عبدالخالق جوڻيجو چيو ويندو آهي ته اڄ جا واقعا سڀاڻي جي تاريخ ٿيندا آهن، تنهن ڪري قلمڪار لاءِ اهو لازمي آهي ته هو اڄ جي واقعن کي درست طريقي سان ۽ حقيقتن جي بنياد تي رڪارڊ ڪري، پنهنجي خواهشن مطابق انهن کي پيش نه ڪري. جيڪڏهن ڪن معاملن بابت وٽس صحيح ۽ مڪمل معلومات ناهي ته اهو مٿس فرض ٿئي ٿو ته لکڻ کان پهرين حقيقتون چڱي طرح معلوم ڪري. جيڪڏهن تاريخي واقعن جو تعلق عبدالواحد آريسر جهڙي ماڻهوءَ سان هجي ته انهن جي اهميت اڃا وڌيڪ ٿي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته هُن پنهنجي سياسي جدوجهد جو بنياد ئي سنڌ جي تاريخ کي بڻايو. هڪ طرف هُن تاريخي واقعن ۽ تاريخي ڪردارن مان اتساهه ورتو ته ٻئي طرف هن حاڪم ٽولن طرفان مسخ ڪيل سنڌ جي تاريخ کي درست ڪري پنهنجي دور جي نوجوان نسل آڏو پيش ڪيو. هاڻي جيڪڏهن خود آريسر صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد سان لاڳاپيل واقعن کي ئي مسخ ڪري پيش ڪجي ته اها ٽه طرفي زيادتي ٿيندي، عبدالواحد آريسر سان، سنڌ جي تاريخ سان ۽ سنڌ جي ايندڙ نسل سان. بيشڪ عبدالواحد آريسر سنڌ جو سيلاني هئو. هُن تمام گهڻي سنڌ گهمي، تمام گهڻن ماڻهن سان مليو ۽ تمام گهڻا ماڻهون هن سان مليا. پنهنجي شخصيت، گفتگو، ڄاڻ ذريعي هُن بيشمار ماڻهن کي متوجه ۽ متاثر ڪيو جن مان ڪيترائي سندس دوست ٿي ويا. ٻيا اڃا ڪيترا اهڙا به هئا جن سان هو مليو ته ڪونه هئو پر سندس تقرير ۽ تحرير کان متاثر ٿي سندس مداح ٿي پيا هئا. جڏهن اهڙو ماڻهو گذاري ويو ته انهن مان گهڻي کان گهڻا ماڻهو ساڻس پنهنجي ملاقاتن، تعلق ۽ سندس شخصيت، صلاحيتن ۽ ڪردار بابت لکڻ چاهن ٿا. ان کان علاوه صحافي دوست وري پنهنجون پروفيشنل ذميواريون نڀائيندي لکن ٿا. گذريل هفتي سندس وفات کانپوءِ سندس حوالي سان اخبارن ۾ بيشمار خبرون، مضمون، تاثر ۽ پروفائيل ڇپيا آهن. مان اُهي سڀ ته نه پڙهي سگهيو آهيان، پر جيڪي منهنجي نظر مان گذريا آهن انهن ۾ الاهي ساريون واقعاتي غلطيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڄاڻي واڻي ۽ پنهنجي شخصي خواهش تحت ائين ڪيو آهي ته اهو ته عظيم گناهه ۽ تاريخ سان ويساهه گهاتي آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن اڻڄاڻائيءَ ۾ ۽ ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي اهي غلطيون ڪيون آهن، تڏهن به اهو ڏوهه آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ڏاهي جو قول آهي ته اڻڄاڻائي خود هڪ ڏوهه آهي. مان گذريل 45 سالن کان سنڌ جي سياسي ميدان ۾ ٿيندڙ هلچل جو نه رڳو اکين ڏٺو شاهد آهيان پر ان جو گهرائيءَ سان جائزو به وٺندو رهيو آهيان، جڏهن ته ان عرصي دوران خاص ڪري قومي تحريڪ جي سرگرمين ۽ واقعن جو مان پاڻ حصو ۽ شريڪ ڪار رهيو آهيان. ان کان علاوه آريسر صاحب سان ذاتي طور بحيثيت جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪن ۽ دوست جي تمام گهڻو