد حسين آهيو، منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو توهان سان شادي ڇو نه ڪندو!“ ”هو ڪرڻ چاهي ٿو مگر آئون نٿي ڪرڻ چاهيان.“ هو فيصلي واري انداز ۾ چوڻ لڳي. ”شايد توهان جي دل ۾ هُن لاءِ محبت ڪانهي“ مون ان کان پڇيو. ”نه مون کي ان سان محبت آهي.“ ”توهان کي ان سان محبت آهي!!“ مون حيران ٿي چيو. ”توهان سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته توهان ڇو نٿيون چاهيو!“ ”هو غريب آهي منهنجو خرچ برداشت نه ڪري سگهندو!“ ”ته توهان پنهنجو خرچ گهٽ ڪريو!“ ”اِهو ناممڪن آهي.“ اها ڇوڪري فيصلي واري انداز ۾ چوڻ لڳي. ”منهنجي سهيلين وڏن وڏن ماڻهن سان شادي ڪئي آهي، آئون به ائين ڪنديس. آئون نئين دهلي ۾ هڪ تمام وڏي ملازمت ڪندي آهيان، پوءِ آئون هڪ غريب ڇوڪري سان شادي ڇو ڪريان؟“ ”آئي سي،“ مون سوچيندي چيو، ”اڇا توهان هيئن ڪريو هي ٻار توهان ٻنهي جي محبت جو ثمر آهي، ان جي پيءُ کي ڏئي ڇڏيو. مون کي يقين آهي ته هو ان کي توهان جي پيار جي آخري نشاني سمجهي واپس نه ڪندو!“ ”آئون ان کي ٻار ڏئي نٿي سگهان!“ ”ڇو؟“ ”ڇو جو هي ٻار ان جو ناهي، جنهن سان آئون محبت ڪندي آهيان!“ ”جنهن سان توهان کي محبت آهي، هي ٻار ان جو ناهي.“ مون حيرت مان چيو، ”ته پوءِ ڪنهن جو ٻار آهي؟“ ”هي منهنجي هڪ دوست جو ٻار آهي.“ ”معنى هي توهان جو ٻار ناهي؟“ ”هي ٻار ته منهنجو آهي مگر اُن جو ناهي جنهن سان آئون محبت ڪندي آهيان. هن ٻار جو پيءُ هڪ بزنس مين آهي، جيڪو منهنجو دوست به آهي.“ ”ته توهان اُن بزنس مين سان شادي ڇو نٿا ڪريو؟ هو توهان جو خرچ به يقينن برداشت ڪندو ۽ ان غريب ٻار کي پنهنجو پيءُ ملي ويندو!“ ”نه آئون اُن بزنس مين سان به شادي نٿي ڪري سگهان!“ اُها ڇوڪري نهايت سڪون ۽ اطمينان سان چوڻ لڳي. ”هو مون کي پسند ناهي!“ ”جيڪو توهان کي پسند آهي، ان جو هي ٻار ڪونهي ۽ جنهن جو ٻار آهي، اهو توهان کي پسند ڪونهي ته توهان شادي ڪندا ته ڪنهن سان ڪندا؟ توهان جو مسئلو ته تمام ڳنڀير آهي.“ ”خوبصورت ڇوڪرين جا مسئلا جلدي حل ٿي ويندا آهن مسٽر!“ هو مرڪڻ لڳي ۽ ان جا خوبصورت ڏند چند لمحن لاءِ گلاب جي مکڙين جيان نازڪ چپن مان چمڪري رهيا هئا. هو يقينن خوبصورت هئي. هن منهنجي ٻانهن تي ڌڪ هڻندي چيو، ”منهنجي لاءِ پريشان نه ٿيو، مون کي ضرور منهنجي پسند جو مرد ملي ويندو، اهڙو جو منهنجي غريب عاشق جهڙو خوبصورت، منهنجي دوست بزنس مين وانگر مالدار ۽ منهنجي پسند جو به هوندو“ ۽ گاڏي جو دروازو کوليندي چيو، ”۽ هاڻ توهان پنهنجي مال سنڀاليو ۽ گاڏي مان هيٺ لهي وڃو!“ آئون پنهنجي سيٽ تي ڄمي ويهي رهيس! ”اگر ائين آهي ته توهان هن گاڏي مان لهي وڃو.