اِيو جِي 3 جيڪا ڊي انسٽال ڪرڻ کانپوءِ، يو ايس بي لڳائڻ سان پاڻمرادو انسٽال ٿي ويندي هئي، سا منهنجي ڊيسڪ ٽاب ڪمپيوٽرتي پهريون ڀيرو پاڻمرادو انسٽال ڪانه ٿي سگھي آهي، شايد ڊرائيور جو ڪو مسئلو هجي يا ڪو ٻيو ـ ونڊو الٽيميٽ 7 لڳل آهي ـ ڇا مينوئل انسٽال ڪجي، جي ها ته ڪيئن ٿيندي؟ يا ڪو ٻيو حل آهي؟ ڪو دوست گائيڊ ڪري ته مهرباني ـ
مون وٽ به انسٽال ڪانه ٿي ٿئي. ڇا ايوو نٿي هلي ؟؟ توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جي برائوزر مان 192.168.1.1 لکي انٽر پريس ڪريو. جيڪڏهن توهان جي ايوو هلندي هوندي ته پيج کُلي پوندو ، اگر نه هلندي هوندي ته پيج نه کُلندو.
شايد اوهان ڪا اهڙي فائيل يا سافٽ ويئر انسٽال ڪيو آهي جيڪو ايوو جي انسٽاليشن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. اوهان پهرين اهو هٽايو ته ان شاء الله انسٽال ٿي ويندي. يا پوءِ اوهان جي سسٽم ۾ وائرس آهي.
سائين مسئلو نبيرجي ويو ـ ڪجهه فائيل ڊليٽ ڪيم ۽ ڊوائس ري انسٽال ڪيم ـ بهرحال مسئلو حل ٿي ويو ـ دوستن جي مهرباني ـ