ويجهو رهيس. ان حوالي سان مان پنهنجو فرض ٿو سمجهان ته منهنجي ڄاڻ ۾ ايندڙ تاريخي غلطين جي نشاندهي به ڪريان ۽ انهن کي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ صحيح تناظر ۾ به پيش ڪريان. پهرئين ئي ڏينهن آريسر صاحب جي وفات کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ هڪڙي سينيئر صحافيءَ، جيڪو سندس دوست به رهيو ۽ جيئي سنڌ محاذ سان به وابسته رهيو، ان پنهنجي اخبار ۾ سرخي لڳائي ته 1977 ۾ جي ايم سيد جيئي سنڌ تحريڪ ٺاهي ۽ عبدالواحد آريسر کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو، اها بلڪل غلط خبر آهي نه ته 1977 ۾ جي ايم سيد جيئي سنڌ تحريڪ نالي ڪا تنظيم ٺاهي ۽ نه ئي عبدالواحد آريسر کي ڪنهن به تنظيم جو چيئرمين مقرر ڪيو. حقيقت اها آهي ته مارشل لا لڳڻ کانپوءِ 1977 جي آخر ۾ قومي جدوجهد بابت غور ويچار ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪجهه ساٿين جي ميٽنگ گُهرائي اتي اڳ ۾ ئي موجود پر غير متحرڪ جيئي سنڌ محاذ کي نئين سر متحرڪ ۽ منظم ڪرڻ خاطر هڪ آرگنائيزنگ ڪميٽي ٺاهي ويئي جنهن جو ڪنوينر جناب عبدالواحد آريسر کي منتخب ڪيو ويو. هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ دنيا جي مقبول ترين ۽ مشهور ترين نشرياتي اداري بي بي سي اردو سروس جي ويب سائيٽ تي عبدالواحد آريسر بابت رياض سهيل جو آرٽيڪل شايع ٿيو. هونءَ آرٽيڪل تمام سٺو هئو پر ان ۾ به اها ساڳي غلطي هئي ته آريسر کي جيئي سنڌ تحريڪ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. رياض سهيل جيئن ته هڪ وڏي پر آزاد اداري ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت منهنجي پراڻي دوست سهيل سانگيءَ جو پٽ آهي تنهن ڪري ان طرفان ڪاوڙجڻ جو خطرو نه سمجهندي کيس فون ڪيم. ان غلطيءَ جي نشاندهي ڪرڻ جي جواب ۾ چيائين ته مونکي ته اها معلومات جيئي سنڌ جي ”فلاڻي“ سينيئر اڳواڻ ڏني. اهو دوست واقعي جيئي سنڌ اندر تمام سينيئر آهي ۽ آريسر صاحب کي ويجهو هئڻ سان گڏ جيئي سنڌ محاذ ۾ به 18 سالن تائين نهايت متحرڪ ۽ ذميوار جاءِ تي رهيو. ان طرفان اهو سڀ ڪجهه غلطيءَ ۾ يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿيو هجي اهو يقين ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي ۽ پوءِ هُن ائين ڇو ڪيو، اهو به پَڪ سان چوڻ آسان ناهي. وري حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ اهم اخبار ۽ هڪ دوست جو تفصيلي خط ڇپيو جنهن ۾ ته هڪ کان وڌيڪ غلطيون هيون اها انفرميشن (معلومات) ان دوست خبر ناهي ڪٿان آندي ڇاڪاڻ ته اهي ساڳيون ڳالهيون ڪجهه ٻين اخبارن ۾ به ڇپيل هيون. هڪڙي ڳالهه اها لکيل آهي ته ”عبدالواحد آريسر 1972 ۾ سائين جي ايم سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر شپ جو فارم ڀريو“ اها بلڪل غلط ڳالهه آهي، ان اجلاس ۾ مان پاڻ موجود هئس جڏهن ته عبدالواحد آريسر