“ ”آئون ڇو لهي وڃان؟“ هُن حيران ٿيندي پڇيو. ”ان لاءِ ته توهان پنهنجي پسند خاطر اگر پنهنجي ٻاهر کي قربان ڪري ٿيون سگهو، ته ان ئي پسند لاءِ توهان کي هي گاڏي به قربان ڪرڻي پوندي. ڇو ته هي گاڏي مون کي پسند آهي. هي گاڏي مون کي لکي ڏي نه ته مون سان گڏ ٿاڻي تي هل.“ ”مسٽر!“ ان ڇوڪري رڙ ڪندي چيو، ”تو کي سڀ ڪجهه ڏئي سگهان ٿي مگر گاڏي نٿي ڏئي سگهان. هن گاڏي لاءِ ته مون ٻار کي جنم ڏنو آهي. منهنجي سڀني سهيلين وٽ گاڏيون آهن. سڀ پنهنجي پنهنجي گاڏين تي فخر سان چڙهنديون آهن ۽ ٻي ڳالهه ته پنهنجي گاڏي جو رعب ڏسينديون آهن. حالانڪه مون کي پوري خبر آهي ته منهنجي ٻن سهيلين گاڏيون بلڪل ائين حاصل ڪيون آهن جيئن مون حاصل ڪئي آهي. مون به بزنس مين سان دوستي ڪئي جيڪو ٻن سالن جي منهنجي پويان پيل هو. هن ڪار لاءِ ته مون ٻار ڄڻيو آهي ۽ توهان چاهيو ٿا ته هي گاڏي توهان ڏئي ڇڏيان! . . . ڪڏهن به نه!“ اها ڇوڪري مون کان وڌيڪ خفا ٿي وئي ۽ هن جو ٺيڪ چهرو وڌيڪ ڳاڙهو ٿي ويو، هو مون ڏانهن شديد نفرت سان ڏسي رهي هئي، جيئن ته مون هن کان گاڏي نه بلڪه هن جي عزت گهري هجي. هو بار بار پنهنجو هيٺيون چپ دٻائي رهي هئي ۽ آئون چپ چاپ ويٺو رهيس، ٿوري دير کان پوءِ هن جي ڪاوڙ گهٽ ٿي. هن پنهنجون نگاهون جهڪائي ڇڏيائين ۽ هلڪي آواز ۾ چيائين، ”هي گاڏي ته آئون نه ڏئي سگهنديس باقي جيڪو توهان چاهيو . . . . . . . “ ”هاڻي ته مان صرف اهيو چاهيان ٿو ته ڪا اهڙي ترڪيب ٿي وڃي، ته جنهن سان توهان جهڙيون مائرون ٻار نه ڄڻين بي بي آسٽن ڄڻين، ريڊيو ڄڻين، ريفريجٽر ڄڻين، مگر ٻار نه ڄڻين. اگر ائين ٿي وڃي ته هن دنيا مان ناجائز ٻارن جو پيدائش جو مسئلو ڪنهن حد تائين حل ٿي وڃي.“ اِهو چئي آئون هيٺ لٿس ۽ هُن جي گاڏي جو در زور سان بند ڪري ڇڏيو ۽ جلدي جلدي اتان واپس هليو آيس. شام تائين ڪوئي نه آيو. پينگهو خالي پيو هو. رات جي اونڌاهي ٿي رهي هئي. دل جي خاموشي گهري ٿيندي ويئي. سوچيم ته واپس وڃان بک به لڳي رهي هئي. اڃا سوچيم پئي ته ايتري ۾ هڪ ميرن گدلن ڪپڙن ۾ هڪ عورت ان پينگهي وٺ آئي، ٿوري دير تائين بيٺي رهي ۽ پوءِ هن جھُڪي پنهنجي گود مان ڪجهه ڪڍيو ۽ پينگهي ۾ وجهي ڇڏيو! ۽ گهڻي دير تائين اتي بيٺي رهي، پوءِ آهستي آهستي واپس وڃڻ لڳي، ڪنڌ جُهڪيل هئس. آئون اُٿي ان جي پويان وڃڻ لڳس ايتري ۾ اُها عورت واپس آئي ۽ ٻار کي پينگهي مان ڪڍي پنهنجي ڇاتي سان لاتائين ۽ پوءِ وري، ٻار کي پينگهي ۾ رکي وڃڻ لڳي. سنگهه برادرز جي موٽرز مرمت ڪرڻ واري گيريج جي سامهون جيڪو رستو لال قلعي ڏانهن وڃي ٿو، انهي