ٽاڪ منجهند مهل جنهن وقت ڪانون جي اک ٿي نڪتي. هوءَ حور پري جهڙي پوپري ٻهراڙي جي ماحول ۾ پلجندڙ ڳوٺ کان پرڀرو ٻني مان گاهه جي لوسڻ ڪرڻ وئي ته سج ان جي بدن تي ٻري رهيو هو. جسم سڄو پگهر ۾ شل، بدن مان ڀڙڪندڙ جواني جي باهه، ڏکڻ جي گهلندڙ گرم هوا، ڪچڙي وهي جيڪا اڃا جواني جي سرحدن کان به دور. من ۾ محبتون ۽ چاهتن جون چڻنگون اٿيل، پيرن جي ٽور ڊيل وانگر، هلي ٿي ته ڄڻ ڏسندڙن جو ساهه مٺ ۾ پئجيو وڃي. لوسڻ جي ڀري کڻندي ڳرو ڀاسيندي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي پر ڪير به نظر نه آيس، سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳي ته اوچتو ڀرسان ڪنهن اچي شوڪارو ڀريس وڏيري جو ڪمدار جنهن کي هر ڪو ” ڪرمو “ جي نالي سان پيو سڏيندو هو سندس ڀرسان بيٺو هو. ”ها! ڇوري، ڏي خبر ڪهڙن سوچن ۾ گم آهين، ڪنهن يار جي يادگيري آئي اٿئي ڇا؟“ ”نه چاچا، اهڙي ڳالهه ڪانهي. اصل ۾ هي ڀري کڻي نه ٿي سگهان سوچيم ته ڪنهن کي سڏڪيان ته کڻائي.“ ”پر ڇوري! مون کي چاچا نه چئو! “ ”ڀلا ! ماما“ ”نه ماما به نه.“ ”ادي عارف جيڏو ته آهين، ادو چوانءِ نه؟“ ڪمدار جي نيت صفا خراب ٿي. ”ڀلا مان تنهنجي مدد ڪري سگهان ٿو.“ ”ها! ڇو نه، ؟“ ڪمدار ڀري کڻائيندي سندس اڳٺ ۾ هٿ وڌا! هوءَ گهٻرائجي وئي، پر هي شيطان نه مڙيو. سٽ ڏئي پاڻ بچائي ورتائين. ڪرمو ايلاز ۽ منٿون ڪرڻ لڳس. پر هماليا، ڪڏهن جهڪندو ناهي هوءَ خاموش سڏڪن کي پنهنجي نڙي ۾ دٻائي گهر آئي. دل ۾ سوچن جو سمنڊ اٿلي رهيو هوس ، عزت ۾ هٿ وجهڻ وارو سوال هن کان ننڊ کسي ورتي. سوچيائين پئي ته امان کي ٻڌايان پر مون تي اعتماد ڪندي؟ ائين ته نه چوندي ڇوري! پاڻ وڃي ڪارو منهن ڪري آئين ۽ هاڻي وتين ٿي راڄن کي ويڙهائڻ! ڪيترائي سوال اڀرندا ۽ ذهن تي لهندا رهيس پر هوءَ ڪو به حتمي فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. اهڙي ڪِريل حرڪت کانپوءِ هن گاهه پٽڻ کان نهڪار واري آيت پاڻ تي شوڪاري ڇڏي. ڪيترن ئي مهينن وهامي وڃڻ کانپوءِ نيٺ مائٽن جي گهڻي زور ڀرڻ تي لوسڻ لاءِ وئي. ساڳي ٻني، ساڳيو هنڌ، اهو ئي ڪرمو ڪڍ لڳيس. هن ڳالهائڻ نه چاهيو پر ڪرمو اڳرائي ڪري چيس ٻڌ! مون کان غلطي ٿي آئيندي ائين نه ٿيندو. من ۾ مير نه هئس مير مان هوءِ ڇا ڄاڻي، اڃا ته گلشن ۾ گل ئي نه ٽڙيا هئا. گلاب جي خوشبوءِ رڳو سنگهڻ لاءِ هوندي آهي پر جي ان کي پٽي ڇڏجي ته خوشبوءِ نه رهندي آهي.هن ڪرمو سان ڪڇڻ بنا هليو وئي ٻني ڏانهن پر هو ڪتي وانگر ڪڍ پيس اوچتو ڪنهن پويان ٻک وڌس ڪمند جي فصل ۾ هرڻي جي ٻچي کي ڄڻ شڪاري ڪيرائي وڌو هجي. هن رڙيون ڪيون پر وات بند. ڪرمو ڪتي وانگر چڙهي ويس بخملي بدن تي رانڀاٽن جا نشان، نرڙ تان رت جو ٽمڻ، ڪو صبر نه.سهڪو، سڏڪا، نه آسمان لرزيو نه وري ڌرتي ڌٻي. ڪرمو پنهنجو ڪارو منهن ته ڪيو پر هن ويچاري جو ان کان اڳ ساهه جي تند موڪلائي وئي. ڏاڍو پڇتاءَ ٿيس نياڻي جيڏي سان، پاڻ کي ٻاهر معتبر سمجهڻ وارو ڪرمو اندر جو پليد نڪتو. نيٺ ڏوهه کي لڪائڻ لاءِ ڪمند جي فصل ۾ هن جو لاش اڇلائي پاڻ نڪري ويو. غريب جي نياڻي جو ڪيس نه فرياد.انڪوائري نه ٽيمون جڙيون، نه ڪنهن ڪرائيم تي زور ڏنو. سواءِ صبح جي اخبارن ۾ پڙهندڙن کي هڪ ڪالم جي سرخي ملي ته ڳوٺ جي ڪمند واري فصل ڀرسان نوجوان ڇوڪري جو پوليس کي تشدد ٿيل لاش مليو. بالاچ شاهاڻي