ان ۾ شريڪ ئي ڪونه هئو ته ميمبرشپ فارم ڪيئن ڀريائين ۽ نه ئي ان اجلاس ۾ فارم موجود هئا. خط ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته ”1977 ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙجڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو، 1998 تائين مرڪزي آرگنائيزر رهيو“. ٻڌل ڳالهين کي بغير غور ڪرڻ جي اڳتي وڌائڻ جو نتيجو اهڙو ٿيندو آهي. ڪٿي ائين ٿيندو آ ته ڪو ماڻهو 13 سال آرگنائيزر رهي ؟ درست ڳالهه اها آهي ته هو هڪ سال لاءِ آرگنائيزر/ڪنوينر رهيو، ان کانپوءِ چيئرمين چونڊيو ويو. اڃا وڌيڪ اهو همراهه لکي ٿو ته ”1992 کان 1995 تائين چيئرمين رهيو“ اهو به غلط آهي. جيڪڏهن لکڻ کان پهرين اهو همراهه جيئي سنڌ محاذ بابت ڪجهه پڙهي وٺي ها ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته جيئي سنڌ محاذ ۾ هر ٻن سالن کانپوءِ چونڊون ٿينديون آهن. 1991 ۾ سيد غلام شاهه چيئرمين منتخب ٿيو جيڪو 1993 تائين رهيو جنهن کان پوءِ وري عبدالواحد آريسر چيئرمين چونڊيو ويو. ان کان علاوه جنرل ضيا جي دور ۾ کيس 1978 ۾ نه پر 1979 ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻه سال جيل ڪاٽڻ کانپوءِ 1981 ۾ آزاد ٿيو. هڪ ٻيو همراهه جيڪو صحافي آهي تنهن ڪراچيءَ مان نڪرندڙ اهم سنڌي اخبار ۾ مضمون لکيو. سندس چوڻ آهي ته 1980 واري ڏهاڪي ۾ سندس گهر تي سياسي اڳواڻ، اديب ۽ صحافي ايندا هئا انهن ۾ عبدالواحد آريسر به شامل هئو. اڳتي هلي هو لکي ٿو ”1992 ۾ شهيد بشير خان قريشي سان سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي، اتي عبدالواحد آريسر سان به ملاقات ٿي. مون ڏانهن نهاري هو بشير خان کي چوڻ لڳو ته توکي هن جي ماڙي واري گهر جون يادگيريون هونديون جڏهن اسين اتي جمع ٿي ميلا مچائيندا هئاسين“ حقيقت اها آهي ته 1992 ۾ عبدالواحد آريسر حيدراباد جيل ۾ هئو ئي ڪونه، بلڪل جيل ۾ ئي ڪونه هئو، پوءِ اهي حوال ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيائين ؟ اصل ۾ 1992 جي آخر ۾ آريسر کي خفيه ايجنسين وارا کڻي ويا ۽ 8-7 مهينن تائين هو گم ٿيل (Missing)رهيو. ان دوران ڪورٽن ۾ پٽيشنون به داخل ڪيون ويون پر ڪو پتو ڪونه پيو. آخرڪار هڪ ڏينهن اڻڄاتل اداري جا ماڻهو کيس منهنجي ڪراچيءَ واري گهر جي ٻاهران ڇڏي ويا. ٻي ڳالهه ان دوست جيڪا بشير خان قريشيءَ سان گفتگو جي باري ۾ لکي آهي، ان حوالي سان حقيقتون هي آهن ته 1980 واري ڏهاڪي جي وچ واري دور ۾ بشير قريشي صاحب وڏو ليڊر هئو ئي ڪونه، هو شاگردن جي جنهن گروپ سان هئو اهي قومي تحريڪ اندر عبدالواحد آريسر جا سخت مخالف هئا ۽ کيس ”سيد جو انڪاري، مُلو“ شنگورو ۽ بزدل (عدم تشدد جي ڪري) چوندا هئا. اهڙي صورت ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته عبدالواحد آريسر بشير قريشيءَ سان ميلا مچائيندو هجي. محترم آريسر جي حوالي سان لکندڙ دوستن جي