• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو تعارف

سهڻي سنڌ

سينيئر رڪن
منهنجو نالو سنڌ آهي، منهنجي ڄمڻ جي تاريخ جي صحيح خبر ناهي پر ايترو علم اٿم ته مان انهن ڏينهن کان وٺي هن سنسار جو حصو رهي آهيان جهن اڃان انسان مهذب به ڪونه هئا، مان پالڻهار جي انهن عظيم ڪرشمن منجھان هڪ آهيان جن کي خلقڻهار سونهن جو اعلى مثال بڻايو هيو. پر هاڻي ڪجھ سالن کان وٺي ڪجھ مفاد پرست ٽولن مختلف نعرا هڻي منهنجي تاريخي حيثيت ۽ حسن کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ليڪن مان انهن کي اهو پيغام ٿي ڏيان ته تاريخ گواھ آهي ته مونتي جيترا به حاڪم حڪمراني ڪندي گذريا آهن مان ڪنهن جي به ذاتي خواهش پوري ناهي ڪئي مان زمين تي ئي ان ڪري آهيان ته منهنجي دامن ۾ وسندڙ هر سنڌي ٻئي سنڌي سان هڪ ٿي رهي باقي ويڙھ، فساد،دنگا ۽ خون خرابا ڪندڙ ماڻهو منهنجي سهڻي ۽ حسين تهذيب تي بد نما داغ آهن مان کين ڪڏهن به نه بخشيندس تاريخ کين اهو پيغام ضرور ڏيندي ته سنڌ ولين ، عالمن ، دانشورن ۽ مهذب انسانن جي جاگيرآهي. ظالمن لٽيرن ڌاڙيلن کي هو ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پهرئين مرحلي ۾ ايترو کوڙ آهي ها هڪ اهم ڳالھ ته سڀ سنڌي گڏجي مون تي رهندڙن مٿان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلمن خلاف هڪ آواز ٿي اٿو پوءِ جيڪا قيمت ادا ڪرڻي پئي مان ادا ڪنديس پوءِ ڀلي ان لاءِ پنهنجا ڪونڌر ئي قربان ڪرڻا پون
 
سهڻي سنڌ جا سهڻا لفظ
سهڻي سنڌ سنڌ سلامت جي پنهنجي فورم ۾ ڀليڪار
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سهڻي دوست گُل جا لفظ دُهرائيان ٿو..
سهڻي سنڌ کي سنڌ سلامت جي هن سرهي پليٽفارم تي دل جي عميق گهرائين ۽ اکين جي نماڻائي سان ڀليڪار، اميد ته توهان اسان کي پنهنجي لکڻين سان مستفيض فرمائيدا.
 
ادا اوهان سڀني مهربانن جي مهرباني اوهان جوان ئي منهنجو سرمايو آهيو اوهان جهڙن ڏاهن مان ئي اميد آهي ته هرموڙ ۽ ميدان تي منهنجي لڄ رکندي دنيا جي ترقي يافته قومن ۾ پاڻ ڳڻائيندو
 
Back
Top