دوستو منهنجي ڪمپيوٽر ۾ وندوز سيون انتسٽال ٿيل آهي جنهن ۾ سسٽم بار بار هينگ ٿي وڄي ٿو جڏهن ته ونڊوز اڪس پي درست هلي ٿو.... اها خرابي ڪيئن دور ڪجي؟؟؟؟
ڪور ٽو ڊو ڊيل ڪمپني جو آهي . . ... مني ڏيسڪ ٽاپ .. 1 گيگا ريم....80 جي بي هارذ ڏسڪ وغيره وغيره آهن ... وڌيڪ جيڪا ڄاڻ گهربل آهي پچا ڪريو .... مونکي ايتري ڄاڻ نه آهي ڪمپيوٽر سسٽم بابت ... بس رڳو ونذوز سي ڊي انسٽال ڪرڻ وغيره جي ....
ادا اوهان شايد سسٽم ۾ مواد ڪافي رکيو آهي، مطلب ڊيٽا ايتري آهي جو سسٽم ساه نه ٿو کڻي سگهي. غير ضروري سافٽ ويئر ختم ڪريو ۽ سي ڊرائيو ۾ پنهنجي ڊيٽا بلڪل نه رکو. انڃان به مسئلو حل نه ٿئي ته پو اهو ڏسو ته آخري ڀيرو سسٽم ڪڏهن صحيح ڪنڊيشن ۾ هليو هو ۽ اوهان اهڙو ڪهڙو سافٽ ويئر انسٽال ڪيو آهي جنهن کان پو اهو مسئلو ٿيو آهي. هينگ ٿيڻ کان اڳ اوهان جيڪو سافٽ ويئر انسٽال ڪيو اهو ختم ڪري وري ري اسٽارٽ ڪري ڏسو ان شاء الله مسئلو حل ٿي ويندو. وڌيڪ رهنمائي لا جادوگر سمي جو انتظار ڪريو.
محترم ادا طاهر سنڌي ڀا گهڻا واڪا ڪري فورم ۾ جوابي ڪاروائي پئي واجهايم پر شافي جواب نه اچڻ تي نيٺ نااميد ٿي سي.پي.يو کي ڪلهي تي کڻي ڪمپيوٽر واري وٽ ويم ۽ پنهنجي ان مسئلي مان جان آجيٍ ڪرايم . . . .. هڪ دوست سائين عبيد ٿهيم جيڪو تازو پنهنجو مسئلو پيش ڪيو آهي جو ان وٽ جيڪو ايرر اچي پيو ساڳيو مسئلو منهنجي سي پي يو ۾ ونڊوز سيون ۾ اچي رهيو هو . . . . . ۽ ان سان گڏ سسٽم پڻ هينگ ٿي رهيو هو . .. .. . پر هاڻي مسئلو حل ٿي ويو آهي . . . الحمدلله