سهولت لاءِ مان هتي سندس سياسي پروفائيل ڏيان ٿو جيڪو نهايت مختصر آهي ڇاڪاڻ ته هو اهڙو شخص ڪونه هئو جيڪو پارٽيون، پاسا يا وفاداريون بدلائيندو رهي. هو 69-1968 کان سنڌ جي قومي تحريڪ سان وابسته ٿيو ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي شخصيت کان تمام گهڻو متاثر هئڻ جي باوجود سياسي طور سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽جدوجهد سان لاڳاپيل رهيو. 1970 واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن دوران هو قومي تحريڪ جي سرگرمين ۾ شريڪ ته هوندو هئو پر تنظيمي طور وابسته ڪونه هئو. هتي آئون اڄ آريسر صاحب جي سياسي جدوجهد جي هڪ اهڙي مرحلي جو ذڪر ڪيان ٿو جنهن جي ٿورن دوستن کي خبر آهي. ٿيو ائين ته 1970 جي ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ محاذ موجود ته هئو پر منظم ۽ متحرڪ ڪونه هئو. ان دور جي رواج ۽ تقاضا مطابق اسان ڪجهه دوستن گڏجي هڪ خفيه تنظيم ٺاهي جنهن جو نالو سنڌ قومي انقلابي محاذ رکيو ويو. اها تنظيم ”S“ جي نشان سان هڪ سائيڪلو اسٽائيل پمفليٽ ڪڍندي هئي جنهن ذريعي اها پنهنجو پيغام خفيه نموني ماڻهن تائين پهچائيندي هئي. ان جي ٺاهڻ ۾ عبدالواحد آريسر جو مکيه ڪردار هئو ان جي ٻين بنيادي ميمبرن ۾ مان، تاج جويو، عطاءُالله انڙ، قربان جتوئي، منظور قاضي، نذير مڱڻهار ۽ افضل جامي هئاسين جڏهن ته امداد قاضي، غلام قادر مرناڻي، خير محمد لغاري ۽ ڪجهه ٻيا دوست بعد ۾ ان جا ميمبر ٿيا. 1976 ۾ جڏهن عبدالواحد آريسر گرفتار ٿيو ته ان جي آزادي لاءِ چاڪنگ، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ان تمظيم ڪئي هئي پر نالي جيئي سنڌ محاذ جي سان. باقاعده تنظيمي طور متحرم آريسر جيئي سنڌ سان ڊسمبر 1977 ۾ وابسته ٿيو جڏهن سن ۾ ٿيل اجلاس ۾ کيس جيئي سنڌ محاذ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو، ان عهدي تي هڪ سال رهڻ کانپوءِ هو پارٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو. ان کانپوءِ هر ٻئي سال چيئرمين چونڊبو رهيو 1995 تائين ان وچ ۾ هڪ ٽينيوئر 1991 کان 1993 تائين سيد غلام شاهه محاذ جو چيئرمين جڏهن ته عبدالواحد آريسر سپريم ڪائونسل جو ميمبر رهيو 1995 ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ ٺهندڙ نئين پارٽي جيئي سنڌ قومي محاذ جوهڪ سال لاءِ چيف آرگنائيزر ۽ پوءِ ٻن 1996 کان 1998 تائين ان جو چيئرمين رهيو جڏهن ته ٻن سالن لاءِ هو ان پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو ۽ باقي وقت جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر شايد 2005 يا 2006 ۾ سياسي اختلافن سبب بشير خان قريشي ۽ عبدالواحد آريسر جا رستا جدا ٿيا ۽ آريسر صاحب پنهنجي حصي واري جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين ٿيو، جنهن حيثيت ۾ هو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين رهيو.