رستي تي وڃي مون ان عورت کي سڏ ڪيو. هن کي چادر ويڙهيل هئي. منهنجي سڏ تي بيهي رهي ۽ پنهنجو چهرو ظاهر ڪيائين، ته منهنجي حيراني جي انتها نه رهي. جڏهن مون ڏٺو! جنهن کي آئون عورت سمجهي رهيو هئس، اهو هڪ اڌڙوٽ پوڙهو مرد هو! ان جي چهري تي وڌيل ڏاڙهي هئي ۽ ان جون اکيون شايد روئڻ ڪري سُڄيل نظر پئي آيون. مون هن کان سخت لهجي ۾ پڇيو؛ ”ڪنهن جو ٻار پينگهي ۾ ڇڏي آيا آهيو؟“ چند لمحن لاءِ هو اداس نگاهن سان مون ڏانهن ڏسندو رهيو! پوءِ هو منهنجي پيرن تي ڪري پيو، روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو: ”مون کي معاف ڪريو، حوالدار صاحب!“ ان مون کي پوليس آفيسر سمجهيو ۽ مون کا معافي طلب ڪري رهيو هو، مون به ان جي غلط فهمي کي درست ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. ”ڪنهن جو ٻار آهي؟ مون ان کي وري سختي ۾ چيو. ”جلدي ٻڌاءِ؟“ ”منهنجو ٻار آهي!“ ”ڇا حرام جو ٻار آهي؟“ ”نه سائين منهنجي گهر واري جو ٻار آهي“ ”توهان جي گهر واري جو ٻار آهي، ته پوءِ ان کي يتيم خاني جي پينگهي ۾ ڇو ڇڏي آيا آهيو؟ توهان جي گهر واري ڪهڙي قسم جي ماءُ آهي. ان توهان کي هن ڳالهه جي اجازت ڏئي ڇڏي!“ ”منهنجي گهر واري مري چڪي آهي سائين! ڏهه ڏينهن ٿيا آهن. هڪ مهيني جو ٻار ڇڏي مري وئي! گهر ۾ جو ڪجهه هو، ان جي ڪفن دفن ۾ لڳي ويو. آئون ڇهن مهينن کان بيرزوگار آهيان. ڪٿي ڪو ئي ڪم نٿو ملي. گهر ۾ پنج ٻار آهن. هي ڇهون آهي هڪ مهيني جو ٻار ڪالهه کان بک ۾ تڙپي رهيو آهي. ٽن ڏينهن کان گهر جا سڀئي ڀاتي فاقي ۾ آهن. مگر پوءِ به اسان کير وٺي ايندا هئاسين. ڪلهه رات کان پوءِ ڪٿان به ٻه ڍڪ کير نه مليو. ڪهڙي دنيا آهي هي سائين؟“ ”هتي ننڍي ٻار کي ٻه ڍڪ کير به نٿو ملي. ٽن ڏينهن کان منهنجا ٻار مون سميت بکيا آهن. هو مري ويندا. آئون سمجهان ٿو هو مري ويندا ۽ آئون به مري ويندس. مون سمجهيو ته يتيم خاني وارا ماڻهو منهنجي ٻار جي پرورش ته ڪندا. تڏهن آئون هڪ ننڍڙي جان کي ان پينگهي ۾ ڇڏي آيو آهيان.“ ”تو کي خبر آهي هو اتي ڪيئن رهندو؟ اهو هئڻ جي باوجود سڄي زندگي حرامي ٻار سڏائيندو؟“ ”مگر زندهه ته رهندو حوالدار صاحب! زندهه ته رهندو.“ هن مايوس نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ نظرو جهڪائي ڇڏيائين. آڌي رات پينگهو خالي آهي انسان جي دل وانگر! انسان جي بُک وانگر! آئون ڏاڍو ٿڪي پيو آهيان ۽ مون جيڪو ڪجهه اڄ ڏٺو، اهو ڏسي ڪري گهر به وڃڻ نٿي چاهيم. آئون ٿڪي ڪري پوءِ ان پينگهي ۾ وڃي سمهان مگر پينگهو تمام ننڍڙو آهي ۽ اسان جا گناهه تمام وڏا آهن. ڪرشن چندر سنڌيڪار آصف حسين چانگ